بلاگنئون

ملڪ جو آئين صوبن مان نڪرندڙ قدرتي وسيلن تي پهريون حق انهن جو تسليم ڪري ٿو

ملڪ کي مضبوط صرف ۽ صرف آئين ڪندو آهي. آئين اهو دستاويز آهي، جنهن ۾ صوبن ۽ وفاق جي وچ ۾ ملڪ هلائڻ جي لاءِ سڄو طور طريقو ڄاڻايل هوندو آهي ۽ ڪيئن هلائبو، صوبن ۽ فردن جون ذميواريون ۽ حق ڪهڙا آهن، اهو واضح ٿيل هوندو آهي. پاڪستان چئن صوبن تي ٻڌل آهي. صوبا مضبوط ٿيندا ته ملڪ مضبوط ٿيندو. 18هين ترميم صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏنا. انهيءَ ڪري اها ترميم ڪنڊو بڻجي ڪيترين ئي اکين ۾ چڀي رهي آهي. هن وقت پوري ملڪ ۾ ٻارڻ واري قدرتي گئس جو بحران هلي رهيو آهي. سنڌ صوبو ملڪ جي ٻارڻ واري گئس جو 65 کان 70 سيڪڙو پيدا ڪري ٿو، پر صوبي کي قدرتي گئس پنهنجي ڪوٽا کان به تمام گهٽ ملي رهي آهي. جڏهن ته آئين جو آرٽيڪل 158 واضح ڪري ٿو ته جنهن صوبي مان گئس نڪري ٿي پهريون حق انهي صوبي جو آهي، نه صرف گئس پر جيڪي به وسيلا جنهن به صوبي مان نڪرن ٿا، انهن جي استعمال جو پهريون حق ان صوبي جو آهي ۽ ان کانپوءِ ان جي سرپلس پيداوار ٻين صوبن ڏانهن ۽ وفاق ڏانهن منتقل ڪئي ويندي آهي. اهڙي آئيني حق گهرڻ جو اظهار چين ڏانهن مرچ ايڪسپورٽ ڪرڻ واري تقريب دوران ڪيو ويو. نگران وزير اعليٰ سنڌ ٻڌايو ته هن وزيراعظم پاڪستان کي خط لکيو آهي ته جڏهن سنڌ 65 کان 70 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي ته پوءِ ان صوبي کي گئس کان محروم ڇو ٿو رکيو وڃي. انهيءَ خط ۾ صوبي جا آئيني حق ۽ مرڪز کان وضاحتون گهريون آهن. سنڌ صوبي کي هفتي ۾ ٻه ڏينهن گئس بنهه نٿي ڏني وڃي ۽ باقي 5 ڏينهن اڻپوري گئس ڏني ٿي وڃي، جنهن ۾ پريشر نه هئڻ برابر هوندو آهي، ان سان گهريلو صارف ته پريشان آهن، پر سنڌ جي صنعت ۽ صنعتڪار کي تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي. جڏهن صنعتڪار کي ٻارڻ جي لاءِ گئس نه ملندي ته ان جي پيداوار ۾ گهٽتائي ايندي ۽ انهيءَ کي ٻاهرين ملڪن کان مليل آرڊر پورا ڪرڻ ۾ ناڪامي ٿيندي، جنهن جو اثر اهو ٿيندو ته پهرين کان برآمدگي ۾ کوٽ کائيندڙ ملڪ وڌيڪ نقصان کائيندو ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ وقت سر آرڊر نه پهچائڻ تي اهي صنعتڪار انهن ملڪن ۾ بليڪ لسٽ ٿي ويندا ۽ پوءِ انهن کي نوان آرڊر نه ملندا، ان سان انهيءَ صنعت ۾ ڪم ڪندڙ مزدور جو نقصان آهي، صنعتڪار جو نقصان آهي ۽ برآمد ۾ کوٽ ٿيڻ تي ملڪ جو نقصان آهي. انهيءَ طرف ڌيان ڇو نٿو ڏنو وڃي؟ مرڪز ۽ مرڪز جي آفيسن ۾ ويٺل آفيسرن جي اهڙن روين جي ڪري ننڍن صوبن ۾ خدشا پيدا ٿين ٿا، پوءِ جڏهن به ڪو ملڪي منصوبو جڙي ٿو ته ننڍا صوبا انهي منصوبي جي صرف انهيءَ ڪري مخالفت ڪن ٿا، ڇو جو انهن کي شڪ هوندو آهي ته انهيءَ منصوبي مان انهن صوبن کي حق نه ملندو، جنهن ۾ ڪنهن حد تائين حقيقت پڻ آهي. سنڌ جي نگران حڪومت سنڌ جي گذريل چونڊيل حڪومت کي پڻ خاموش پيغام ڏنو آهي ته اوهان ته چونڊيل هئا، پوءِ اوهان پنهنجي صوبي کي آئيني حق کان محروم ٿيڻ تي دانهن ڪوڪ ڇو نه ڪئي؟ ان سان گڏ ايندڙ چونڊيل حڪومت لاءِ پڻ آئيني ۽ اخلاقي رستو کوليو آهي ته جيئن هو صوبي جي آئيني حق جي لاءِ آواز بلند ڪري صوبي کي پنهنجو مليل آئيني حق وٺي ڏئي سگهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن گرين پاڪستان جي نالي سان سنڌ جون سرڪاري زمينون ليز تي ڏنيون ويون آهن ته صوبي جا ماڻهو انهيءَ منصوبي کي به شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهن. سنڌ جي نگران حڪومت جو هي خط، ڪينجهر جي ساڍا 6 هزار ايڪڙ زمين ليز تي ڏيڻ وارو منصوبو رد ڪرڻ، ايڪنڪ ۾ آيل چوبارو ڪينال جي رٿا رد ڪرڻ وارا فيصلا قابل قدر آهن. نگران وزير اعليٰ ڇو ته سپريم ڪورٽ جو رٽائرڊ جج آهي، هو چاهي ٿو ته سنڌ صوبي سان پڻ انصاف ٿئي ۽ انهيءَ کي پنهنجا آئيني حق ضرور ملن، پر سندس حڪومت جو وقت باقي ٿورو بچيو آهي. هاڻي سڄو وزن ايندڙ چونڊيل حڪومت تي آهي ته اهي نه صرف قدرتي وسيلن تي پنهنجي صوبي جو حق مرڪز کان گهرن، نه صرف ايترو پر مرڪزي ادارن ۾ سنڌ صوبي جي لاءِ آفيسرن جي مقرر ٿيل ڪوٽا تي پڻ عمل ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪن. ڇو ته انهيءَ خط ۾ وزيراعليٰ ان ڳالهه جو پڻ اظهار ڪيو آهي ته سوئي سدرن گئس جي انتظاميه سنڌ حڪومت جي اعتراضن جو نوٽيس نه ٿي وٺي شايد انهيءَ ڪري جو انهن آفيسرن جو تعلق هن صوبي سان نه آهي انهيءَ ڪري هو صوبي جي مفادن کي نظرانداز ڪن ٿا. سنڌ جي سابق چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ نوٽيس ورتو هو ته سنڌ اندر جيڪي آئل ۽ گئس جون فيلڊس آهن انهن ۾ مقامي ماڻهو کنيا وڃن، اتان جي علائقن کي روڊ، اسڪول ۽ اسپتالون مهيا ڪيون وڃن جنهن جو پڻ گئس ۽ تيل ڳولها ڪندڙ ڪمپنين کي آئين پابند ڪري ٿو، پر ان تي پڻ عمل نه ٿي سگهيو، ايستائين جو انهن ڪمپنين ۾ پاڻي پيارڻ وارو نائب قاصد، گاڏي هلائڻ وارو ڊرائيور ۽ مسجد ۾ نماز پڙهائڻ وارو پيش امام پڻ غير مقامي آندا وڃن ٿا، آفيسر ته پري جي ڳالهه آهي. سنڌ جي نگران حڪومت محدود اختيارن ۽ محدود وقت جي اندر ڪجهه سٺا فيصلا ڪيا آهن. عوام چاهي ٿو ته ايندڙ چونڊيل حڪومت انهن پاليسين کي برقرار رکي ۽ مرڪز کان پنهنجا آئيني حق آئيني طريقي سان حاصل ڪري جيڪو ڪنهن به چونڊيل حڪومت مٿان فرض هوندو آهي، ڇو ته عوام انهن کي ووٽ ڏئي پنهنجو نمائندو ان لاءِ چونڊي ٿو ته هو عوام جي حقن جي ڳالهه ڪن ۽ انهن کي سهولتون ۽ حق وٺي ڏين، ڏسون ته ايندڙ حڪومت ان آئيني عمل کي عوام جي ڀلي لاءِ ڪيتري حد تائين ڪاميابيءَ سان همڪنار ڪري ٿي.