چين ۽ روس جي ڪمپنين جي پاڪستان اسٽيل جي بحالي ۾ دلچسپي
پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي بابت ٿيل هڪ اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان اسٽيل مل جي بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اجلاس ۾ تجارت وارو صلاحڪار، نجڪاري وارو وزير ۽ چيئرمين بورڊ آف ڊائريڪٽر به شريڪ ٿيا هئا. هن موقعي تي وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته روس ۽ چين جي ڪمپنين پاران پاڪستان اسٽيل جي بحالي ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي وئي آهي. جنهن بابت مختلف تجويزن تي غور ڪيو پيو وڃي. هن موقعي تي وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ اداري کي فراموش ڪيو ويو هو جيڪو قوم مٿان هڪ ظلم برابر هو. اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان اسٽيل مل کي بحال ڪري هڪ منافع بخش اداري ۾ تبديل ڪيو وڃي ۽ اداري کي بحال ڪري هر مهيني خزاني تي پوندڙ بار کي گهٽائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اداري کي ڪارآمد بڻايو وڃي جيئن اهو ملڪي تاريخ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي.

