خاص

اليڪٽورل ريفارمز بل 2017

صدر ممنون حسين متضاد اليڪشن ايڪٽ 2017 تي صحيح ڪري ڇڏي. جنهن سان نا اهل اڳوڻو وزير اعظم پنهنجي پارٽي مسلم ليگ “ن” جو صدر چونڊجي ويو. پارٽي ڪنوينشن ۾ نواز شريف کي ٻيهر پارٽيءَ جو صدر چونڊي سڀني پارٽيءَ جي ميمبرن مٿس ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ان کانسواءِ پارٽيءَ جي آئين مان ان شق کي به ڪڍيو ويو آهي جنهن مطابق ڪوبه نا اهل ميمبر ڪنهن به پارٽيءَ جي عهدي تي اليڪشن نٿو وڙهي سگهي