خاصنئون

روس پنهنجي آزاد انٽرنيٽ ٺاهڻ جون تياريون ڪرڻ لڳو

روس پنهنجي آزاد انٽرنيٽ آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  جنهن جو مقصد آهي ته روس اولهه جي ملڪن جي محتاجي ختم  ڪري ڇڏي. روس جي اختيارين جو چوڻ آهي ته انٽرنيت تي آمريڪا ۽ مختلف يورپي ملڪن جي اجاره داري هلي رهي آهي ۽ اهي ئي انٽرنيٽ جا ضابطا طي ڪندا رهندا آهن. جنهن کي روس پنهنجي سلامتي لاءِ ملڪ جي داخلي معاملن ۾ غير ملڪي مداخلت جا خطرا تصور ڪري ٿو. واضح رهي ته روسي صدر پيوٽن انٽرنيٽ کي سي آءِ اي جو هڪ هٿيار چوندو رهندو آهي.