ايڊيٽوريلنئون

سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ، سنڌ حڪومت جي تعليمي پروگرام کي ناڪام بنائڻ ۾ ڪامياب، 40 سيڪڙو ٻار ڪتابن کان محروم

سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو اداري طور قيام ان مقصد لاءِ آندو ويو هو ته جيئن سنڌ ۾ تعليمي نظام کي مضبوط ڪري شاگردن کي معياري، سستا ۽ وقت سر درسي ڪتاب فراهم ڪري سگهجن، پر افسوس جو هي ادارو جيڪو نرسري کان وٺي ٻارهين درجي تائين درسي ڪتاب مهيا ڪري ٿو، اهو سالن کان پنهنجي خراب ڪارڪردگيءَ جي ڪري سخت تنقيد جي هيٺ آهي. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جڏهن کان وٺي ڪتاب ڇاپڻ جو ڪم پبلشرن جي هٿ ۾ ڏنو آهي، ان وقت کان وٺي ڪتاب وقت تي نه ملڻ هڪ عام ڳالهه ٿي وئي آهي.

هينئر به خبرن مطابق سنڌ جا 40 سيڪڙو شاگرد درسي ڪتابن کان محروم آهن. بااثر پبلشر رائلٽي ۽ ڪتابن جي ڇپائي جي آڙ ۾ ساليانو ڪروڙين رپيا ڪمائڻ لڳا آهن. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۽ نجي پبلشر مافيا جي ڳٺ جوڙ سبب غريب شاگرد جيڪي سرڪاري اسڪولن ۾ پڙهن ٿا، انهن کي به بڪ اسٽالن تان درسي ڪتاب خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. سنڌ حڪومت چوڻ کان ته تمام سٺا پروگرام شروع ڪري ٿي، جنهن ۾ هڪڙو پروگرام پهرين درجي کان وٺي ٻارن کي ميٽرڪ تائين درسي ڪتاب مفت ورهائڻ جو پروجيڪٽ به آهي، جيڪو هڪ قابل تعريف پروگرام آهي. جنهن جو مقصد اهو آهي ته سڀني ٻارن کي تعليم تائين رسائي حاصل ٿي سگهي ۽ معاشي طور تي ڪمزور طبقا جيڪي ڪتاب وٺڻ جي سگهه نٿا رکن انهن کي مفت ڪتاب ملڻ سان حڪومت طرفان هڪ وڏي مدد مهيا ٿئي ٿي، پر سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ عملي طور تي ان پروگرام کي ناڪام بڻائي چڪو آهي.

سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو هر سال جيان هلندڙ سال به سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ مڪمل درسي ڪتاب پهچائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي. ڪجهه مخصوص پبلشرن کي ٺيڪا حوالي ڪيا وڃن ٿا، جيڪي رائلٽي ۽ ٻين ڪمن جي مد ۾ ڪتابن جي ڇپائي مان ساليانه ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ جا غريب شاگرد جن جو مستقبل انهن ڪتابن جي مدد تي منحصر آهي، اهي ڪتاب حاصل ڪرڻ جي سهولت کان محروم بڻيل آهن. سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي ڪارڪردگي تي ڪيترائي سوال پهرين به اٿي چڪا آهن، جن ۾ نون ڪتابن جو اسڪولن جي ٻارن جي هٿن ۾ هجڻ جي بدران وڏو ذخيرو ڪٻاڙي وارن جي دڪانن ۾ به ملي چڪو آهي، جنهن جي تفتيش اڃان تائين نه ڪئي وئي آهي ته اهي ڪتاب جيڪي ٻارن جي هٿن ۾ هجڻ گهرجندا هئا اهي ڪٻاڙي وارن وٽ ڪيئن پهتا؟

سال 2025-2026 لاءِ تقريبن 5 ملين ڪتابن جا سيٽ تيار ڪيا وڃڻا هئا، صرف ڪراچي جي لاءِ 7 لک ڪتابن جا سيٽ فراهم ڪرڻا هئا، پر ڪيترائي اسڪول اڃان تائين ڪتاب حاصل نه ڪري سگهيا آهن، جنهن جي ڪري ڇهين کان وٺي ڏهين درجي تائين تعليم جو عمل متاثر ٿي رهيو آهي. چيو وڃي ٿو ته جن اسڪولن مان 100 ڪتابن جي سيٽ جو آرڊر ڏنو وڃي ٿو اتي صرف 40 کان 50 سيٽ موڪليا وڃن ٿا. جنهن جي لاءِ اداري جو موقف آهي ته بجيٽ دير سان ملي ٿي، ڇپائي جا ٽينڊر وقت تي نه ٿيا، ڪاغذ جي قيمت وڌي وئي ان قسم جا بهانا اڳيان اچن ٿا. 2025ع ۾ اها ڳالهه ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي آهي ته ڪراچي سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ نوان درستي ڪتاب نه پهچڻ جي ڪري ٻارن جو پڙهائي جو عمل تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي.

ڪلاس ۾ جيڪڏهن ڏهن ٻارن وٽ ڪتاب موجود نه هوندا ته اهي ٻار احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ويندا ۽ پنهنجو ڪم وقت تي نه ڪرڻ سبب ڪلاس کان پٺتي رهجي ويندا. ان معمولي غفلت جي ڪري انهن ٻارن جو مستقبل داءُ تي لڳل رهندو ۽ اهو غريب جو ٻار جيڪو سرڪار جي امدادي ڪتابن تي پڙهي رهيو آهي، اهو هميشه ٻه ٽي قدم پٺيان رهجي ويندو، جنهن جي ڪري هو زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌي نه سگهندو. عوام جي اها گهر آهي ته سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي مالي ڪارڪردگي جو شفافيت سان آڊٽ ڪيو وڃي ۽ اها رپورٽ عوام آڏو پيش ڪئي وڃي ته آخر سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ اندر ڪهڙي راند کيڏي پئي وڃي ۽ هي ادارو پنهنجن فرضن کي وقت تي پورو ڇو نه پيو ڪري سگهي؟

جيڪڏهن ڪرپشن، بي ضابطگين ۽ گهوٻين جا الزام لڳن پيا ته انهن جي صحيح طرح سان جاچ ٿيڻ گهرجي. هن اداري کي تمام وڏو بجيٽ ملي ٿو، جيڪو سنڌ جي ٻارن کي ڪتاب ساليانو پهچائڻ جي لاءِ ڪافي کان وڌيڪ آهي، پر ان جي باوجود به جيڪڏهن هي ادارو ڪم نه پيو ڪري سگهي ته پوءِ هن اداري کي سڌارڻ لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ هن وقت جيترا به ماڻهو پنهنجي ڪم ۾ غفلت ڏيکاري رهيا آهن يا اداري کي نقصان پهچائي رهيا آهن انهن کي بي نقاب ڪيو وڃي.