نا اهل وزير اعظم احتساب عدالت آڏو پيش

ڪالهه اسلام آباد ۾ اڳوڻو نا اهل وزير اعظم نواز شريف ٽن ريفرنسز جي ٽرائل لاءِ احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو. فيڊرل جڊيشل ڪامپليڪس جي سيڪيورٽي رينجرز اهلڪارن سنڀالي ورتي. جن لاءِ اها ڳالهه اڃان تائين واضح نه ٿي سگهي آهي ته انهن کي اتي ڪنهن متعين ڪيو ملزم کانسواءِ ڪنهن به وزير يا مشير کي اندر وڃڻ جي اجازت نه هئي. سڀني کان اهم ڳالهه اها آهي ته وفاقي وزير داخلا احسن اقبال کي به اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي جيئن ته رينجرز وزير داخلا جي هيٺ ڪم ڪري ٿي ان هوندي به کيس روڪيو ويو. هو ان ڳالهه تي آپي کان ٻاهر نڪري ويو ۽ اتي بيٺي بيٺي ميڊيا سان ڳالهائيندي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيائين ته رياست اندر ٻي رياست قائم ڪرڻ جي ڪنهن کي به موڪل نه ڏني ويندي. هن وڌيڪ چيو ته “مان اهڙو بي اختيار وزير داخلا نٿو ٿيڻ چاهيان جيڪڏهن صورتحال کي ڪنٽرول نه ڪري سگهيس ته استعيفيٰ ڏيئي ڇڏيندس.” ياد رهي ته ان کان پهرين به هو هڪ دفعو اهڙي ڌمڪي ڏيئي چڪو آهي

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments