صحت کاتو ۽ هيلٿ ڪيئر ڪميشن لڳي ٿو ته هن تيزيءَ سان پکڙجندڙ خطري کان اڻواقف آهن يا وري هن تباهه ڪندڙ ايڊز جهڙي بيماريءَ کي نظرانداز ڪري رهيا آهن. خبرن مطابق هن وقت ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ سوين معصوم ٻار ۽ وڏا ايڊز جي بيماريءَ جي وڙ چڙهيل آهن.
سوين ايڊز جا مريض ظاهر ٿيڻ باوجود صحت کاتو توڙي ايڊز تي ڪم ڪندڙ تنظيمون ۽ آفيسر ڪروڙين رپيا بجيٽ خرچ ٿيڻ باوجود هن آئوٽ بريڪ تي خاموش آهن. رپورٽن مطابق ضلعي شهيد بينظيرآباد ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ايڊز جا ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جن ۾ گهڻائي ننڍن ٻارن جي آهي. هلندڙ سال جولاءِ جي مهيني ۾ نوابشاهه پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ۾ 80 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 45 ٻارڙا ۽ ٻارڙيون شامل آهن. آگسٽ جي مهيني ۾ 100 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 80 کان وڌيڪ ٻارڙا ۽ ٻارڙيون شامل آهن. سيپٽمبر ۾ 78 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 60 ٻارڙا ۽ ٻارڙيون شامل آهن. ايڊز جيڪو ايڇ آءِ وي (HIV) يعني هيومن اميون ڊيفيشينسي وائرس جي ڪري ٿيندو آهي. هي وائرس جسم جي حفاظتي نظام کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جڏهن اهو نظام تمام گهڻو ڪمزور ٿي وڃي ته ان حالت کي ايڊز سڏيو ويندو آهي.
ايڊز صحت جي هڪ اهڙي صورتحال آهي جيڪا پاڻمرادو نٿي ٿئي، بلڪه اها هميشه ايڇ آءِ وي وائرس جي منتقلي جي ڪري ٿئي ٿي ۽ اها وائرس جي منتقلي ڪجهه مخصوص جسماني رتوبتن جي ذريعي هڪ ماڻهو کان ٻئي ماڻهو ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ رت، ماءُ جو کير، مرد جي مني ۽ عورت جو اندام نهاني جو پاڻي شامل آهن. ايڇ آءِ وي يا ايڊز پکڙجڻ جا مکيه سبب هي آهن، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ وڏو سبب غير محفوظ جنسي تعلق اچي وڃي ٿو. جنهن ۾ ايڇ آءِ وي مثبت شخص سان جڏهن هڪ صحتمند ماڻهو جي جسم جون رتوبتون ملن ٿيون يا ان جي جسم ۾ داخل ٿين ٿيون ته صحتمند ماڻهو کي اهو وائرس منتقل ٿي وڃي ٿو. ان کانپوءِ سڀ کان خطرناڪ ۽ عام سبب رت يا سُئي ذريعي ان وائرس جو منتقل ٿيڻ غريب ملڪن ۾ هڪ عام سبب بڻجي چڪو آهي، جيڪو هن وقت سنڌ ۾ نوابشاهه سميت ٻارن جي متاثر ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب نظر اچي ٿو. سُئي يا سرنج جو ٻيهر استعمال جيڪا هن وقت طبي ڪلينڪن ۾ عام ٿي رهيو آهي.
ڇو ته اسان وٽ سرنجن جي صفائي يا اسٽرلائيزيشن جو طريقو اختيار نٿو ڪيو وڃي ۽ اسان جو صحت کاتو انهن شين کي نظر انداز ڪري ڊاڪٽرن ۽ عطائي ڊاڪٽرن کي پنهنجون ڪلينڪون هلائڻ لاءِ کليل لائسنس ڏئي هن بيماريءَ کي پکيڙڻ جي لاءِ ڄڻ ته سرٽيفڪيٽ مهيا ڪري ٿو. ٽيون سبب نسن ذريعي نشو واپرائڻ آهي، جيڪي ماڻهو نشي جو شڪار آهن اهي هڪ سُئي سان ٻئي ماڻهو کي به اها ساڳي نشي واري دوا ڏين ٿا، جنهن سان اهو وائرس تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي. ان کان علاوه اڪثر اوقات اهي نشي جا عادي ۽ ايڇ آءِ وي جا مريض نشي جي لاءِ پنهنجو رت بلڊ بينڪن کي وڪڻي ڏيندا آهن جيڪو بغير ڪنهن چڪاس جي وري ڪنهن مريض کي ڏنو ويندو آهي ته ان سان به ان بيماريءَ جي پکيڙ ٿئي ٿي.
