پاڪستان ۾ هن وقت جتي ٻيون صنعتون سُستيءَ جو شڪار آهن، پر هڪ اهڙي صنعت جنهن جو تعلق سڌو سنئون انساني صحت ۽ ان جي زندگيءَ جي بقا سان آهي، جنهن کي کاڌي پيتي جي صنعت چيو وڃي ٿو اها تمام گهڻي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي. سٺو، معياري ۽ ذائقيدار کاڌو کائڻ هر انسان جي خواهش ضرور هوندي آهي، پر اهو نصيب چند ماڻهن کي ئي ٿيندو آهي. اسان جي زندگي تيزيءَ سان تبديلي جا مرحلا طئي ڪندي پئي وڃي. تنهنڪري ماڻهو گهرن ۾ کاڌو پچائڻ جي لاءِ وقت نه هجڻ جي ڪري کاڌو هوٽلن يا ريسٽورينٽن ۾ کائڻ لاءِ وڃن ٿا.
جتي اڳ ۾ وڏيون وڏيون دعوتون گهرن ۾ ڪيون وينديون هيون هاڻي سماجي رابطن لاءِ ڪنهن ريسٽورينٽ يا ڪافي شاپ يا ڪنهن به اهڙي جاءِ تي گڏجي کاڌو کائڻ جو پروگرام ٺاهيو وڃي ٿو، جتي کاڌو لذيذ به هجي ۽ قيمت به مناسب هجي. جيئن ته هاڻي پاڪستان ۾ مرد ۽ عورتون ٻئي شهرن ۾ گهڻو ڪري ڪمائين ٿا، ان ڪري هيءَ صنعت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي. جيئن ته کاڌو صرف انسان جو پيٽ نٿو ڀري، بلڪه سنئون سڌو اسان جي جسم جي جوڙجڪ، ذهني ۽ جسماني صحت ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو ۽ هوٽلن ۾ کائڻ لاءِ ويندڙ ماڻهو ان جي لاءِ وڏي رقم خرچ ڪري جڏهن بيمار ٿين ٿا ته انهن کي اهو احساس به ڪونه هوندو آهي ته سندن بيماريءَ ۾ ان هوٽل جي کاڌي جو ڪيترو وڏو حصو آهي. سڄي دنيا ۾ کاڌي جي صنعت کي چيڪ ڪرڻ جي لاءِ فوڊ ريگيوليٽري اٿارٽيون قائم ٿيل آهن ته جيئن اهي کاڌي پيتي جي معيار، ان جي تازگي ۽ صحت تي پوندڙ منفي اثرن کي ڏسي سگهن ۽ انهن کاڌن کي وڪرو ٿيڻ کان روڪي سگهن، جيڪي صحت لاءِ هاڃيڪار آهن. سٺي ڳالهه اها آهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد جي هڪ مشهور ۽ نامياري هوٽل تي سنڌ فوڊ اٿارٽي وارن ڇاپو هڻي ان جي مٿان پنج لک رپيا ڏنڊ هڻي ان کي دنيا جي اڳيان وائکو ڪيو ته ماڻهن کان ايتري ڳري رقم وٺي انهن کي ڪهڙي قسم جو کاڌو کارايو پيو وڃي.
