پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي قيامت برپا ڪري ڇڏي، فوتين جو انگ 4هزار 300 سئو کان به وڌي ويو

تُرڪيه ۽ شام ۾ 7.8 جي شدت جي زلزلي قيامت برپا ڪري ڇڏي آهي، مجموعي طور فوتين جو انگ 4هزار 300 سئو کان به وڌي ويو، عورتن ۽ ٻارن سوڌو هزارين زخمي ٿي پيا، خوفناڪ زلزلي دوران عمارتون اِک ڇنڀ ۾ مٽي جو ڍير بڻجي ويون، ترڪيه ۾  2 هزار 921 ماڻهو فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي،  شام ۾ عورتن ۽ ٻارن سوڌو هڪ هزار 420 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن.