ڪرپشن پاڪستان ۾ هڪ سنگين مسئلو
ڪرپشن هن وقت پاڪستان ۾ هڪ سنگين مسئلو بڻيل آهي. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي تازي (18-2017) گلوبل ڪامپيٽيٽونيس رپورٽ مطابق پاڪستان دنيا جي ڪرپٽ ملڪن ۾ هڪ سئو پندرهين نمبر تي هو، پر هن وقت ست نمبر مٿي آيو آهي ۽ پاڪستان جي رئنڪ ۾ سڌارو نظر آيو آهي. اهو گذريل ٻن سالن ۾ مستقل نظر اچي رهيو آهي. جنهن مان اها ڄاڻ پوي ٿي ته پاڪستان جي معيشت جا ڪجهه مئڪرو اڪنامڪ انڊيڪيٽرَ هڪ سال اندر سڌاري طرف وڌي رهيا آهن.