خبرن مطابق ڪچن ۾ فنگس لڳل پراڻا کاڌا، گوشت ۽ ايڪسپائر ٿيل فوڊ آئٽمز مليا آهن. ان کان علاوه ڪچن ۾ صفائي سٿرائي جو ڪوبه بندوبست نظر نه آيو. ڪچن ۾ هوٽل جون ٻليون گهمندي نظر آيون. اها تصوير صرف حيدرآباد جي هڪ هوٽل جي ناهي، ان کي توهان سڄي پاڪستان جي سڀني هوٽلن ۽ ڍاٻن تي لڳائي ڏسي ۽ پرکي سگهو ٿا. قانون مطابق سنڌ ۾ حڪومت کاڌي جي معيار ۽ صحت بابت سخت هدايون ۽ ضابطا جاري ڪري چڪي آهي ته جيئن عوام کي محفوظ کاڌو مهيا ٿي سگهي، جنهن ۾ ڪنهن به ريسٽورينٽ ۽ هوٽل جي لاءِ لازمي آهي ته کاڌي جي تياري ان کي محفوظ ڪرڻ ۽ سروس دوران صفائي جون سخت شرطون پوريون ڪيون وڃن. کاڌي جي سڀني شين کي محفوظ ماحول ۾ رکڻ ۽ انهن جي تازگي برقرار رکڻ ضروري آهي. کاڌو تيار ڪرڻ کان وٺي پيش ڪرڻ تائين سڄي اسٽاف جي هائجين ۽ سيڪيورٽي بابت تربيت ڏيڻ به ضروري آهي. ان کان علاوه جيڪڏهن کاڌا پيڪ ٿيل مارڪيٽ ۾ آندا وڃن ٿا ته انهن تي مڪمل ليبلنگ لازمي آهي جنهن ۾ کاڌي ۾ استعمال ٿيندڙ سڀئي جزا، تاريخ ۽ ڪنهن به الرجي سبب هدايتون لکڻ لازمي آهن. سنڌ فوڊ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپن ادارن پاران ريسٽورينٽن ۽ هوٽلن جي باقائدا جاچ پڙتال ڪئي ويندي آهي، پر ان جي باوجود به ڪجهه مهينن کانپوءِ ڪا هڪ اهڙي خبر اخبار ۾ يا ميڊيا تي اچي ماڻهن کي ڇرڪائي ڇڏيندي آهي ته عوام جتي پئسو خرچ ڪري کائڻ لاءِ وڃي ٿو انهن وٽ کاڌو صحت جي اصولن تي تيار نٿو ڪيو وڃي ۽ عوام کان پئسا وٺي اهڙو کاڌو کارايو وڃي ٿو، جيڪو کين اسپتالن ڀيڙو ڪري ٿو.
جتي ڪاروبار هلائيندڙ سرمائيدار پنهنجو فائدو ڏسي ٿو، جتي حڪومت قائدا ۽ قانون ٺاهي ٿي، عوام جي مفادن کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي ٿي، اتي عوام جو به فرض آهي ته هو جنهن به هوٽل يا کاڌي کائڻ واري جاءِ تي پئسا خرچ ڪري کاڌو کائي رهيا آهن، پاڻ به صفائي سٿرائي ۽ معيار کي چيڪ ڪن. ممڪن آهي ته سندن ڪجهه سوال هوٽل جي مئنيجر يا مالڪ کي سٺا نه لڳن، پر اتي ويندڙ ماڻهو جو اهو حق آهي ته هو پنهنجي صحت بابت فڪرمند هجي ۽ جيڪڏهن هو ڪچن جي حالت بابت شڪ ۾ آهي ته هو ڏاڍي مهذب انداز سان مئنيجر کي ڪچن جو وزٽ ڪرڻ لاءِ درخواست ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن کاڌو پاروٿو آهي ۽ صحت جي اصولن مطابق ٺهيل نه آهي ته هڪ صارف جو اهو فرض آهي ته هو پنهنجو فيڊ بيڪ ضرور ڏيئي اچي. ان کان علاوه جيڪڏهن صارف کي اڃان ڪي وڌيڪ تحفظات آهن ته علائقي يا ضلعي انتظاميه کي ڪال ڪري يا ڪنزيومرو پروٽيڪشن ڪائونسل سنڌ کي به اطلاع ڪري سگهي ٿو.
ان کان علاوه مختلف طريقن سان سنڌ فوڊ اٿارٽي سان رابطا ڪري پنهنجي شڪايت درج ڪرائي سگهي ٿو يا ڪا وڊيو موڪلي سگهي ٿو. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته ڪسٽمر از ڪنگ، جنهن جو مطلب آهي ته جيڪو پئسا خرچ ڪري ڪا شيءِ وٺي رهيو آهي اهو ماڻهو بادشاهه آهي. صارف واپار، خدمت ۽ نظام جو مرڪز آهي ۽ ان جو اطمينان ۽ ان جي پسند تمام اهم آهي. ان جو حق آهي ته ان کي معياري، صاف ۽ سٿري سروس فراهم ڪئي وڃي.