نئون

پرڏيهه ناڻو موڪليندڙ هر ماڻهو جو نالو ٻڌايو وڃي: سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ خميس ڏينهن اسٽيٽ بينڪ کي چيو ته اها ملڪ کان ٻاهر ناڻو موڪليندڙ ماڻهن جي معلومات فراهم ڪري. اسٽيٽ بينڪ کي هڪ هفتي اندر اهڙن شهرين جي معلومات فراهم ڪرڻي آهي، جنهن ۾ هر اهڙِ شخص جي تفصيل هوندي جنهن 50000 ڊالرن کان وڌيڪ رقم ٻاهر موڪلي آهي. سپريم ڪورٽ پاران پاڻمرادو نوٽيس تحت ملڪ کان ٻاهر ناڻو موڪليندڙن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ سپريم ڪورٽ پاران چيو ويو ته نوٽيس ۾ آيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ملڪ کان ٻاهر اڪائونٽ رکن ٿا جنهن ۾ ملڪ مان رقمون به موڪليندا رهن ٿا، پر ان جي معلومات ظاهر نٿا ڪن. ڪورٽ چيو ته غير ملڪي ڪرنسي ملڪ کان ٻاهر غير قانوني رستي موڪلي پئي وڃي. ان موقعي تي اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ڪورٽ کي ٻڌايو ته 1992ع جي قانون تحت اسان ڪنهن به اڪائونٽ هولڊر جي معلومات کي ظاهر نٿا ڪري سگهون. جنهن تي ڪورٽ چيو ته ان معلومات کي بند لفافي ۾ ڏنو وڃي. ان موقعي تي چيف جسٽس ان ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ته آمريڪي ڊالر جي قيمت 118 ڊالر تي وڃي پهتي آهي.