ڪوئلي ۽ گئس مان اڌ پيداوار ھجڻ باوجود بجلي مھانگي

پاڪستان ۾ 50 سيڪڙو بجلي ڪوئلي ۽ ايل اين جي مان پيدا ٿيڻ باوجود بجلي اگھن ۾ مسلسل اضافو ٿي رھيو آھي. ماھرن ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ جي منصوبن کي ماحول لاءِ نقصانڪار قرار ڏيندي وڌ کان وڌ ڪلين انرجي ذريعن کي اختيار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي، جن ۾ شمسي ۽ ھوا مان بجلي پيدا ڪرڻ وارا طريقا شامل آھن. پاڪستان ۾ بجلي جي پيداوار لاءِ قدرتي گئس ۽ فرنس آئل جي بجاءِ ڪوئلي ۽ ايل اين جي تي انحصار ۾ اضافي جو رجحان آھي ۽ ھن وقت ملڪ جي مجموعي بجلي جي پيداوار ۾ ڪوئلي جو حصو 30 سيڪڙو کان به وڌي ويو آھي. الائنس فار ڪلائميٽ جسٽس اينڊ ڪلين انرجي جي مطابق سال 2013 کان پوءِ کان پاڪستان جي انرجي مڪس ۾ واضح تبديلي ڏسڻ ۾ آئي آھي ۽ بجلي جي پيداوار لاءِ ڪوئلي سان گڏ ايل اين جي تي انحصار وڌي ويو آھي. ڪراچي، ٿر، ساھيوال، حب ۽ گوادر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ وارا ڪيترائي پلانٽ فعال ٿي چڪا آھن، جڏھن ته ڪجھ پلانٽن جي تڪميل تي ڪم جاري آھي. ھڪ محتاط اندازي مطابق ھن وقت ملڪ ۾ 20 سيڪڙو کان وڌيڪ بجلي ايل اين جي ذريعي ٺاھي پئي وڃي، جڏھن ته فرنس آئل جو بجلي جي پيداوار ۾ حصو گھٽجي 10 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آھي. ملڪ ۾ قدرتي گئس جي گھٽ ٿيندڙ ذخيرن سبب گئس مان پيدا ٿيندڙ بجلي جو حصو به فقط 18 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ رھجي ويو آھي. الائنس فار ڪلائميٽ جسٽس اينڊ ڪلين انرجي جو چوڻ آھي ته ٿر ۾ ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ وارا منصوبا ماحولياتي گدلاڻ، مقامي آبادي جي منتقلي ۽ پاڻي جي ذخيرن ۾ گھٽتائي جو سبب بڻجي رھيا آھن
