تپش ناول پنھنجي وجود ۾ ڪيترا سگھارا خيال رکي ٿو، ان جو صحيح فيصلو ته پڙھندڙ ڪندا، پر مان ھتي ان جي ڪجھه اھم پھلوئن تي لکڻ چاھيان ٿو. ھي ناول دراصل انسان جي ذاتي المين، غربت جي ماريل ماڻھن، ڪمزورن جي اذيت، سياسي، سماجي ڪمزورين، زنده ڪردارن، انھن جي سرفروشي، سفر، تصوف، ماحوليات ۽ نظريي سان ڪمٽمينٽ جي جذبي تي آڌاريل آھي، جيڪي اوھان کي سنڌ جي ماڻھن جي بي وسي ۽ فاشزم جو دور ياد ڏياريندا. ناول جا موضوع ڪجھه نوان ته ڪجھه پراڻا آهن، جيڪي ھاڻ به ان ڪري اھميت رکن ٿا جو ان جو تعلق سنڌ جي مقامي ماڻھن ۽ انھن جي دردن سان آھي. ھن ناول جي خاص ڳالھه شھري سماج جو ٻھراڙي جي سماج سان تعلق ڏيکاريل آھي جنھن کي ليکڪ هڪ خاص انداز سان بيان ڪيو آھي. ناول جي ابتدائي باب جنھن جو عنوان آھي، بھار جو پھريون گل. 13 نومبر 1960 جنرل ايوب جي مارشلا جو دور لاھور جي شاھي قلعي جي عقوبت خاني ۾ شھيد حسن ناصر جو تشدد ٿيل لاش سيمينٽ جي گندي فرش مٿان ائين پيل آھي جو سندس جسم مان رت ٽمي رھيو ھو. (تپش) منھنجي خيال مطابق شھيد حسن ناصر جو ذڪر ڪنھن سنڌي ناول ۾ پھريون دفعو آھي، بلڪه ائين چئجي ته ھن ناول جو لي آئوٽ ئي حسن ناصر جي شھادت واري واقعي تي آڌاريل آھي، جتان پوءِ ٻيا ڪردار جنم وٺن ٿا. ناول جي ھر باب ۾ جنھن ڪيفيت کي بيان ڪيو ويو آھي ان جو مجموعي خيال انسان جي تڪليف ۽ رياستي جبر ۽ ناانصافي سان آھي. تپش ناول شھر ۽ ٻھراڙيءَ جي سماجي رشتن کي اھڙيءَ طرح مخاطب ڪري ٿو جو ان اندر لڪل چيخ، گھٽ، ٻوسٽ، اميد ۽ نااميدي چڀندي محسوس ٿيندي. جيئن تنوير جو گھر، تنوير ۽ آصفه ٻه سفيد بادل ۽ ڪابل جي شھزادي، 14 آگسٽ شرمناڪ منظر، بيگم مراد، دوستن جي ملاقات، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٿرڊ ڪلاس نيوز، گرو مندر جا اجھاميل بلب ۽ ڪجھه ٻيا باب. ليکڪ پنھنجي ھن ناول ۾ پنھنجي ابتدائي نوٽ ۾ ان ڳالھه جي نشاندھي ڪئي آھي ته ناول جا ڪيترائي ڪردار هاڻ به زنده آهن ۽ ڪجھه پنھنجي زندگي جو سَفر ختم ڪري چڪا ۽ ڪجھه بي رحم رياستي تشدد ھٿان شھيد ڪيا ويا. آصفه ۽ تنوير جو ڪردار ھڪٻئي لاءِ اوستائين اجنبي ھئا جيستائين پارٽي جي رشتي ۾ نه جڙيا ھئا. ناول ۾ آصفه کي ٻن الڳ الڳ دورن ۾ بيٺل ڏيکاريو ويو آھي، ھڪڙي ڪيفيت اھا آھي جو ڪراچي کان پٽ فيڊر ھاري تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ بلوچستان وڃي ٿي جتي ھو قيد ۽ بند جون صعبتون برداشت ڪري ٿي، ٻي ڪيفيت ۾ مھاستوا سان گفتگو ڪندي تصوف کان متاثر نظر اچي ٿي.
