مصور ڪٿا: مصدق ڀٽو
ملڪي معيشت جي شهه رڳ سمجھيو ويندڙ شھر ڪراچي جنھن ۾ عالمي ساک رکندڙ پاڪستان اسٽيل مل ماضي ۾ عروج رکندڙ اسٽيل مل پنھنجو مٽ پاڻ رھي. ان جي سر سبز شاداب ۽ خوبصورت ڪالوني جيڪا ملڪي تاريخ جي پھرئين جديد سھولتن سان آراستہه سمجھي ويندڙ ڪالوني جيڪا اسٽيل ٽائون جي نالي سان سڃاڻپ رکي ٿي، ان جي خوبصورتيءَ ۽ روشنين ۾ بنگل ديرو لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ھڪ علمي گھراڻي ۾ جنم وٺندڙ مصدق ڀٽو جنھن جو والد بدرالاسلام ڀٽو ، پاڪستان اسٽيل مل ڪالونيءَ جي اسڪول ۾ پرنسپال جي عھدي تي فائز رھيو.
مصدق ڀٽو پيشي جي لحاط کان ھڪ ڊزائنر آھي. سندس شخصيت ڊزائن جي نمونن ۽ مختلف ۽ رنگن وانگر پرڪشش آھي، جنھن جو مزاج ڊرائن جي ترتيب وانگر ئي هڪ ھموار آھي. ان جا لفظ ڊزائنن ۾ ردھم وانگر ردھم ۾ ۽ پنھنجي مقصد تي فوڪسڊ آھن. پاڻ 1987 ۾ پاڪستان اسٽيل مل ڪالوني ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم 1995 کان 2007 تائين گورنمينٽ اسڪول ۽ ڪاليج ڪراچي مان حاصل ڪئي. مصدق ڀٽو ڏھين جماعت کان ٻارھين جماعت دوران سائنس مضمونن ۾ دلچسپي نہه وٺي سگھندو ھو، ان جو سبب شايد اھو ھو جو ھو ننڍپڻ کان ئي درسي ڪتابن جي تصويرن کان متاثر ٿي انھن ۾ گھڻي دلچسپي وٺندو رهيو.
مصدق ڀٽو جي ڏھين کان ٻارھين جماعت وارو دور ملڪ ۾ ڪمپوٽر ۽ ٽيڪنالاجي جو شروعاتي دور ھو ان وقت ڪمپيوٽر عام جام ۽ هر آفيس ۽ گھر جي زينت ھوندو ھو، جنھن جي ڪري مصدق ڀٽو جو لاڙو بہه ڪمپيوٽر سافٽ ويئر طرف ٿيو ۽ متاثر ٿيندڙ درسي ڪتابن جي تصويرن کي ڪمپيوٽر ذريعي نئون رنگ روپ ڏيڻ چاھيندو ھو.
2008 ۾ مصدق ڀٽو جو وڏو ڀاءَ جيڪو پڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو شاگرد ھو (جيڪو اڄڪلھه آمريڪہا جي ھڪ سائنسي اداري ۾ بطور سائنسدان ڪم ڪري رھيو آھي) پنھنجي دوستن سان گڏ يونيورسٽي جي ڪنھن پروجيڪٽ جي سلسلي ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس آرٽ ۽ ڊزائن ۾ اچڻ ٿيو، جنھن آرٽ ڊزائن جي شعبي مان متاثر ٿي مصدق ڀٽو جي دلچسپي ڏسندي کيس اتي داخلا حاصل ڪرڻ جو مشورو ڏنو. مصدق ڀٽو جي ڀاءَ جو اھو دورو ئي ان جي لاءِ آرٽ ۽ ڊزائن طرف اچڻ جو سبب بڻيو.
آرٽ ۽ ڊزائن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ مصدق ڀٽو اسٽيل مل ڪالوني ۾ قائم ھڪ سينٽر پھتو جتي پھريون دفعو سڪندر جوڳي جي استاديءَ ۾ آرٽ جي بنيادي تعليم حاصل ڪئي. آرٽ ۾ بنيادي سکيا حاصل ڪرڻ کان پوءِ اجازت نہه ملڻ جھڙن ڪجھه ڏکين ۽ مشڪل مرحلن کانپوءِ ڀاءَ جي حوصلا افزائي ۽ مدد سان 2008 ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس آرٽ اينڊ ۽ ڊزائن موجوده (SABS) يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڪميونيڪيشن ڊزائن ۾ داخلا حاصل ڪئي، جتي ماھر استادن جي نگراني ۾ گرافڪس ۾ مھارتون حاصل ڪيون ڊزائن، خطاطيءَ سان گڏو گڏ فائن آرٽس جي مضمونن جھڙوڪ ڊرائنگ ۽ مجسمه سازي (اسڪلپچر ) ۾ بہه گر حاصل ڪندو رھيو ۽ 2011 ۾ عالمي منشيات ڏينھن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ واري سيمينار کي انٽرايڪٽو ڊزائنن ۽ پوسٽرن ۾ ترتيب ڏنو، پنھنجي ماھراڻا ڊزائنن سبب ڪميونيڪيشن ڊزائن ۾ ٽاپ ڪندي ڊگري حاصل ڪري پاڻ کي بطور ذزائنر متعارف ڪرايو.
