خاص

نيب ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ آصف زرداري ۽ شاهد خاقان به شامل

قومي احتساب بيورو نيب ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙ جوابدارن بابت سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي. هلندڙ سال 30 آگسٽ تائين 12 ريفرنس نيب عدالتن مان منتقل ٿيا، ترميمن مان فائدو حاصل ڪندڙن ۾ آصف علي زرداري ۽ اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به شامل آهن. نيب رپورٽ موجب خورشيد شاهه، منظور قادر ڪاڪا ۽ خواجه انور مجيد جا نيب ڪيس منتقل ٿيا، جعلي اڪائونٽ ڪيس جو مک جوابدار حسين لوائي جو ڪيس به نيب جي دائره اختيار مان نڪري ويو. آصف زرداري جي خلاف پارڪ لين ريفرنس احتساب عدالت ترميم بعد واپس ڪري ڇڏيو. اومني گروپ جي عبدالغني مجيد خلاف نيب ڪيس به احتساب عدالت واپس ڪري ڇڏيو، هلندڙ سال مجموعي طور 22 ڪيس احتساب عدالتن مان واپس ٿيا، نيب ترميم بعد 25 ڪيس ٻين فورمز کي منتقل ڪيا ويا.