جيڪڏهن ڪا ماءُ ايڇ آءِ وي مثبت هجي ته ان جو ٻار به متاثر ٿي سگهي ٿو. حمل دوران وائرس ماءُ جي رت مان ٻار جي جسم ۾ يا پيدائش دوران ماءُ جي رت ۽ رتوبتن جي ذريعي ٻار کي متاثر ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه ايڊز متاثر ماءُ کير ذريعي به اهو وائرس منتقل ڪري سگهي ٿي. 2019ع ۾ رتوديرو ۾ به هڪ آئوٽ بريڪ ٿيو هو، جنهن مان خبر پئي هئي ته هڪ ڊاڪٽر غير محفوظ سُيون استعمال ڪري مريضن ۾ اها بيماري پکيڙي رهيو هو. جيئن ته سنڌ ۾ ايڊز جي پکيڙ جو سبب غير محفوظ طبي عمل ۽ جعلي ڊاڪٽرن جو پکڙجڻ آهي، ان ڪري عوام جي صحت جي حفاظت ڪرڻ انهن کي ان بيماريءَ کان بچاءُ جي لاءِ ضروري اپاءُ وٺڻ سنڌ سرڪار جو ئي ڪم آهي. سنڌ جي صحت کاتي کي گهرجي ته انفيڪشن ڪنٽرول ۽ سرنجن جي ضابطي جي لاءِ قانون ٺاهي ته جيئن هر جاءِ تي، هر ڪلينڪ تي هڪ سرنج صرف هڪ دفعو استعمال ٿي سگهي. ان کان علاوه بايو ميڊيڪل ويسٽ جو انتظام سمورين اسپتالن، ڪلينڪن ۽ ليبارٽرين لاءِ لازمي قرار ڏنو وڃي ته اهي سُين کي محفوظ طريقي سان تلف ڪري ڪچري ۾ اڇلائين.
سڀني رجسٽرڊ ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، نرسن ۽ اسپتال جي سڄي عملي کي بنيادي انفيڪشن ڪنٽرول جي تربيت ڏني وڃي. جعلي ڊاڪٽرن جي خلاف ڪوبه قدم نٿو کنيو وڃي جيڪا صحت جي کاتي ۾ حڪومت جي وڏي ناڪامي جو سبب بڻجي رهي آهي. حڪومت کي گهرجي ته ڪلينيڪل اسٽيبلشمينٽ ايڪٽ لاڳو ڪري جعلي ۽ غير رجسٽرڊ ڪلينڪن جي نشاندهي ڪري، انهن کي فوري سيل ڪيو وڃي ۽ انهن جي مالڪن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. گڏوگڏ عوام جي اندر آگاهي مهم هلائي غير ضروري سُئي لڳرائڻ کان پاسو ڪرڻ بابت آگاهي ڏني وڃي. ڊاڪٽر کي گهرجي ته سيل ٿيل سُئي مريض جي اڳيان کولي ان کي ڏيکاري ۽ پوءِ استعمال ڪري. ان کان علاوه رت جي منتقلي جو نظام بهتر ڪرڻ جي به ضرورت آهي. سڄي سنڌ ۾ بلڊ بينڪن جي ڪم جي نگراني هڪ مضبوط ريگيوليٽري نظام تحت ڪئي وڃي، انهن جي معياري اسڪريننگ کي لازمي قرار ڏنو وڃي، جنهن ۾ رت چاڙهڻ کان اڳ ايڇ آءِ وي، هيپاٽائيٽس بي، سي ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جي اسڪريننگ ڪئي وڃي. نجي بلڊ بينڪن جي باقائده آڊٽ ڪئي وڃي ته جيئن ڪنهن به حال ۾ غير معياري يا اڻ چڪاسيل رت وڪرو نه ٿي سگهي. اميد آهي ته هن اهم مسئلي طرف جلدي ڌيان ڏئي ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.