بلاگنئون

انساني ارتقاءَ ۽ خوشيءَ جو اڻپورو خواب

اسان جو سڌو مقصد خوشي حاصل ڪرڻ ڪڏھن به ڪونه رھيو آھي، اسان جي ھميشه کان منشا پنھنجي بقا جي رھي آھي. پنھنجي حيات جي جنگ وڙھندي وڙھندي اسان جي نفسيات کان خوشيءَ جو پھلو ڪٿي وڃائجي چڪو آھي. اسين ڪڏھن خوش رھڻ سکيا ئي ڪونه آھيون. طبعي زندگيءَ جي حاصلات، خوشيءَ جي پھلوءَ تي غالب پئجي وئي آھي. اھوئي سبب آھي جو خوشي يا ته اسان ماضيءَ ۾ڏسندا آھيون يا وري اھا اسان کي صرف مستقبل ۾ ڏسڻ ايندي آھي، حال جي خوشي عارضي ۽ ٿورو وقت ئي جٽاءُ ڪندي آھي. اھو ائين آھي جيئن ريگستان ۾ “رڃ”..! خوشي حاصل ڪرڻ واسطي منزل تائين پھچڻ لاءِ اسان جديد ٽيڪنالاجي ۽ آرامدہ زندگي ته حاصل ڪري ورتي آھي، پر “سرابِ خوشي” ۾ صرف اڳتي ڊوڙندا رھون ٿا. انسان جي تاريخ جي ورقن کي کولي ڏسون ته اها هڪ سوال جي پوري ڪهاڻي آهي ته “ڇا مادي ترقي انسان کي خوشيءَ تائين پهچائي سگهي آهي”؟ دنيا جي تهذيبن، سائنس جي ايجادن ۽ سماجن جي جوڙجڪ انسان کي گهڻو ڪجهه ڏنو، پر سوال اڃان به زندہ آهي. “خوشي ڇو گهٽجي رھي آهي؟”

انسان جي نفسيات کي اڄ تائين اهو سوال ستائيندو رهيو آهي ته اسان جي ڊوڙ جو مقصد آخر ڇا آهي؟ ڇا اسان آساني ۽ آرام لاءِ ڊوڙيا آهيون يا ڄاڻ ۽ تجسس جي پياس اجھائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آھي؟ شايد ٻنهي لاءِ، پر نتيجي ۾ اسان جي ذهن کي سڪون نه مليو. اهوئي مرڪزي سوال آهي جنهن تي هي سڄو بحث بيٺل آهي انساني ترقي باوجود خوشي ڇو گهٽجي وئي آهي؟ انساني ارتقاءَ جي سڀ کان پيچيدہ ۽ اسرار سان ڀريل رخ نفسيات آهي، جيڪو نه صرف فرد جي اندروني دنيا کي ظاهر ڪري ٿو، پر سماجي ۽ طبعي اوسر جي نتيجن کي به پنهنجي اندر جذب ڪري ٿو. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن انسان جهنگ ڇڏي وسندين ۾ آيو، جڏهن زراعت سکڻ لڳو، جڏهن اوزار ٺاهڻ شروع ڪيا، تڏهن سندس دماغ ۾ به تبديليون آيون، پر انهن تبديلين سان گڏوگڏ انساني ذهن جي اندر هڪ دائمي تڪرار بہ پيدا ٿيو. هڪ پاسي آساني، سهولت ۽ سماجي تنظيم، ٻئي پاسي بيچيني، خواهش ۽ اڻپوري تسڪين!

مختلف دورن ۾ ڏاھن خوشيءَ جو الڳ الڳ پيماني سان ڇيد ڪيو آھي، ڪن تاريخ جي تناظر ۾ پرکيو، ڪن سماجي روين جي نظر سان ڏٺو، ڪن معاشي رخ سان جاچيو، ڪن نفسياتي پھلو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪن وري ان جو حل بايولاجيڪل تبديلن ۾ تلاشيو، پر اھو طئي آھي ته سمورن عاقلن کي خوشي جو احساس ناپيد ۽ انساني پھچ کان ڏور نظر آيو. اچو ته اسين لافاني خوشيءَ جي احساس کي محسوس ڪرڻ لاءِ مختلف فلسفين جي سرھائيءَ بابت احساسن کي سمجھون ته اصل خوشي ڇا ۾ لڪل آھي ۽ اسين اڄ تائين سندس لمس کي ڇھي ڇو نه سگھيا آھيون؟

يوناني فلسفي ارسطو چيو آھي Happiness depends upon ourselves خوشي اسان تي دارومدار رکندي آهي. ارسطو خوشيءَ کي خالص انساني نفسيات جو مسئلو سمجھيو آھي. ھن خوشيءَ کي انسان جي پنھنجي احساس سان جوڙيندي سندس اندر جي شدت سان مشروط ڪيو آھي. ھن اھو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته انسان پاڻ کي سهولتن سان گهيري ڇڏيو آھي، هر مشڪل کي آساني ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، مگر نفسياتي طور سندس اندروني خالي پڻو وڌي ويو آھي. يقينن اڄ جي انسان وٽ ٽيڪنالاجيءَ جا هزارين اوزار آهن، پر سندس دل ۾ اطمينان، سڪون ۽ شانتي گهٽجي وئي آهي. ان ڳالهه کي روسي ناول نگار دوستويفسڪي جي لفظن ۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿوMan only likes to count his troubles; he does not calculate his happiness انسان پنهنجي ڏکن کي ڳڻڻ پسند ڪري ٿو، پر پنهنجي خوشين جو حساب نٿو رکڻ چاھي. واقعي به اسين ھميشه پنھنجن اھنجن کي ياد ڪندا رھندا آھيون ۽ خوشيءَ جي لمحن کي ميساري ويھندا آھيون. سقراط به ساڳي معنيٰ ۾ چيو آھيThe unexamined life is not worth living. يعني جيڪڏهن زندگيءَ جي اصلي معنيٰ تي غور نه ڪجي ته اها زندگي مڪمل نٿي ٿئي. اڄ جو انسان مادي آسانيءَ ۾ ته اڳتي وڌي ويو آهي، پر پنهنجي اندر جي معنيٰ کي وساري ڇڏيو آهي، تنهنڪري اطمينان ساڻس گڏ ناهي رهيو.

تاريخي اعتبار کي پرکيندي يووال نوح حراري پنهنجي ڪتاب Sapiens ۾ لکي ٿو ته “انساني تاريخ اصل ۾ خوشيءَ جي تاريخ ناهي، پر طاقت ۽ بقا جي تاريخ آهي. يعني ته انسان کي جنهن ڌڪيو، اهو بقا جو خوف هو، نه ڪي خوشيءَ جي تلاش.” اسان سماجي ۽ علمي ارتقا کي خوشيءَ سان ڳنڍڻ چاهيون ٿا، پر حقيقت اها آهي ته اسان جو ارتقا هميشه خوف کان شروع ٿيو ۽ طاقت تي ختم ٿيو. ان سبب خوشيءَ جو سوال اڃان به اڌورو رهيو. انسان جڏهن پنهنجي ارتقائي سفر ۾ غار مان نڪري زراعت ۽ آبادين طرف آيو، تڏهن ئي سماج ۽ طبعي تبديليون تيزيءَ سان وڌڻ لڳيون. کاڌ خوراڪ جي فراواني، رهائش جو استحڪام ۽ آباديءَ جي واڌ، انسان کي هڪ نئين شعور ڏانهن وٺي وئي، پر اهو شعور هڪ طرف آسانيون کڻي آيو ته ٻئي طرف نئين ذميوارين ۽ خوفن جو بار وڌائي ڇڏيو. انساني ارتقا جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته اسان جي دماغ جو هڪ حصو، جيڪو بقا لاءِ ٺهيل هو، اڃان به ساڳي رد عملن ۾ ڦاٿل آهي. قديم دور ۾ انسان جو دماغ خطري کي ڏسندي تڪڙو فيصلا ڪندو هو. ڀڄڻ، وڙهڻ يا بچڻ. اهائي صلاحيت انسان کي زندہ رکندي ھئي، پر جڏهن سماج ۽ سائنس خطري کي گهٽايو ته اهو دماغي ڍانچو اڃان به ساڳي حالت ۾ آهي. نتيجي طور انسان هميشه بيچينيءَ ۾ رهي ٿو، ڄاڻ ته ڪا مصيبت آئي…! اسان جي علم، ٽيڪنالاجي ۽ ترقيءَ جي ڊوڙ اسان کي سهولتون ته ڏنيون آهن، پر ان سهولت کي خوشيءَ ۾ بدلائڻ لاءِ جيڪو “دماغ” ضروري هو، اهو اڃان اسري نه سگھيو آھي.

