چين جو نائب صدر ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان ايندو
چين جو نائب صدر وانگ ڪشان ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان اچي رهيو آهي. پنهنجي دوري تي هو پاڪستان جي صدر عارف علوي ۽ وزير اعظم عمران خان سان ملاقات ڪندو. هن موقعي تي وزيراعظم هائوس ۾ تقريب جو انتظام ڪيو ويندو. دوري دوران مختلف معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ٿينديون. ان کان علاوه مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڪيترن ئي منصوبن جو افتتاح به ڪيو ويندو.

