وينٽيليٽر خالي ھجڻ باوجود ڊاڪٽر فرقان جي حياتي نه بچائي وئي.

ڪورونا متاثر مريضن جي علاج لاءِ سرڪاري ۽ نجي اسپتالن ۾ آءِ سي يو، بسترا ۽ وينٽيليٽر خالي ھجڻ باوجود ڪورونا متاثر مشھور ڊاڪٽر فرقان الحق جي حياتي بچائي نه وئي. مرحوم ڊاڪٽر فرقان جي بيواھ جو چوڻ آھي ته ھو ڊاڪٽر سان گڏ انڊس، آغا خان، ايس آءِ يو ٽي ۽ ھڪ اسپتال کان ٻين اسپتالن تائين داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي رھي پر ڪنھن اسپتال ۾ ڊاڪٽر کي جڳھ نه ڏني وئي ۽ ان دوران ئي ڊاڪٽر فوت ٿي ويو، جڏھن ته ايمبولينس ڊرائيور به نامناسب رويو اختيار ڪيو. جيڪڏھن بروقت طبي امداد ملي وڃي ھا ته ڊاڪٽر جي حياتي بچائي سگھجي ھا. ڊاڪٽر پنھنجي مرضي سان اسپتال نه ويو ھو. سنڌ حڪومت جي ترجمان بيرسٽر مرتضيٰ وھاب پنھنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آھي ته وڏي وزير مراد علي شاھ معاملي جي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي ۽ ان حوالي سان تحقيقاتي ڪاميٽي جوڙي وئي آھي. مرتضيٰ وھاب مطابق ڪورونا مريضن لاءِ 283 وينٽيليٽر موجود آھن