مصدق ڀٽو پنھنجي سڀني استادن جو ذڪر ڏاڍي فخر سان ڪندو آھي، پر جن جو ذڪر گهڻو ڪري ڪندو ۽ گڻ ڳائيندو رھندو آھي انھن ۾ سيلم جھتيال، ڄام ڏيپر ۽ حسين چانڊيو شامل آھن. مصدق ڀٽو يونيورسٽي ۾ ڪيترن ئي ناميارن ھمعصر مصور ۽ ڊزائنر جي سنگت ۾ رھيو، جنھن کي ھو پنھنجي لاءِ اعزاز سمجھندو آھي. هن ڊگري حاصل ڪرڻ کانپوءِ فريلانسر ۽ ھڪ ايڊورٽائزنگ ڪمپني لاءِ ڊيزائنر طور ڪم ڪيو. 2014 کان 2017 تائين گورنمينٽ ٽيچر پڻ رھيو. 2017 ۾ اعلي حاصل ڪرڻ لاءِ چائنہا روانو ٿيو، جتي ان چونگنگ يونورسٽيءَ ۾ پبلڪ آرٽ ۾ داخلا حاصل ڪئي، جتان ھن 2020 ۾ پبلڪ آرٽ ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي.
مصدق ڀٽو ماسٽر ڊگريءَ ۾ ڪراچيءَ جي قديمي گهٽين تي تحقيق ڪئي، جنھن ۾ قديمي ڪمرشل گهٽيون جيئن زيب النساءَ اسٽريٽ، برنس روڊ، طارق روڊ اسٽريٽ، شامل آھن، جنهن ۾ ھن ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي تہه ڪيئن انھن عوامي جڳھن کي پبلڪ آرٽ ۾ ضم ڪري ماڻهن لاءِ پرڪشش جڳهه ٺاهي سگهجي ٿي.
مصدق ڀٽو ڪجھه عرصو چونگنگ يونيورسٽي چائنا ۾ پنھنجي استاد پروفيسر گوو زيانگ سان گڏ بطور ريسرچ اسٽنٽ ڪم ڪيو ۽ پبلڪ آرٽ ۾ تحقيق سان گڏو گڏ تخليقي عمل ۾ مصروف رھيو ۽ پبلڪ آرٽ جا ڪيترائي پروجيڪٽ مڪمل ڪيا.
مصدق ڀٽو پنھنجي استاد گوو زياچنگ کان بيحد متاثر آھي، جيڪو پبلڪ آرٽ ۾ عالمي سطح تي مھارت ۽ شھرت رکي ٿو.
مصدق ڀٽو پاڻ بہه ٽي رُخي آرٽ (3D)جھڙوڪ اسڪلپچر ۽ انسٽاليشن ۾ گھڻي دلچسپي رکندو آھي ۽ پنهنجي ڪم ۾ پنھنجي استاد ۽ ملڪي نامياري مجسمه ساز فقيرو جي مھارتن کي پروڙڻ جي ڪوشش ڪندو آھي.
پبلڪ آرٽ ۾ تعليم ھجڻ سبب ملڪي سطح تي پبلڪ آرٽ ڪندڙ جي کوٽ کي محسوس ڪندو رھندو آھي.
مصدق ڀٽو 2022 ۾ اروڙ يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ھيريٽيج ۽ ڪلچر سکر ۾ وزيوئل آرٽ جي شعبي ۾ بطور اسسٽنٽ پروفيسر تدريسي عمل سان جوڙيو، جتي پنھنجي پيشه ورانه مھارتن کان ايندڙ نسلن کي مستفيد ڪندو رھندو آھي.
اڄڪلھه ھنان يونيورسٽي جي فائن آرٽ اڪيدمي ۾ بطور PhD اسڪالر داخل آھي، جتي فوڪ آرٽ تي تحقيقي عمل ۾ مصروف آھي، جنھن ۾ ھو پاڪستان جي ٽرڪ آرٽ ۽ روايتي ڀرت جي نمونن کي فوڪس ڪري رھيو آھي، انھي سان گڏ ان جي تحقيق جي توجهه پاڪستان ۾ ٿيندڙ فوڪ آرٽ جي باريڪين تي بہه مرڪوز آھي، گڏو گڏ پنھنجي يونيورسٽيءَ جو آن لائن تدريسي عمل بہه جاري رکي رھيو آھي.
مصدق ڀٽو ماسٽر ۽ پي ايڇ ڊي جي تعليم اسڪالرشپ تي حاصل ڪري ايندڙ نسلن لا۽ ھڪ مثال قائم ڪري معاشري ۾ ان تاثر کي رد ڪيو تہه آرٽ جي شعبي ۾ موقعا تمام گھٽ ھوندا آھن. مصدق ڀٽو پنھجي محنت ۽ لگن سان ايندڙ نسلن لاءِ اھو پيغام ڇڏيو آھي تہه ٻين شعبن سان گڏ آرٽ ۾ بہه ايترا ئي موقعا حاصل ڪري سگھجن ٿا جيترا سائنس ۽ ميڊيڪل ۾ حاصل ھوندا آھن.