اڄوڪو دور جتي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي لحاظ کان عروج تي آهي، اتي بدقسمتيءَ سان هي دور غلط فهمين جو دور پڻ بڻجي چڪو آهي. معلومات جي تيز ترين پهچ جتي انسانن کي ويجهو آندو آهي، اتي ئي تصديق کانسواءِ پکڙجندڙ خبرن ۽ افواهن ماڻهن جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ شڪ ۽ نفرت جا ٻج پوکي ڇڏيا آهن. ڪنهن به قوم جي مضبوطي ان جي اتحاد ۾ هوندي آهي، پر غلط فهميون ان اتحاد جي ديوار کي اڻڄاتل نموني ڏار وجهي ڇڏينديون آهن. غلط فهمي هڪ اهڙو خاموش زهر آهي جيڪو رشتن، خاندانن ۽ پوءِ پوري قوم کي اندران کوکلو ڪري ڇڏيندو آهي. جڏهن اسان بغير ڪنهن دليل يا تصديق جي ڪنهن جي باري ۾ راءِ قائم ڪري وٺندا آهيون ته اتي ئي اختلافن جي شروعات ٿيندي آهي.
هڪ مشهور قول آهي، “سچ جيستائين جتي پائيندو آهي، ڪوڙ تيستائين اڌ دنيا جو چڪر لڳائي چڪو هوندو آهي.”
اڄوڪي سوشل ميڊيا جي دور ۾ هي ڳالهه بلڪل درست ثابت ٿي رهي آهي. هڪ ننڍڙي غلط معلومات لمحن ۾ لکين ماڻهن تائين پهچي وڃي ٿي، جنهن سان قومي سطح تي انتشار پيدا ٿئي ٿو. ڪنهن به سماج ۾ پڙهيل لکيل ۽ سلجهيل ماڻهو ان جي عقل ۽ شعور جو سرچشمو هوندا آهن. جڏهن معاشرو غلط فهمين جي ور چڙهي وڃي ته باشعور طبقي جو فرض آهي ته اهو ميدان عمل ۾ لهي اچي. باشعور ماڻهن جو پهريون فرض آهي ته هو ڪنهن به ڳالهه تي ان وقت تائين يقين نه ڪن ۽ نه ئي ان کي اڳتي وڌائين، جيسين ان جي مڪمل تصديق نه ٿي وڃي. اسان جو دين به اسان کي ساڳي تعليم ڏئي ٿو. غلط فهميون تڏهن جنم وٺنديون آهن جڏهن ڳالهه ٻولهه جا دروازا بند ٿي ويندا آهن. سلجهيل ماڻهن کي گهرجي ته هو مڪالمي کي هٿي ڏين. ڪنٽرول کان ٻاهر نڪرندڙ جذبات جو حل رڳو دليل ۽ گفتگو ۾ آهي. قوم تڏهن مضبوط ٿيندي آهي جڏهن اها رنگ، نسل، زبان ۽ فرقن کان مٿانهون ٿي سوچيندي آهي. باشعور طبقي جو ڪم آهي ته هو عوام کي آگاهي ڏني وڃي ته اختلاف راءِ دشمني ناهي هوندي، پر اها سوچ ۽ ترقيءَ جو هڪ دڳ هوندو آهي. سقراط چيو هو حڪمت جي شروعات حيران ٿيڻ ۽ سوال ڪرڻ سان ٿئي ٿي. يعني انڌي پوئيواري ۽ بنا تصديق جي يقين ڪرڻ ناداني آهي. هڪ عربي چوڻي آهي ٻڌل ڳالهه ڏٺل جهڙي ناهي هوندي. شيخ سعدي فرمائي ٿو، بيوقوف ماڻهو جي سڀ کان وڏي نشاني اها آهي ته هو بغير تحقيق جي هر ڳالهه تي يقين ڪري وٺندو آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اسان جي قوم دنيا جي صف ۾ هڪ معزز ۽ مضبوط قوم بڻجي ته اسان کي پنهنجي اندر مان شڪ جي بيماري ختم ڪرڻي پوندي، افواهن جي بازار کي بند ڪري، علم ۽ دليل جي روشني پکيڙڻي پوندي. غلط فهميون دوريون پيدا ڪن ٿيون، پر سچائي ۽ خلوص انهن دورين کي محبت جي پل ۾ تبديل ڪري سگهن ٿا. اچو ته عزم ڪريون ته اسان هڪ اهڙو سماج جوڙينداسين جتي افواهن جي جاءِ تي دليل ۽ نفرت جي جاءِ تي محبت جو راڄ هجي. قومون وسيلن جي گهٽتائي سان تباهه ناهن ٿينديون، بلڪه اهي نفاق ۽ ناچاڪيءَ سان سان تباهه ٿينديون آهن.