انسان جي تاريخي پھلوءَ کي ئي ٿامس ھوبس، پنهنجي مشهور ڪتاب Leviathan ۾ انساني فطرت کي بيان ڪندي لکي ٿو، “قدرتي حالت ۾ انسان اڪيلو، غريب، ڪچو، جهنگلي ۽ مختصر زندگي گذاريندو هو.” اهو چوڻ آهي ته انسان پنهنجي فطري جهنگليت مان نڪرڻ لاءِ سماج ٺاهڻ ضروري سمجهيو ۽ ان لاءِ قانون، رياست ۽ سماجي ضابطا قائم ڪيا، پر سوال اهو آهي ته ڇا انهن سماجي ضابطن انسان کي حقيقي خوشي ميسر ڪري ڏني؟

سگمنڊ فرائيڊ ھميشه تاريخي تناظر ۾ انساني نفسيات جو ڇيد ڪيو آھي سندس خيال هو ته تهذيب جو هر قدم فرد جي جبلتن کي دٻائڻ تي بيٺل آهي ۽ اهو دٻاءُ ئي انساني بيچيني جو سرچشمو بڻجي ٿو. جيئن جيئن سماج وڌيڪ منظم ٿيو، قانون آيا، پابنديون وڌيون، انساني جبلت پنهنجي مڪمل اظهار کان محروم ٿيندي وئي. نتيجي ۾ انسان وٽ آسانيون ته وڌيون، پر بيچيني به وڌندي وئي. ڪارل يونگ هن بحث کي وڌيڪ گھرائي ڏني، هن جو خيال هو ته انسان جي اجتماعي لاشعور ۾ بطور ابدي علامتي خاڪا موجود آهن، جيڪي ترقيءَ جي باوجود تسڪين نٿا وٺڻ ڏين. جڏهن جديد دنيا ۾ ماڻهو صرف مادي ترقيءَ ڏانهن ڌيان ڏئي ٿو ۽ پنهنجي اندروني نفسياتي نشانين کي نظرانداز ڪري ٿو، تڏهن سندس ذهن بيچينيءَ جو شڪار ٿي وڃي ٿو.

طبعي اعتبار کان انساني دماغ مسلسل وڌندو ۽ پيچيدہ ٿيندو ويو آھي. دماغ جيPrefrontal cortex  حصي جي ترقيءَ سان انسان کي مستقبل بابت سوچڻ، منصوبابندي ڪرڻ ۽ تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت ملي، پر ان سان گڏ Anxieties ۽ خوف به وڌي ويا. ان ڳالهه جي سائنس تصديق ڪري ٿي ته انساني جسم ۾ ڊوپامين، سيروٽونن ۽ آڪسيٽوسين جهڙا ڪيميڪل خوشيءَ جا ذميوار آهن، پر جديد زندگيءَ ۾ مسلسل  ان جي گهڻائي پيداوار سبب اهي ڪيميڪل غير متوازن ٿي ويا آهن. يعني اسان جي دماغ کي روزانو ايتريون ئي معلومات، محرڪات ۽ خواهشون ملن ٿيون جو خوشيءَ جي حقيقي حالت پيدا ئي نٿي ٿي سگهيFriedrich Nietzsche جي قول مطابق Man is the sick animal يعني انسان بيمار جانور آهي، جيڪو پنهنجي ئي خواهشن ۽ بيچينين ۾ قيد آهي. انهيءَ سموري ارتقائي سفر مان هڪ نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته انساني ذهن سماجي ۽ طبعي ترقيءَ جي رفتار سان ھلي نه سگهيو. اسان جو جسم ۽ ٽيڪنالاجي اڳتي وڌي وئي، پر ذهن اڃان تائين پنهنجي قديم خوفن، بيچينين ۽ اميدن ۾ ڦاٿل رھيو. اهوئي سبب آهي جو هر دور ۾ ترقيءَ سان گڏ انسان جي خوشي گھٽجندي رھي آهي.

