آرٽ گئلرينئون

مصور ڪٿا: شفقت قمبراڻي

برصغير جو قديم تاريخي شھر حيدرآباد جيڪو علم، فن، ادب، واپار ۽ حسن جي لحاظ کان ھڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿو، جنھن جي خوبصورتي ۾ ڪيترين ئي ناميارين شخصيتن جو جنم ٿيندو اچي ٿو، جن جو ذڪر دنيا جي تاريخ جي بابن ۾ بہه واضح ملي ٿو. ورھاڱي کان پوءِ ڪجھه شخصيتون هند لڏي ويون تہه ڪجھه سنڌ ۾ ئي رھي پيون جن سان ڪيتريون ئي ڪھاڻيون جڙيل آھن، جن کي جيڪڏهن بيان ڪجي تہه ڏينھن جا ڏينھن لڳي ويندا ختم نه ٿينديون. حيدرآباد جو ھر حصو، ھر پاڙو، گھٽي، چوڪ، رستو تاريخ جي انھن ڪھاڻين سان ڀريل آھن جيڪي پنھنجي پنھنجي لڳ سڃاڻپ رکندي ڏسڻ وارن کي تاريخ جي ان دور طرف وڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏين ٿيون. تاريخ جي انھن قديم حصن مان ھڪ حصو ٽنڊو مير غلام حسين بہه آھي جيڪو پنھجي اندر تاريخ جي عروج ۽ زوال جون لاتعداد ڪھاڻيون سمائي اڄ به قائم ۽ دائم آھي.
ٽنڊو مير غلام حسين جي ڪيترن ئي ڪھاڻين مان ھڪ ننڍڙي ڪھاڻي مجسما ساز (سنگتراش) شفقت قمبراڻي جي بہه آھي جنھن جي طبيعت حيدرآباد جي شھرت رکندڙ چوڙين وانگر جگمگ، چمڪندڙ نازڪ ۽ نفيس آھي، سندس مزاج حيدرآباد جي مشھور ھوائن جيان ٿڪاوٽ لاھيندڙ ٿڌي، گرام ھوائن وانگر ئي ٿڌو گرم آھي. شفقت قمبراڻي 1981 ۾ ٽنڊو مير غلام حسين جي ھڪ علمي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو، جنھن جو ڏاڏو ۽ والد ھيڊ ماسٽر ٿي گذريا. ابتدائي تعليم 1992 کان 1998 ۾ گورنمينٽ اسڪول ٽنڊو مير غلام حسين ۽ ھائر سيڪنڊري تعليم غزالي ڪاليج لطيف آباد 6 کان حاصل ڪئي. شفقت قمبراڻي ننڍپڻ کان ئي پرائمري ۽ پرائمري کان ٻارھين ڪلاس تائين علمي، فني، ادبي ۽ مذھبي ماحول ۾ پليو ۽ وڏو ٿيو. ننڍپڻ کان ئي ٽنڊو مير غلام حسين ۾ ٿيندي ايندڙ قديمي عزاداري سان سڌو ۽ اڻ سڌو لاڳاپيل رھيو. ڪڏھن پنھجي ڀاءُ نياز محمد قمبراڻي کي مسجدن جي ممبرن، مينارن ، امام بارگاھن ۾ غازين کي ۽ ذوالجناهن تي خطاطي ڪندي، رنگن ۽ برشن ساڻ سجائيندي سينگاريندي ڏٺو تہه ڪڏھن پنھنجي ڏاڏي ۽ والد کي ادبي، علمي محفلن، مجلسن ۾ ويندي ۽ عزادارين ۾ مرثيا پڙھندي ڏٺو. انھن تمام تر حالتن ۽ واقعن کي ھو پنھنجي دماغ جي لفظي ۽ تصويري ڊڪشنري ۾ سنڀاليندو رھيو ، ائين زندگي جو اھڙو لمحو اچي پھتو، جنھن ۾ شفقت قمبراڻي کي پنھنجي مستقبل لاءِ فن، ادب ۽ ديني تعليم مان ڪنھن ھڪ شعبي جي چونڊ ڪرڻي پئي ۽ آخرڪار وقت کي ضايع ڪرڻ بجاءِ پنھنجي وڏڙن وانگر تعليم جي شعبي سان ڳنڍجي ويو. ڏھين ڪلاس کان پوءِ ديني ۽ اسلامي تعليم حاصل ڪرڻ مدرسي مدينته العلوم نوابشاھه اچي پھتو، جتان 3 سال جي تعليم مڪمل ٿيڻ کان پوءِ واپس اچي مدرسي مشارع العلوم لطيف آباد نمبر 9 ۾ داخل ٿيو، جتي وڌيڪ 3 سال تائين فقہه، سرف، منطق ۽ عربيءَ جي تعليم پرائيندو رھيو، گڏوگڏ پاڻ به عربي پڙھائيندو رھندو ھو. انھيءَ سان گڏو گڏ پنھنجي ڀاءُ نياز محمد ۽ استاد اطھر عباس کان عربيءَ جي مختلف رسم الخط ۾ خطاطي سکندو رھندو رھيو. خطاطي سکندي سکندي ھو رنگن سان ڳالھائڻ ۽ رنگ ان سان ڳالھائڻ لڳا ۽ لفظن جي ترتيب ۽ جوڙجڪ جي خوبصورتي ھن جو من موھي ان کي بيچين ڪندي رھي. ڪنھن علمي، ادبي محفل ۾ شفقت قمبراڻيءَ جي