بلاگنئون

احساس: ميڙ ۾ سڀ اڪيلا

دل ڪجهه ڳالهيون ڪنهن دل واري سان ڪرڻ چاهيندي آھي، پر اهي اورڻ کان اڌوريون رهجي وينديون آھن، ڇو ته روين جي تلخين ۾ دل جون ڳالهيون ماٺ ۾ مرڻ لڳنديون آھن.

ماڻھن جي ميڙ ۾ ماڻھو جياپي جي جستجو پٺيان سفر ڪندي، ڊڪندي ڪڏھن به ٿڪجي ناهي سگهندو، مگر روين جي تلخين ۾ ماڻھو جو من صفا ڀڄي ڀري پوندو آھي، دل چاهيندي آھي رهجي ويل حسرتن پراڻين چاهتن جا قصا يادن جي روپ ۾ دل وارن دوستن سان اورجن، مگر روين جي ديوارن کي پار ڪري دل جون ڳالهيون ڪرڻ صفا سوليون ناهن هونديون.

مون ڪڏھن به همت ناهي هاري، مگر روين جي جنگ ۾ مون ڪڏھن به جيت ناهي ماڻي. سدائين اهي ئي سوڀارا ٿيا آھن جيڪي پنهنجي لهجن ۾ زور آُور رهيا آھن.

رويا پنهنجي سماج جي سونهن آھن، جيڪي محبتن واري مزاجن جي موسم سان بيحد خوبصورت لڳندا آھن، جيڪي رويا مٺاس سان ڀرپور هوندا آھن،  اهي رت جي رشتن جي تلخين کي کن پل ۾ ختم ڪري پنهنجو بڻائي جيءَ  ۾ جايون ڏيندا آهن.

ڪٿ وري روين جي ڪوساڻ ۾ گلابي پشم جهڙا نرم ملائم رشتا کن پل ۾ ڇڄي پوندا آھن ۽ پوءِ وٽن پڇتاءُ کانسواءِ ڪجهه به ناهي رهندو ۽ انهيءَ پڇتاءُ جو سور ڀڳي هڏ وانگي من اندر کي ڪاڙھيندو رهندو آھي. اسان پنهنجي خواهشن، حسرتن ۽ ضرورتن پٺيان سارو ڏينهن ڀٽڪندا آھيون  پنهنجي ضرورتن جي پاڻ ڇنڊ ڇاڻ ڪندي، پنهنجو پاڻ سان وڙھندي ڏينهن لاهي واپس ورندا آھيون، مگر جڏھن ڪنهن جيجل کي وڇڙي ويل پٽ جي آلي قبر تي ڳوڙھا ڳاڙيندي ڏسندا آھيون ته زندگي بي مقصد ۽ اجائي لڳندي آھي ۽ کن پل ۾ سڀ خواهشون، حسرتون، ضرورتون خاڪ بڻجي وينديون آھن.

اسان جا رويا منفي روپ سان ڪنهن حساس دل تي تلخ لهجن سان حملو ڪندا آھن ته اهڙيون حساس دليون پنهنجو پاڻ کان فرار ٿيڻ جا گس ڳولهڻ لڳنديون آهن، اڳ ته ڏک روين مان سڃاڻي وٺبا هئا ۽ خوشين جي خبر لهجن مان محسوس ٿيندي هئي، پر هاڻي نه ڪنهن وٽ حال اورڻ جو وقت آهي نه وري ڪنهن دل گهرئي دوست جي چهري کي چتائي ڏسڻ جي فرصت آھي، سڀ ڪو پنهنجيءَ ۾ ئي پورو آھي ۽ جنهن کي سواءِ گهڙي ساهي جي ملي ٿي اهو لوڪ کان لڪي اينڊرائيڊ سيل فون اکين جي اسڪرين اڳيان آڻي سماجي رابطن واري دنيا جا رنگ ڏسڻ ۾ مگن هوندو آهي. اهڙن منظرن کي ڏسندي دل سوچڻ تي مجبور ٿي ويندي آھي ته اسان سڀني رشتن ناتن جي تعلق سان جڙيل هوندي به هڪٻئي کان الائي ڇو لاتعلق بڻيل آھيون؟ انهيءَ سوال تي سوچيندي من اندر مان اها موٽ ملي ٿي ته اچو ته روين کي مثبت ۽ لهجن کي نرم رکون جيڪي هڪٻئي جي سونهن آھن.

***