اِهو ئي نقطو يوال نوح حراري پنهنجي ڪتاب Sapiens ۽ Homo Deus ۾ بيان ڪندي چوي ٿو ته جديد انسان خوشيءَ جي تلاش ۾ آسانيون ته حاصل ڪري چڪو آهي، پر سندس دماغ اڃان به “بايولاجيڪل سيٽ پوائنٽ” تي هلندو رهي ٿو. ڊوپامين، سيريٽونن ۽ اينڊورفنز جهڙا ڪيميائي مادا فقط عارضي خوشي ڏين ٿا ۽ جڏهن انساني خواهشون وڌن ٿيون ته اهي ڪيميائي مادا جسم ۾ گهٽ اثرائتا ٿي وڃن ٿا. نتيجي ۾ انسان جو دماغ هر وقت “وڌيڪ” جي ڳولها ۾ رهندو آهي. وڌيڪ آساني، وڌيڪ طاقت، وڌيڪ ڄاڻ، پر خوشيءَ جو حقيقي احساس سندس هٿ نه ايندو آھي.

هتي سوال اهو به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا انسان جو ذھن طبعي ۽ سماجي ترقيءَ ڏانهن ان ڪري ڊوڙيو ته کيس آساني ملي ۽ آسانيءَ پٺيان خوشي ملي يا وري ان ڪري ته ڄاڻ وڌي ۽ اتساہه ختم ٿئي؟ حقيقت ۾ انساني تاريخ ٻنهي محرڪن جو نتيجو آهي. اتساہه انسان کي باهه، اوزار ۽ سائنس ڏانهن وٺي وئي، پر آسانيءَ جي تلاش کيس مشين، ٽيڪنالاجي ۽ صنعت ڏانهن ڌڪي وئي. مگر اوزار سان مليل آسانين انسان جي خوشيءَ کي وڌايو نه، پر گھٽائي ڇڏيو. اهڙيءَ صورتحال ۾ سماجي ۽ طبعي ترقي نفسياتي ترقيءَ کي ساڻ نه کڻي سگهي. دماغ جي ڪيمسٽري آسانيءَ سان ايڊجسٽ نه ٿي، جڏهن اسان سماجي ۽ طبعي ارتقا کي ڏسون ٿا، ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته انسان جو بنيادي محرڪ آساني ۽ ڄاڻ ٻنهي طرف هو. مادي سهولتن حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪئي وئي ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ سائنس ۽ فلسفي جي اوسر ٿي، پر ٻنهي ۾ توازن نه رهيو. آسانيءَ لاءِ جيڪا ڊوڙ وڌي وئي، تنهن ۾ انساني ذهن مسلسل مقابلي، دٻاءُ ۽ مونجهاري ۾ ڦاسي پيو. هتي نوح حراري جو خيال ياد اچي ٿو، جيڪو لکي ٿو، “انسان چنڊ تائين وڃي پهتو آهي، پر اڃان به اندروني سڪون تائين به پھچي سگھيو آهي.” ان جو جواب هڪ فلسفي اسپينوزا ڏنو هو، جنهن جو چوڻ آهي: “خوشي تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انسان پنهنجي فطرت سان هم آهنگ ٿئي.” جڏهن ته جديد ترقيءَ ۾ فطرت کان دوري وڌي وئي آهي. انسان زمين، ماحول ۽ پنهنجي اندر سان رشتو وڃائي ويٺو آهي، تنهن ڪري انسان نفسياتي طور اطمينان وڃائي ويٺو آهي.

ساڳئي وقت، جديد نفسيات وارا فلاسافر به اهو چون ٿا ته خوشيءَ جي کوجنا ۾ اسان جي فريم ورڪ ۾ غلطي آهي. اسان خوشيءَ کي نتيجي ۾ ڏسون ٿا، جڏهن ته اها هڪ عمل آهي. وڪٽر فرينڪل لکي ٿو: “خوشيءَ جو تعاقب ڪري ان کي پڪڙي نٿو سگهجي، پر اها تڏهن اچي ٿي جڏهن زندگيءَ کي معنيٰ ملي ٿي.” اڄ جو انسان معنيٰ ۽ مقصد جي کوٽ يا خال ۾ رھي ٿو، تنهنڪري ترقيءَ جي باوجود به ھو پُرسڪون نٿو رھي. حقيقت ۾، انسان جي ذهني تڙپ ۽ ڪاميابيءَ جي خواهش کيس ڪڏهن به مڪمل ٿيڻ نه ڏنو. هر نئين دريافت، هر نئين سهولت، ايندڙ خواهشن جي لاءِ در کوليو. ان ڪري خوشي هڪ اهڙي منزل بڻجي وئي، جيڪا سدائين اڳتي وڌندي رهي ٿي، پر انسان ان تائين پهچي نه سگهيو. جيئن شوپنهاور لکيو هو “Man can do what he wills but he cannot will what he wills.” ان جو مقصد آھي ته انسان کي عمل ڪرڻ جي آزادي آھي، پر خواھش پيدا ڪرڻ جي آزادي نه آھي، يعني انسان پنهنجي خواهشن جو غلام آهي ۽ خواهشن جي غلاميءَ ۾ آزاديءَ جو احساس ڪڏهن به ممڪن ناهي.

بايولاجيڪل لحاظ کان به، دماغ جيReward System  ۾ ڊوپامين جي ڪردار کي ڏسجي ته اها هميشه“Next Stimulus”  جي تلاش ۾ رهي ٿي. جڏهن انسان ڪنهن سهولت يا آسائش تي پهچي ٿو، تڏهن ئي دماغ وڌيڪ جي طلب ڪري ٿو. ان طلب جي تسلسل سبب سڪون ۽ مطمئن ٿيڻ وارو ڪيميائي توازن حاصل نٿو ٿي سگهي. اهوئي سبب آهي جو سوشيالاجي ۽ طبعي ارتقاءَ جو نفسياتي ارتقاءَ سان تضاد قائم رهيو. نوح حراري ۽ ٻين فلسفين جي خيالن مان به اهوئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته انساني تاريخ هڪ اهڙي ڊوڙ آهي جنهن ۾ مادي سهولتن ۾ اضافو ٿيو آهي، پر نفسياتي خوشي گهٽجي وئي آهي. اڄ جو انسان، جنهن وٽ سائنس، ميڊيڪل سهولتون، ٽيڪنالاجي ۽ سماجي ادارا آهن، اهو به اڪثر Anxiety، Depression، ۽Existential Emptiness  جو شڪار آهي. انهيءَ ڪري، هيءَ سوال انسان کي سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو ته جيئن هو پنهنجي سماجي ۽ طبعي اوسر سان گڏوگڏ پنهنجي نفسيات جي اوسر لاءِ به ڪوشش ڪري. جيڪڏهن انسان پنهنجي اندر جي سڪون ۽ جذباتي توازن کي اهميت نه ڏيندو، ته پوءِ هر قسم جي مادي ڪاميابي به بي معنيٰ ۽ بي وقعت ثابت ٿيندي.

انساني نفسيات جي اوسر ۾ سڀ کان وڏو چئلينج اهو آهي ته سماجي ۽ مادي ترقي سان گڏ اندروني سڪون ۽ اطمينان ڪيئن بحال رکجي. سادن لفظن ۾ ان جو ڇيد آھي ته انساني اوسر، بقا جي جنگ وڙھندي گذري، جنھن سبب انسان جي بايولاجيڪل اوسر ۾ خوشيءَ جو احساس پروان نه چڙھي سگھيو، جيڪو سندس خوشيءَ جي احساس سان ملاقات ڪرائي. مگر جيئن ته انسان ھاڻي پنھنجون نفسياتي پيچيدگيون سمجھي سگھي ٿو، تنھن ڪري ھو پنھنجي ايندڙ نسلن ۾ خوشيءَ جي اوسر لاءِ اھڙا طريقا اختيار ڪري جيڪي سندس خوشيءَ جي احساس کي دلي طور محسوس ڪري سگھن. ان رجحان سان اسان جي نفسيات ۾ خوشيءَ واري احساس جي اوسر يا گرومنگ ٿيندي، جيڪا وقت سان گڏ انساني جسم جو طبعي طور حصو بنجي ويندي. ترقي يافته ملڪن خوش رهڻ جو فن (well-being) سکڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ ڪجهه اهم تبديليون آنديون آهن، جيڪي نه رڳو شاگردن جي علمي قابليت تي ڌيان ڏين ٿيون، پر سندن ذهني، جذباتي ۽ سماجي بهبود تي به زور ڏين ٿيون. جيئن شاگردن کي خود شناسي، زندگيءَ جو مقصد ڳولهڻ، ڪميونٽي سان گڏجي رھڻ، روزمرہ جي زندگي گذارڻ جون مھارتون، اخلاقي ۽ سماجي سرگرميون شامل آھن.

***