ملاقات ناليواري مصور علي عباس جعفريءَ سان ٿي جنھن شفقت قمبراڻي جي خطاطي ۽ ڊرائنگ ۾ دلچسپي ڏسندي فائن آرٽ ۾ داخلا وٺڻ جو مشورو ڏنو، جنھن تي عمل ڪندي شفقت قمبراڻي پنھنجي وڏڙن جي علم حاصل ڪرڻ واري رسم کي نڀائندي ان سلسلي کي اڳتي وڌائيندي 2008 ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس آرٽ ۽ ڊزائين موجوده (SABS) يونيورسٽي ڄامشورو ۾ داخلا حاصل ڪئي. جيڪو شفقت قمبراڻي لاءِ ديني ۽ اسلامي تعليم سان وابستگي ھجڻ سبب ھڪ ڏکيو فيصلو هو، پر ان معاشري جي سڀني تاثرن کي رد ڪندي ديني تعليمات ھوندي فائن آرٽ جي تعليم ۾ مصروف ٿي ويو، ۽ پوءِ ھو پنھنجي ماھر استادن جي نگراني ۾ آرٽ جي مختلف شڪلن، ڊرائنگ، پينٽنگ، سيرامڪ منيئچر ۽ مجسمه سازي ۾ مھارتون ماڻيندو رھيو ۽ پنھنجي ننڍپڻ واري مٽيءَ سان رانديڪا ٺاھڻ واري شوق جو پورائو ڪندي مجسمہه سازي کي بطور ميجر سبجيڪٽ منتخب ڪيو ۽ پوءِ پنھنجي مجسمه ساز استادن نصرت منگي ۽ علي عباس جعفري کان مجسمه سازيءَ جي سکيا حاصل ڪندي، مجسمه سازي جي مختلف طور طريقن جھڙوڪ (بسٽ، لوو رليف، هاءِ رليف، فل فگر ۽ حقيقت پسند، تصوراتي (ريئلسٽڪ، ڪانسيپچوئل) مختلف ساز و سامان سان ٺاھڻ جي مھارتن ۾ عبور حاصل ڪيو ۽ مجسمہه سازيءَ جي ساختي بناوٽ جي مزاج جي سختين ۽ جفاڪشين کي صبر ۽ تحمل سان برداشت ڪيو. ان لاءِ ڪو بہه ڪم ڏکيو سخت نہه ھو، اھا خاصيت ان ۾ شايد قمبراڻي قبيلي مان ورثي ۾ ملي. ان جي ڪم ۾ پرايل عالم جي علم جي جھلڪ بہه نظر ايندي ھئي، ان سڀني خاصيتن بدولت يونيورسٽيءَ ۾ پنھنجي بيچ ۾ ھڪ منفرد شخصيت طور سڃاڻپ رکندو ھو، ائين ته ھو ڪيترن ئي آرٽسٽن جي ڪم کان متاثر ھو، پرگھڻو ڪري مائيڪل اينجلو ۽ پڪاسو کان متاثر ٿيڻ جو گھڻو ذڪر ڪندو رھندو ھو. شفقت قمبراڻي يوناني ۽ رومي مجسمه سازيءَ جي مھارتن جي خاصيتن کي پنھنجي ڪم ۾ پروڙڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو ھو. شفقت قمبراڻي يونورسٽي ۾ ڪيترن ئي ناميارن ھمعصر مصور کان به سکڻ ۾ پيش پيش ھوندو ھو.
2012 ۾ سينٽر آف ايڪسيلنس آرٽ ۽ ڊزائين موجودهSABS يونيورسٽي ڄامشورو مان پھرئين مجسه ساز بيچ جو اعزاز پنھنجي نالي ڪندي ڊگري حاصل ڪئي، ڪجھه وقت اتي بطور مجسمه ساز وزيٽنگ فيڪلٽي ميمبر رھيو.
شفقت قمبراڻيءَ پنھنجي سنگتراشيءَ واري ڪم ۾ معاشري جي ان مسئلن کي اجاگر ڪيو جيڪي ناسور بڻجي عوام جي زندگين تي اثر انداز ٿيندا رھن ٿا جن ۾ سر فھرست (عورت تي تشدد، ظلم، جبر، ناانصافي، پيسي ۽ اقتدار جو حوس) وغيره شامل آھن. شفقت قمبراڻي جي مجسمن ۾ معاشري جي سخت روين جا عڪس واضح ۽ چٽا نظر اچن ٿا جيڪي ڏسندڙن کي ان سختين کي محسوس ڪرڻ تي توجهه ڇڪرائڻ تي مجبور ڪن ٿا.
شفقت قمبراڻي جي مجسمن جي نمائش ڪراچي لاھور ۽ اسلام آباد جي آرٽ گيلرين ۾ ٿي چڪي آھي، گڏ گڏ ميوزيم جا پروجيڪٽ ۽ يادگيري مجسمه پڻ ٺاهي چڪو آهي. بلڪه ڪيترن ئي امام بادگاھن ۾ رليف مجسمه پڻ ٺاھيندو اچي پيو. اڄڪلھه ٽنڊو مير غلام حسين لطيف آباد نمبر 11 ۾ مجسمہه سازي سيکارڻ سان گڏ مختلف پروجيڪٽن تي ڪم ڪرڻ ۾ مصروف عمل آھي. پنھنجي قبيلي ۽ وڏڙن وانگي تاريخ جي ورقن ۾ پنھنجو حصو شامل ڪري يقينن ايندڙ نسلن لاءِ مثال قائم ڪرڻ جو سبب بڻجي رھيو آھي. جيڪو ان لاءِ فخر جو سبب آھي.