چائنيز گوگل به بلاڪ چين سروس شروع ڪري ڇڏي

هن وقت جڏهن پاڪستان ۾ بلاڪ چين (Block Chain) ٽيڪنالاجي کي صرف ڪرپٽو ڪرنسي جي ٽيڪنالاجي ئي سمجهيو پيو وڃي، “سپر چين بيدو (Baidu)” گوگل جي نالي سان شهرت رکڻ واري سرچ انجڻ بيدو آزمائشي بلاڪ چين سروس شروع ڪري ڇڏي آهي. جيڪا في الحال رڳو ڪاروباري ۽ تجارتي ادارن لاءِ آهي. ان غلط فهمي جو ازالو ضروري آهي ته بلاڪ چين ٽيڪنالاجي رڳو ڪرپٽو ڪرنسي (بٽ ڪوائن) وغيره تيار ڪندي آهي. ان جي برعڪس صحيح ڳالهه اها آهي ته هن ٽيڪنالاجي کي مستقبل جو “انٽرنيٽ” چيو پيو وڃي جنهن جي ذريعي نه رڳو ڊيٽا کي شفاف انداز ۾ انٽرنيٽ تي رکي سگهبو، پر هيءَ ڊيٽا ٽيڪنالاجي جي طاقت سان هيڪرز کان به محفوظ رکي سگهبي. وچ اوڀر جي ڪجهه ملڪن ۾ ملڪيت جي رجسٽريشن کان وٺي صحت جي عوامي سهولتن تائين لڳ ڀڳ هر طرح جي خدمتن کي بلاڪ چين جي مدد سان محفوظ، تيز تر ۽ پهرين کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اثرائتو ڪيو پيو وڃي، جنهن سان توانائي ۽ ڪاغذ جي به تمام وڏي پئماني تي بچت ٿي رهي آهي.