ايڊيٽوريلنئون

سنڌ حڪومت جي ڇانوَ ۾ هلندڙ متوازي “نظام”

            رياست جو ڪاروهنوار هلائڻ جي لاءِ حڪومتي نظام جي اشد ضرورت هوندي آهي، جيڪڏهن نظام بهتر هلي ٿو ته اها رياست جي ڪاميابي هوندي آهي ۽ ملڪي ڪاروهنوار هلائڻ ۾ آساني ٿي ويندي آهي. ننڍو آفيسر هجي يا وڏو آفيسر يا ادارا هجن، سڀ رياست جي ماتحت هجن ٿا، اهي هڪ نظام تحت پنهنجو ڪم ڪار ڪن ٿا. انهيءَ نظام ۾ سزا به آهي، جزا به آهي، انصاف به آهي، قانون به آهي، انساني بنيادي حق به آهن، جرم ڪندڙ ماڻهن جي لاءِ سزائون به آهن، پوليس عملدار به آهن، جج به آهن. اهو رياستي نظام ئي آهي جيڪو ڪمزور ۽ طاقتور جي وچ ۾ توازن پيدا ڪري ٿو، جيڪڏهن انهيءَ نظام ۾ ڪوتاهي ٿئي ته پوءِ انهن رياستن جي اندر عوام کي بهتري يا بهتر زندگي ملڻ جي اميد گهٽجي وڃي ٿي. پوري ملڪ تي نظر ڦيرائجي ته عام طور تي ۽ جيڪڏهن صوبي سنڌ جي حڪمراني تي نظر ڦيرائجي ته خاص طور تي اسان کي سسٽم اندر تمام گهڻيون اوڻايون نظر اچن ٿيون.

            رياستي نظام کي جنهن نموني سان هلڻ گهرجي ايئن هلي ڪونه ٿو. تڪليف ان وقت وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي جڏهن سنڌ صوبي اندر حڪومتي نظام سان گڏ هڪ خانگي نظام پڻ هلي رهيو آهي، ان کان وڌيڪ بدقسمتي جي ڳالهه اها آهي ته ان خانگي نظام کي سنڌ حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي ۽ ملڪ ۾ موجود مقتدره پڻ انهيءَ نظام جي ڀرجهلائو محسوس ٿئي ٿي. ايئن ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ اندر رهندڙ هر ماڻهو کي متوازي نظام جي ڄاڻ هجي ۽ مقتدره جنهن وٽ سڀئي وسيلا موجود آهن ۽ ان کي ان نظام جي معلومات نه هجي، ته پوءِ يقينن اهو لکڻ ۾ حق بجانب آهيون ته مقتدره ان نظام جي ڀرجهلائو آهي، ان ڪري ان نظام کي روڪڻ جي ڪوشش نٿي ڪري. باقي رهي سنڌ سرڪار اها ته انهيءَ نظام جي حامي، فائدو حاصل ڪندڙ، سهولتڪار ۽ مددگار آهي. سنڌ سرڪار جي ننڍي عملدار کان وٺي سنڌ جي وزيرن مشيرن تي هر طرف کان آڱريون کڄن ٿيون. صوبي اندر رشوت جي بازار تَتَل آهي. امن امان جي حالتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، پوليس ڦورن سان، چورن سان، منشيات فروشن سان گڏ آهي. روزگار جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ننڍي کان وڏي نوڪري هوڪا ڏئي کپائي وڃي ٿي ۽ خريد ڪئي وڃي ٿي. مطلب نوڪري وٺڻ وري بدلي ڪرائڻ ۽ سيٽ حاصل ڪرڻ انهن سڀني جي لاءِ اگهه مقرر ٿيل آهن. زمينن تي قبضا ڪرائڻا هجن، ماڻهو اغوا ڪرائڻا هجن، جيڪڏهن ايئن چئجي ته درست ٿيندو ته سنڌ حڪومت جي هٿ هيٺ مختلف قسمن جون مافيائون هلي رهيون آهن، جن کي اهو خانگي نظام سپورٽ ڪري ٿو. روزانو جي بنيادن تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ٿئي ٿي. هر جائز ڪم ڪرائڻ لاءِ پڻ اگهه مقرر ٿيل آهي، اهو به نظر اچي ٿو ته جائز ڪم جي لاءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو رشوت نٿو ڏئي ته ان کي ايترو ته پريشان ڪيو ٿو وڃي ته آخر ۾ مجبور ٿي پئسا خرچ ڪري پنهنجو جائز ڪم ڪرائي. ناجائز ڪم ٿيڻ هن صوبي ۾ کاٻي هٿ جي راند آهي. توهان وٽ خريد و فروخت ڪرڻ جي لاءِ کيسا ڀريل هجن، هر طرف انهيءَ نظام جي واپار جي منڊي لڳي پئي آهي. ڪراچي جي واپارين ملڪ جي چيف آف آرمي اسٽاف کان مطالبو ڪيو ۽ ان تي چيف آف آرمي اسٽاف انهن کي خاطري ڪرائي ته انهن سان ٿيندڙ زيادتين جو يقينن ازالو ڪيو ويندو، جنهن جي ڪري بيورو ڪريسي ۾ ٿوري گهڻي اٿل پٿل پڻ نظر آئي آهي، پر اها وقتي ٿي سگهي ٿي مستقل حل نظر نٿو اچي. هاڻ جڏهن سنڌ گورنمينٽ صوبي جو ڪاروهنوار هلائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي جنهن جي ڪري ڪراچي جا واپاري حڪومت مٿان اعتبار نٿا ڪن. ڪراچي جيڪو سنڌ جي گادي وارو شهر آهي، جتي وزيراعليٰ، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس، سڀني شعبن جا سيڪريٽري ۽ وزير مشير موجود آهن اتي به جيڪڏهن حڪومت بهتر نموني سان پنهنجا فرض نڀائي نه سگهي ته پوءِ ڪشمور ڪنڌڪوٽ، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، لاڙڪاڻو ۽ ڏورانهن ضلعن جي سارسڀنال ڪير لهندو؟ سنڌ سرڪار اتي صرف من ماني ڪري پئي ۽ متوازي نظام کي سپورٽ ڪري پئي.

هاڻي صوبي جي ٻين ڊويزنن جا ماڻهو به ملڪ جي سپهه سالار کان مطالبو ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن ته سنڌ جون ٻيون ڊويزنون حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، سکر ۽ شهيد بينظرآباد جون حالتون ڪراچي ڊويزن کان تمام گهڻيون خراب آهن. جيڪڏهن اوهان ڪراچيءَ طرف ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو آهي ته پوءِ هنن ڊويزنن طرف پڻ ڌيان ڏيو. سنڌ سرڪار مان انهن ڊويزنن ۾ رهندڙ ماڻهن کي ڪا ڀلائي جي توقع نه آهي، ڇو ته سنڌ سرڪار صوبي جو ڪاروهنوار خانگي نظام جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ماڻهن کي لٽي ۽ ڦري رهيو آهي.