ھتي مان ميڪسم گورڪي جي ناول ماءُ جو حوالو ڏيڻ چاھيان ٿو، ماءُ ناول ۾ اھڙا موضوع ۽ حوالا آھن جيڪي مھاستوا سان گفتگو واري خيال سان لاڳاپيل طريقي جي تشريح ڪن ٿا. گورڪي، پيلاجيا، نيلوويا جي زندگي کي ڳولهي ٿو، ھڪ مزدور طبقي جي عورت جيڪا انقلابي تحريڪ ۾ شامل ٿي وڃي ٿي، ھڪ عام عورت کان وڌيڪ ھڪ پُرعزم انقلاب تائين ان ناول ۾ سچائي جي ڳولها بابت خيالن کي پھچائڻ لاءِ گورڪي انجيل مان اقتباس پڻ شامل ڪيا آھن. مھاستوا سان گفتگو به دراصل تصوف جي يونيورسل حقيقت جنھن کي پوءِ مذھب آلوده ڪيو، مھاستوا جو سادو مطلب آهي وڏي دعا يا وڏي واکاڻ دراصل سنڌي جو تصوف آھي، سنڌ جو اصل روح. جھڙي طرح ناول ماءُ روس ۾ سياسي اٿل پٿل جي دور ۾ لکيو ويو ھو اھڙي طرح تپش 1960 جي فوجي آمريت جي دور جي تشريح آھي. آصفه جو بي لوث مقصد، قرباني ۽ شخصيت جي اخلاقي طاقت جي ھڪ صورت مھاستوا جي گفتگو ۾ ڏسي سگھجي ٿي. 60 واري ڏھاڪي ۾ ٻن ادبي رجحانن جنم ورتو. بورجوا ريئلزم ۽ سوشلسٽ ريئلزم، ادب براءِ ادب ۽ ادب براءِ زندگي، ان پوري وچ واري عرصي دوران سوشلسٽ ريئلزم عوامي تحريڪن، انقلاب، زندگي ۽ سرفروشي کي پورٽريٽ ڪندو رھيو. ڇاڪاڻ ته ماڻھن جو بنيادي سوال انصاف تي ٻڌل سماج قائم ڪرڻ ھو ۽ استحصال واري نظام جو خاتمو ڪرڻ ھو. ادب به ان ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ طبقاتي جدوجھد وارو رستو اختيار ڪيو. سنڌ ۾ ماڻڪ، علي بابا، نسيم کرل استاد بخاري، سرڪش سنڌي، محمد خان مجيدي، استاد نبي بخش زنئور، جمن دربدر، حليم باغي، لياقت علي لياقت، ھارون پنھور، خليل عارف سومرو، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد عثمان گدائي ۽ ٻيا ڪيترا اديب شاعر ماڻھن جي زندگي ۾ بدلاءُ سوشلسٽ ريئلزم جي خيال کان ادب تخليق ڪندا رھيا ۽ ڪري رھيا آھن. پاڪستان جتي هڪٻئي پٺيان فوجي حڪومتن جي آمريت رھندي آئي آھي، اتي ان خلاف تمام وڏي سياسي هلچل پيدا ٿيندي رھي آھي، ان ۾ ادب جو شاندار ڪردار رھيو آھي. ناول تپش سوشلسٽ ريئلزم جو تسلسل آھي، جنھن ۾ انساني الميه آھن ته آدرشي جدوجھد به آھي ته محبت به. تپش جي سمورن موضوعن ۾ زندگي جا امڪان آھن ته بورجوا امپرلسٽ قوتن خلاف عوامي سجاڳي به آھي، مصيبت ماريل ماڻھن جي صدا به آھي ته عوام جي شعور کي جنجھوڙڻ واري ڪيفيت به آھي. ناول جو آخري باب جنھن جو عنوان تپش آھي. جنھن ۾ تپش جو ڪردار رانول ھڪ اھڙي عجيب بي اطميناني جو شڪار ٿي وڃي ٿو جنھن جو نتيجو ھن جي سوچ کان به وڌيڪ نڪري ٿو، مان هتي ان ڪيفيت کي ٺيڪ طرح بيان نٿو ڪري سگھان. ڇاڪاڻ ته ان باب ۾ اھڙو انساني درد پوشيده آھي، جنھن کي بيان ڪرڻ جي سگھه نٿو رکان. رانول ھڪ زندگي بچائڻ چاھي پيو جيڪو خيال محبت جي اڳيان بي معنيٰ ٿي وڃي ٿو، ھن ناول جي اختتام ۾ تمام گهڻو درد آھي.
ھي ناول خالص انسان جي دردن ۽ حوصلن تي ٻڌل آهي، جنھن ۾ اهڙا روزمره جا چُڀندڙ واقعا آهن، جيڪي هڪ طرح سان اهو طئي ڪن ٿا ته سماج جي موجوده شڪل ڪهڙي آهي.