هن وقت سنڌ حڪومت پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي گڏيل قدم کڻي رهي آهي، روڊ رستا ٺهي رهيا آهن، صحت جي شعبي ۾ ڪافي ڪم ٿي رهيو آهي. ڪراچي سنڌ جي گاديءَ جو شهر جتي ٽريفڪ جو نظام بين الاقوامي معيارن جو هجڻ کپي اهو انتهائي ناڪاره نظر اچي ٿو. اهڙي وقت ۾ ڪراچي پوليس اِي ٽڪيٽنگ سسٽم جو نظام متعارف ڪرايو آهي، جنهن سان انساني مداخلت ۽ جانبداري جو خاتمو ٿيندو. شهرين کي بهتر خدمت ۽ تحفظ حاصل ٿيندو.
هن نظام کي ٽريفڪ ريگيوليشن اينڊ سائيٽيشن سسٽم جو نالو ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ AI تي مشتمل سي سي ٽي وي ڪئمرائون استعمال ٿينديون، جيڪي پاڻ مرادو ٽريفڪ جي خلاف ورزين جهڙوڪ: (تيز رفتاري، سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ، ڳاڙهي بتي تي نه بيهڻ، هيلمٽ نه پائڻ جي نشاندهي ڪنديون) خلاف ورزي ڪرڻ وارن جو چالان سندن رجسٽرڊ ايڊريس تي پاڪستان پوسٽل ذريعي موڪليو ويندو. هن نئين نظام تحت گهٽ ۾ گهٽ جرمانو 5000 رپيا آهي، جيڪڏهن اهو 14 ڏينهن اندر ادا ڪيو وڃي ته ان ۾ 50 سيڪڙو جي رعايت ملندي. حقيقت ۾ قانون نافذ ڪرڻ ۽ نئون نظام متعارف ڪرڻ کان اڳ سنڌ حڪومت کي پهريائين ڪجهه اهم قدم کڻڻ ضروري هئا، جن طرف شايد سنڌ حڪومت جو ڌيان نه ويو آهي. جيستائين توهان روڊن ۽ رستن کي يا پورو انفرااسٽڪچر جيڪو ٽريفڪ جي لاءِ استعمال ٿئي ٿو ان کي بين الاقوامي معيار مطابق نٿو بڻائجي تيستائين ايترن وڏن قدمن کڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ ممڪن نظر نٿي اچي. هن وقت ڪراچي جا ڪيترائي روڊ ٽٽل آهن، انهن تي لين مارڪنگ ٿيل نه آهي، زيبرا ڪراسنگ ۽ اسٽاپ لائينون موجود نه آهن.
جڏهن ته سسٽم اهڙن روڊن تي به چالان ڪري ٿو جن جا ڪيترائي حصا ٽريفڪ جي ضروري اصولن ۽ معيارن تي پورا نٿا لهن. ضروري آهي ته روڊن ۾ لين مارڪنگ ٿيل هجي، اسٽاپ لائينون لڳل هجن، زيبرا ڪراسنگ جا مارڪ واضح لڳل هجن، ٽريفڪ سگنلز عمده حالت ۾ هلندڙ هجن، ٽريفڪ جي نشانين جا بورڊ روڊن تي لڳل هجن ۽ ان کانپوءِ ڪئمرائون لڳائڻ ضروري هيون. ٽريفڪ پوليس جي ڊي آءِ جي مطابق اِي چالان صرف انهن روڊن تي جاري ڪيا ويندا جن روڊن تي اهي بنيادي سهولتون ۽ نشان مڪمل طور تي موجود هوندا.
تازن انگن اکرن موجب شروعاتي ڇهن ڪلاڪن ۾ ٽريفڪ پوليس جي مطابق پهرين ڇهن ڪلاڪن ۾ مجموعي طور تي 2662 اليڪٽرڪ چالان جاري ڪيا ويا، انهن چالانن جي رقم 12.5 ملين يعني سوا ڪروڙ رپين کان وڌيڪ هئي، جن ۾ سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تي 1535 چالان، هيلمٽ کانسواءِ موٽرسائيڪل هلائڻ تي 507 چالان ۽ اوور اسپيڊنگ تي 419 چالان ڪيا ويا. جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ هڪ عام ماڻهو ٽريفڪ جي اصولن جي ڀڃڪڙي تمام مزي سان ڪري رهيو آهي ۽ انهن کي قانون جي گرفت ۾ اچڻ جو ڪوبه خوف نه آهي. نئون قانون متعارف ٿيڻ کان اڳ ضروري آهي ته عوام جي اندر آگاهي مهم هلائي وڃي. ٽريفڪ پوليس اهڙا اشتهار ڏئي عوام کي ان نئين قانون کان متعارف ڪرائي ته جيئن اهي ٻاهر نڪرڻ وقت ان قانون جو احترام ڪن ۽ قانون جي ڀڃڪڙي کان پاسو ڪري پنهنجو پاڻ کي چالان کان بچائي سگهن، پر اوچتو ئي اوچتو بي خبري ۾ جڏهن قانون جو اطلاق ٿئي ٿو ته عوام جي اندر قانون جي احترام جي بدران قانون جي لاءِ ناڪاري جذبا پيدا ٿين ٿا.
اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي ۾ هي چالان سسٽم جي شروعات تي عوام جو گڏيل رد عمل ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جنهن ۾ قانون جي پاسداري ڪرڻ وارا ماڻهو ان جي تعريف ڪن ٿا ته گڏوگڏ ان قانون جي مٿان تنقيد به شامل آهي. عوام جو سڀني کان وڏو خدشو اهو آهي ته سنڌ حڪومت انفرااسٽرڪچر کي بهتر بنائڻ کان اڳ ڳرا ڳرا ڏنڊ لڳايا آهن. سڀ کان پهريان انفرااسٽرڪچر کي ترقي يافته ملڪن جي معيار مطابق بڻايو وڃي ۽ عوام جو اهو خدشو به آهي ته جرماني جي رقم تمام وڏي آهي جيڪا غريب طبقو برداشت ڪري نه سگهندو، پر گڏوگڏ عوام جو اهو طبقو جيڪو هن نظام جي حق ۾ آهي انهن جو خيال آهي ته رشوت خوري جو خاتمو ٿيندو، نظم و ضبط پيدا ٿيندو ۽ نظام شفافيت سان هلندو. اميد ڪجي ٿي ته هن نظام کي ڪاميابي سان هلائڻ جي لاءِ سڀ کان وڏي ضرورت انفرااسٽرڪچر جي آهي ان کي انهن جرمانن جي پئسن مان جلد کان جلد درست ڪري ان قابل بڻايو ويندو ته جيئن ڪراچي جهڙي شهر ۾ دبئي يا ابوظهبي جهڙو نظام قائم ٿي سگهي. ڇو ته اتي ايترا وڏا چالان ڏيڻ جي خوف کان ماڻهو انتهائي محتاط طريقي سان ڊرائيونگ ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهن ۽ ڏنڊ جي پئسن مان انفرااسٽرڪچر کي بهتر کان بهتر بڻايو وڃي ٿو.