فضائي آلودگي ۽ نوجوانن جي بلڊ پريشر جي وچ ۾ منفي تعلق جو انڪشاف

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته فضائي آلودگي صحت لاءِ ڪينسر جهڙي سنجيده نوعيت جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿي، نئين تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته ان جا نوجوانن جي بلڊ پريشر تي پڻ منفي اثر ٿي سگهن ٿا. ڪنگز ڪاليج لنڊن ۾ ڪئي ويندڙ هڪ تحقيق ۾ اتي رهندڙ 3 هزار 284 نوجوانن جي BP ۽ سندن آس پاس موجود هوا ۾ شامل نائٽروجن ڊائي آڪسائيڊ ۽ پارٽيڪيوليٽ ميٽر جي مقدار جي وچ ۾ تعلق کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڊيٽا کي ”ڊٽرمنينٽس آف ايڊولسينٽ سوشل ويل بينگ اينڊ هيلٿ“ تحقيق جي حصي جي طور تي جمع ڪيو ويو. جنهن جو مقصد لنڊن جي مختلف قوميتن سان تعلق رکندڙ اسڪول ويندڙ ٻارن جي فلاح جو مشاهدو ڪرڻ آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments