ايڊيٽوريلنئون

نه صرف حڪومت کي، پر هڪ عام ماڻهو کي به نئين سال لاءِ پنهنجو ريزوليوشن (عزم) طئي ڪرڻو پوندو

سال 2025ع ڏسندي ئي ڏسندي گذري ويو، هن وقت پاڻ 2026ع جي سال ۾ قدم رکي چڪا آهيون. وقت جي خبر ته ڪنهن کي به ڪونهي، پر جديد سائنس خاص ڪري البرٽ آئن اسٽائن کانپوءِ وقت کي هڪ لڪير بدران چئن رخن وارو سمجهيو وڃي ٿو، پر اسان جي ذهن ۾ وقت اڃان به هڪ لڪير وانگر موجود آهي ۽ اسان وقت کي ماضي، حال ۽ مستقبل ۾ ڏسون ٿا، ڳالهايون ٿا ۽ محسوس ڪريون ٿا. 2025ع هاڻي اسان جي ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪو آهي. 2026ع اسان جو حال به آهي ۽ مستقبل به. نئين سال جو شروع ٿيڻ قومن جي لاءِ تمام گهڻو خوشين جو موقعو هوندو آهي. ڇو ته قومون پوري سال تائين پنهنجي سڀني توانائين کي گڏ ڪري پنهنجن چئلينجن سان منهن ڏينديون آهن ۽ ڪاميابيون حاصل ڪندي ۽ تڪليفون برداشت ڪندي نئين عزم سان نئين سال ۾ داخل ٿينديون آهن. نه صرف قومون، بلڪه انفرادي طور تي فرد به پنهنجي لاءِ هڪ ريزوليوشن مقرر ڪري پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ جو فيصلو ڪندا آهن. ڪجهه ماڻهن جي عادت آهي ته اهي پنهنجي لاءِ ڪنهن هڪ يا ٻن مقصدن جي حصول کي عملي جامو پارائڻ جو پنهنجو پاڻ سان واعدو ڪري سڄو سال ان تي عمل ڪندا آهن ۽ پوءِ جيتري انهن کي ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي ته ٻئي سال انهيءَ ڪاميابي ۾ اضافو ڪرڻ لاءِ وري نئون عزم جوڙيندا آهن. اها هڪ تمام سٺي ڳالهه آهي ته انسان پنهنجو پاڻ کي ننڍا ننڍا هدف ڏئي اڳتي وڌندو رهي ۽ ڪاميابيون ماڻيندو رهي. ساڳيو حال قومن جو به هوندو آهي، اهي به پنهنجي لاءِ هدف مقرر ڪنديون آهن ۽ انهن ۾ ڪاميابيون به حاصل ڪنديون آهن ته ڪڏهن چئلينجن کي به منهن ڏينديون آهن. پاڪستان نئين سال جي آغاز تي نيون اميدون، نوان خواب ۽ نوان موقعا کڻي اچڻ جي لاءِ پراميد آهي.

