آمريڪا جي صدر جوبائيڊن پاڪستان سان لاڳاپن جي ڳالهه ٻولهه ڪندي اهو چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جا تعلقات عالمي استحڪام لاءِ ضروري آهن. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پائيدار شراڪتداري عالمي ۽ علاقائي استحڪام انتهائي ضروري آهن. پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن کي پنجهتر سالن کان وڌيڪ وقت ٿيو آهي ۽ ٻئي ملڪ انهيءَ عرصي کان وٺي هڪٻئي سان دوستي وارن لاڳاپن ۾ رهيا آهن.
پاڪستان 14 آگسٽ 1947 ۾ جڏهن وجود ۾ آيو ته آمريڪا انهن ملڪن ۾ شامل هو جن پاڪستان کي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ جلد ئي تسليم ڪري ورتو ۽ 15 آگسٽ تي ان وقت جي آمريڪي صدر هيري ٽرومين باني پاڪستان محمد علي جناح کي مبارڪون اماڻي دوستيءَ جو پيغام ڏنو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي دوستي ۽ اتحاد 1950ع کان شروع ٿيو، پاڪستان جلد ئي روس ۽ آمريڪا جي سرد جنگ ۾ آمريڪا جو اتحادي بڻجي ويو ۽ پاڪستان انهيءَ دنيا جي سڀني کان وڌيڪ ترقي يافته ملڪ ۽ طاقت سان سيٽو ۽ سينٽو جي معاهدن ۾ شامل ٿي ويو. ڊسمبر 1959 ۾ يعني پاڪستان جي قيام کان 12 سال پوءِ آئزن هاور پهريون آمريڪي صدر هو جنهن پاڪستان جو دورو ڪيو. دوستي ۽ اتحاد جي اها تاريخ تمام ڊگهي آهي. پاڪستان جي خطي ۾ اهميت نه صرف ان جي جاگرافي جي ڪري آهي، پر پاڪستان هڪ وڏي فوجي طاقت ۽ ائٽمي قوت پڻ آهي. پاڪستان جيئن ته آمريڪا جو ڀروسي مند اتحادي رهيو آهي، انهيءَ حوالي سان اها ڳالهه ڪجي ته سرد جنگ جي دوران ئي سوويت روس جي خلاف افغانستان جي جنگ ۾ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم رهيو. انهيءَ کان اڳ پاڪستان جي سرڪار 60ع جي ڏهاڪي جي آخر ۾ آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ ڄميل برف پگهرائڻ ۾ ڪامياب ٿي. سڀني هيٺانهين مٿانهين جي باوجود آمريڪي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان آمريڪا لاءِ هميشه اهم رهيو آهي، پر اها اهميت تڏهن گهڻي وڌي وئي جڏهن اهو سوويت روس جي خلاف آمريڪا جو اتحادي ٿيو. آمريڪا تي جڏهن نائن اليون جو حملو ٿيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ فوجي ۽ معاشي تعلقات هڪٻئي جي ايترو ويجهو اچي ويا جو ٻئي ملڪ ڄڻ هڪٻئي جي ضرورت بڻجي ويا، تڏهن کان آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ترقياتي شعبن کان وٺي سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي سان ڳنڍيل آهن ۽ اڄ تائين ٻئي ملڪ پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ عالمي ۽ علاقائي استحڪام لاءِ هڪ راءِ رکن ٿا. رضوان سعيد شيخ پاڪستان جو 30 هون سفير آهي تازو پاڪستان جي پاران آمريڪا ۾ هن جي مقرري کانپوءِ جڏهن هن پنهنجي مقرري جا ڪاغذ واشنگٽن ۾ آمريڪي صدر جوبائيڊن کي پيش ڪيا، تڏهن صدر جوبائيڊن پاڪستاني سفير جي مقرري واري تقريب ۾ اهم ڳالهيون ڪيون.
هن پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مضبوط شراڪتداريءَ جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ اهو چيو آهي ته عالمي ۽ علاقائي استحڪام ٻنهي ملڪن لاءِ ضروري آهي. هن موسمياتي تبديلي ماحول ۽ صحت تي ته ڳالهه ڪئي، پر ٻنهي ملڪن جي سلامتي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ واري عزم کي ورجايو. جوبائيڊن دهشتگردي جي خلاف پاڪستان ۽ آمريڪا جي تعاون کي به ساراهيو ۽ سلامتي، تجارت، سرمائيڪاري ۽ اقتصادي ترقيءَ ۾ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفادن جي تعمير جي اهميت تي زور ڏنو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي اقتصادي شراڪتداري جنهن کي اسان جي ملڪ جي عمر جيتري پراڻي تاريخ آهي، اها لڳي ٿو ته اڃان به بهتري جي طرف وڃي رهي آهي. پاڪستان آمريڪا کان انفارميشن ٽيڪنالاجي، گرين ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي ڊجيٽل پليٽ فارم ۽ اعليٰ تعليم ۾ سرمائيڪاري جو خواهشمند آهي. ٻنهي ملڪن جي تعلقات جو هڪ ننڍو مثال ڏجي ته تازو پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف ۽ وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز سان ملاقات ڪئي آهي. ايئن پاڪستان ۾ آمريڪي سفارتي عملو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيڪ تمنائن جو ڪم ڪري رهيو آهي. آمريڪا ۽ پاڪستان تعلقات انتهائي اهم آهن ۽ خطي جي موجوده حالتن ۾ ٻنهي ملڪن جي دوستي انتهائي ضروري آهي. ڇاڪاڻ جو سلامتي، تعاون ۽ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ پيدا ٿيل موجوده صورتحال ۾ دنيا جي ملڪن سان دوستي پاڪستان لاءِ ضروري آهي، پر آمريڪا جيئن ته عالمي طاقت آهي انهيءَ ڪري ان سان اسان جا بهتر تعلقات موجوده حالتن ۽ مستقبل لاءِ ضروري آهن.