ايڊيٽوريلنئون

جي پي ايم سي ۾ ايڌي فائونڊيشن جو چئن ملين ڊالرن جو ڇاتيءَ جي سرطان جي علاج لاءِ يونٽ جو قيام

            پاڪستان دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي عورتن ۾ ڇاتيءَ جو سرطان تمام گهڻو تيزيءَ سان وڌي رهيو آهي. 9 عورتن مان هڪ عورت ڪينسر جي مرض جو شڪار آهي. ان جا سبب ڪيترائي آهن، جنهن ۾ طرز زندگيءَ جو تبديل ٿيڻ ۽ غير معياري کاڌي پيتي جو استعمال ان کان علاوه عورتن جي اندر ڇاتيءَ جي سرطان جي گهٽ آگاهي شامل آهي. اهي سڀ عوامل ان مرض کي تمام گهڻو خطرناڪ بڻائي ڇڏين ٿا. هن وقت صوبي سنڌ ۾ تقريبن هر ضلعي سطح تي ڇاتيءَ جي سرطان جي چڪاس لاءِ مشينون موجود آهن، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي.

            جڏهن ڇاتيءَ جو سرطان ايترو تيزيءَ سان وڌي رهيو هجي ۽ ان ۾ مبتلا مريضن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هجي ضروري آهي ته سهولتن ۾ به اضافو ٿيڻ گهرجي ته جيئن وڌ کان وڌ عورتن جا ٽيسٽ ٿي سگهن ۽ انهن کي شروعاتي مرحلي تي ان مرض جو علاج مهيا ٿي سگهي. ايڌي فائونڊيشن پاڪستان ۾ هڪ تمام وڏو فلاحي ادارو آهي، جيڪو بغير ڪنهن فرق جي ملڪ جي سڀني صوبن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي. ايڌي فائونڊيشن نه صرف زنده انسانن جي لاءِ ڪم ڪري ٿو، بلڪه انهن مرده لاشن کي به کڻي دفن ڪرائي ٿو، جن جو ڪوبه وارث نٿو ملي. مولانا عبدالستار ايڌي هن فائونڊيشن کي انساني محبت جي بنياد تي قائم ڪيو ۽ سندس زال بلقيس ايڌي به ان ئي ساڳئي جذبي سان ان کي هلايو. ٻنهي جي وفات کانپوءِ هاڻي سندن پٽ ۽ ننهن هن فائونڊيشن کي هلائي رهيا آهن. جنهن ۾ انهن جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل ڪاليج جي لاءِ چار ملين ڊالر (1,124,009,200.00 رپيا) جي مشينري فراهم ڪئي آهي. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ريڊيئيشن آنٽولاجي جي پروفيسر ڊاڪٽر طارق محمود مطابق روزاني جي بنياد تي 160 ڇاتيءَ جي سرطان ۾ مبتلا مريض خواتين جو علاج ٿي سگهندو. هن مشين جي ذريعي هئلڪس ٽومو ٿراپي جنهن ۾ تمام ايڊوانس ريڊيئيشن جي ذريعي ڪينسر جو علاج ڪيو ويندو.  هن يونٽ جي ذريعي عورتن کي نئين ٽيڪنالاجيءَ ذريعي ڪينسر جي علاج جون سهولتون مهيا ٿي سگهنديون، جنهن جا سائيڊ افيڪٽ تمام گهٽ آهن. ان کان علاوه سنڌ حڪومت پڻ ان يونٽ کي فنڊز ڏيڻ جو ۽ مشينن جي مرمت ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 40 هزار خواتين سرطان جي ڪري هر سال پنهنجون قيمتي جانيون وڃائي ويهن ٿيون. هر سال 30 هزار خواتين جي ڇاتيءَ جي سرطان جي تشخيص ٿئي ٿي، جن کي يا ته سرجري جي يا ڪيمو ٿراپي ۽ ريڊيئيشن جي ذريعي علاج مهيا ڪيو وڃي ٿو. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت ڇاتيءَ جي سرطان جي آپريشن ۽ ڪيمو ٿراپي جون سهولتون پاڪستان جي وڏين وڏين اسپتالن ۾ سرڪاري ۽ خانگي سطح تي موجود آهن، پر ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته ڪينسر جو علاج تمام گهڻو مهانگو آهي ۽ اسان جهڙن غريب ملڪن ۾ جيڪي ماڻهو ان مرض ۾ مبتلا ٿين ٿا انهن جو الهه تلهه چٽ ٿي وڃي ٿو ۽ اهو به يقين نه هوندو آهي ته اهو فرد جيڪو سرطان جو شڪار ٿيو آهي ان کي ان مان 100 سيڪڙو ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو. اهڙي وقت ۾ عبدالستار ايڌي فائونڊيشن “دي بلقيس اينڊ عبدالستار ايڌي بريسٽ ريڊيئيشن بي” جهڙو يونٽ قائم ڪري ڪيترين ئي عورتن جي لاءِ هڪ وڏو سهارو پيدا ڪيو آهي. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جو هي يونٽ مڪمل طور تي مفت علاج فراهم ڪندو، جنهن ۾ دنيا جي جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪيو ويندو. سڀ کان وڏي ڳالهه آهي ته جيئن عبدالستار ايڌي فائونڊيشن انسانيت جي بنياد تي ڪم ڪندي آهي، هن اداري جو مقصد به انساني بنيادن تي ڪم ڪرڻ آهي ۽ علاج ڪرڻ وقت ڪنهن به مريض جو مذهب، ذات، نسل نه پڇيو ويندو. هيستائين پاڪستان جي 167 شهرن مان ۽ مختلف 15 ملڪن مان عورتون هن يونٽ مان فائدو وٺي چڪيون آهن.

            جتي اهڙين بيمارين جي لاءِ علاج جون سهولتون وڌي رهيون آهن ساڳي جاءِ تي پاڪستان جي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن کي گهرجي ته ڪينسر جي خلاف آگاهي مهم شروع ڪن. خاص طور تي عورتن جي ڇاتيءَ جي سرطان جي آگاهي مهم کي مستقل بنيادن تي ريڊيو، ٽيليويزن، ايف ايم، اخبارن ۽ سوشل ميڊيا جي ذريعي تيزيءَ سان هلايو وڃي ته جيئن عورتن کي ان بيماريءَ جي سببن ۽ ان کان بچاءُ جي طريقن جي باري ۾ آگاهي ملي سگهي. هڪ چوڻي آهي ته “احتياط علاج کان بهتر آهي”. اسان جهڙو غريب ملڪ جتي علاج جون سهولتون تمام گهڻيون مهانگيون يا وري گهٽ آهن  ۽ اتي عورتن جو ڇاتيءَ جي سرطان ۾ مبتلا ٿيڻ جو انگ تيزيءَ سان وڌندو ته نه صرف انهن گهراڻن تي اثر پوندو، جتي اهڙيون مريض عورتون موجود هونديون، پر ان جو اثر اسان جي پوري معاشي نظام تي به پوندو. عبدالستار ايڌي جي اداري کي واڌايون هجن، جنهن حساس مسئلي ڏانهن ڌيان ڏنو ۽ پنهنجو هٿ وڌائي پنهنجي امداد به مهيا ڪئي آهي.