پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاران آدمشماري تي ڳڻتيءَ جو اظهار
هن چيو ته اسان 2018 واري اليڪشن کان اڳ ۾ ئي چيو هو ته اسان 2017ع واري آدمشماري کي ان شرط تي قبول ڪريون ٿا ته 5 کان 10 سيڪڙو چارجز تي ٻيهر آدمشماري ڪرائي ويندي، اسان کي بار بار چيو ويو ته آدمشماري درست طريقي سان ڪرائي ويندي پر اليڪشن ويجھو ايندي ئي نئين ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي پئي وڃي، هن چيو ته اسان آدمشماري جي حمايت ڪريون ٿا پر سنڌ جي عوام ۽ اسان کي ڊجيٽل آدمشماري تي اعتراض آهن، هتي جيڪو طريقڪار اختيار ڪيو ويو آهي، انهي جي حمايت نٿا ڪري سگهون، وفاق اعتراضن جو ازالو نه ڪيو ته پ پ وفاق جو ساٿ نه ڏيندي، هن چيو ته سنڌ جي وڏي وزير شماريات کاتي کي پنهنجا اعتراض اماڻيا آهن ته پيپلز پارٽي کي ڊجيٽل سينسز قبول ناهي، هن چيو ته آئون وفاق سان ڳالهائيندس، ڊجيٽل آدمشماري ۾ بي ضابطگيون ٿيون ته نه مڃينداسين . هن چيو ته اسان اڳ به شڪايت ڪندا رهيا آهيون ته صوبن کي اين ايف سي ايوارڊ تحت حق نه ٿا ملن.