سال 2025ع ۾ ڏٺو وڃي ته پاڪستان ڪيترن ئي ميدانن ۾ اڳڀرو ٿيو آهي. پاڪستان معاشي طور تي جيڪڏهن تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل نه به ڪيون آهن تڏهن به پاڪستان معاشي استحڪام ڏانهن قدم ضرور وڌايو آهي. ان ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي تسلسل ۽ دوست ملڪن جي سيڙپڪاري جيڪا اڃان تائين اسان جي اميدن جي مطابق نه ٿي آهي، پر ضرور اسان جي معاشي استحڪام جو سبب بڻي آهي. پاڪستان جي اندر نوجوانن جي لاءِ هڪ نئون موقعو ڊجيٽل اڪانامي ۾ واڌ آهي، جتي فري لانسر ۽ آءِ. ٽي ايڪسپورٽر وڌي رهيا آهن. حڪومت پاران ڊجيٽلائيزيشن ۽ 5G جي شروعات لاءِ ڪيل ڪوششون ڪاميابي طرف وڌي رهيون آهن. 2025ع ۾ پاڪستان اندر سولر انرجي جي استعمال ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو، جنهن سان پاڪستان جي عوام جي بجلي جي بلن ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي ٿي آهي ۽ ماحولياتي گدلاڻ ۾ به ڪمي آئي آهي. ان کان علاوه 2025ع ۾ پاڪستان ۽ انڊيا جي وچ ۾ عسڪري ڇڪتاڻ رهي، مئي 2025ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مختصر، پر شديد جنگي صورتحال پيدا ٿي، جنهن ۾ پاڪستاني فضائيه ۽ آرٽلري پاران انڊيا جي فوجي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو ۽ هن جنگ ۾ پاڪستان جو پلڙو ڳرو رهيو. جنهن سان پاڪستان جي پوري دنيا ۾ عزت افزائي ٿي آهي، پر ساڳئي وقت پاڪستان جيڪو هڪ ترقي ڪندڙ ملڪ آهي، جنهن وٽ نوجوان آباديءَ جي هڪ وڏو انگ موجود آهي، مهانگائي ۽ بيروزگاري کي به منهن ڏنو آهي. پاڪستان جي معيشت ۾ گردشي قرض جيڪو پاڪستان جي معيشت لاءِ هڪ وڏو مسئلو آهي، بجلي ۽ گئس جي شعبن ۾ وڌندڙ قرضن جي ڪري توانائي جو بحران برقرار رهيو. جتي پاڪستان کي آءِ ايم ايف هڪ هٿ سان قرض ڏنو ته ٻئي هٿ سان انهن بجيٽ جو وڏو حصو وياج ۽ قسطن جي صورت ۾ واپس ورتو. ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي سان مقابلو ڪندڙ پاڪستان 2025 ۾ به سرحد کان پار ايندڙ دهشتگردن ۽ ملڪ اندر موجود ٽي ٽي پي جي دهشتگردن سان منهن ڏيندو رهيو، جنهن ۾ پاڪستان جي فورسن جا ڪيترائي جوان شهيد ٿيا. هن وقت پاڪستان جو آبادي جي لحاظ کان سڀ کان وڏو صوبو پنجاب سموگ ۽ فضائي گدلاڻ کي منهن ڏئي رهيو آهي. پاڪستان ۾ چئني صوبن اندر پاڻيءَ جي کوٽ وڌي رهي آهي، جنهن جو سبب پاڻيءَ جهڙي اهم مسئلي ۾ بدانتظامي آهي.

ان کانسواءِ پاڪستان جي چئني صوبن ۾ لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪي اڳتي هلي ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سرمايو بنجڻ بجاءِ بوجهه بڻجي ويندا ۽ انهن مان ڪيترائي نوجوان دهشتگردن جي ور به چڙهي سگهن ٿا. نه صرف ايترو بلڪه اسان جو قابل ۽ هنرمند نوجوان طبقو ملڪ ڇڏي بهتر مستقبل لاءِ ٻاهر هليو ويو آهي. 2026ع ۾ پاڪستان حڪومت کي پنهنجين پاليسين کي بهتر ڪرڻ ۽ معاشي سڌارن آڻڻ لاءِ وڏا فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. نئين سال ۾ حڪومت کي غربت جو خاتمو ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ خاموش معاشي انقلاب آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته گهريلو صنعت کي هٿي وٺرائي. هي اهو شعبو آهي جتي اسان جي ڪابه سيڙپڪاري نظر نٿي اچي. وڏي ڳالهه اها آهي ته تمام گهٽ سرمائي سان ماڻهن جي زندگيءَ کي وڏي آسانيءَ سان تبديل ڪري سگهجي ٿو. جنهن ۾ گهڻو ڪري عورتن کي نوان هنر سيکاري انهن هنرن مان پنهنجو روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ تربيت ڏيڻ، وقت جي اهم ضرورت آهي. وقت تبديل ٿيڻ سان معيشت جي اندر نوان رجحان اچي رهيا آهن. اسان کي پنهنجي معيشت جي هر ننڍي سيڪٽر ۾ پلاننگ ڪري هر ننڍي وڏي ڪاروبار جي لاءِ نوجوانن ۽ عورتن کي تيار ڪرڻو پوندو، جنهن ۾ ڪپڙن جي ڀرٿ کان وٺي شڪارپور جي آچار ٺاهڻ تائين، راندين جو سامان ٺاهڻ کان وٺي شين جي پئڪنگ ڪرڻ تائين عوام کي تربيت ڏئي، انهن کي هنرمند بنائڻو پوندو ته جيئن ڪوبه شخص پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي گهر تي بوجهه نه هجي. چين وانگر اسان کي به پنهنجي گهر جي هر فرد کي باصلاحيت بڻائي معاشي ترقيءَ جي لاءِ سگهارو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان جي حڪومت اهڙو عزم ڪري چڪي آهي ته پوءِ 2027ع ۾ اسان 2026ع جون ڪاميابيون ملهائي رهيا هونداسين، پر جيڪڏهن اڃان حڪومت اهڙو ڪوبه عزم ناهي ڪيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي اهڙو عهد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

اسان پنهنجي سڀني پڙهندڙن کي نيئن سال جون مبارڪون پيش ڪريون ٿا.