بلاگنئون

ڪراچيءَ کان بدين تائين (حصو ٻيون)

اسان درگاهه جو ديدار ڪري وري اڳتي جي سفر خاطر سجاول طرف موٽ کاڌي، هتي اهو لکڻ به لازمي آهي ته سجاول کان چوهڙ تائين رستي جي ٻنهي پاسن کان رڳو سورج مکيءَ ۽ وونئڻن جي پوک هئي ۽ هن روڊ تي ٽريفڪ جو تعداد سوايو هو ۽ ڪراچي کان شاهه يقيق تائين هلندڙ بسون به اچي وڃي رهيون هيون. هتي جي زمينن کي به درياهه جو پاڻي آباد ڪري ٿو، ان هوندي به ڪافي زمين ويران پيل هئي، پر جي حڪومت پنهنجي حصي جو پاڻي پنجاب کي نه ڏئي ته هوند سنڌ جو ويسو به بنجر نه هجي، ايئن اسان ڪچهري ڪندا اچي سجاول پهتاسين. رستي ۾ ياد آيو ته ڇو نه درگاهه مغلڀين/مگرڀين جو ديدار ڪجي، جنهن جي مزار کي عرس جي موقعي تي کير سان غسل ڏنو ويندو آهي ها ايئن جيئن هندن وٽ به اهڙي رسم آهي جو هو شيولنگ جي مٿان کير هاريندا آهن جيڪو ڪنهن به بکايل ۽ اڃايل جي ڪم نه ايندو آهي ۽ ساڳيو عمل هتي به ٿيندو آهي، وڌيڪ رب ڪريم ئي بهتر ڄاڻي ٿو، باقي سنڌ انهن عقيدن، ريتن ۽ رسمن جي ڪوڙڪيءَ ۾ اڄ جي جديد دور ۾ به ڦٿڪي رهي آهي.
ايئن پڇڻا نه منجهڻا تحت اسان به بسم الله ڪري سجاول کان جاتي وارو رستو ورتو، سجاول کان ويندي جاتي تائين اسان کي رستي ۾ ڪابه مسافر گاڏي نه ملي. البته زمينن ۾ مختلف فصل تيار هئا، هڪ قسم جو خوف ۽ خطرو به ٿي رهيو هو ته وري بائيڪ جي پنڪچر ٿيڻ ڏانهن به خيال ٿي ويو ته جي پنڪچر ٿي ته پوءِ نه هيڏانهن جا نه هوڏانهن جا ٿينداسين، الله الله ڪندي وڃي هڪ واهه تي پهتاسين ۽ اتي بورڊ لڳل هو آمون ملاح، جتان هڪ رستو جاتي شهر ۽ ٻيو رستو جاتي موڙ ٿي ويو، اتان رهنمائي خاطر پڇا ڪيم، پتو پيو ته جاتي ٿورو ئي اڳيان آهي ته جسم ۾ ساهه پئجي ويو، جاتي شهر جا رستا به اڪثر شهرن وانگر خراب، کڏا کوٻا ۽ تنگ هئا، ايئن وڃي درگاهه تي بريڪ ڏنوسين.
درگاهه مُگرڀين شهيد: شيخ سلامت عرف مگرڀين/مغرڀين رح جي درگاهه جاتي شهر ۾ آهي. هي بزرگ هتي 850 سالن کان اڳي جو آباد آهي، هي بزرگ سومرن جي دور ۾ ٿي گذريو آهي ۽ حضرت غوث بهاوالدين ملتانيءَ جو مريد هو. حضرت مگرڀين عرف شيخ سلامت رح جي درگاهه تي روزانو ڪيترا زيارتي زيارت لاءِ ايندا آهن، پر قبي ۾ اندر وڃڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه آهي. ايتري قدر جو سجاده نشين به مقبري ۾ اندر وڃي نه سگهندو آهي بس هڪڙو ڏيالي فقير قبي اندر ويٺو هوندو آهي جيڪو روزانو لوبان ۽ ڏيئو ٻاريندو آهي، باقي سمورا خادم ۽ مريد ٻاهران زيارت ڪندا آهن. هن درگاهه جون روايتون ۽ رسمون سنڌ جي ٻين درگاهن کان بنھ مختلف آهن جيڪي روزانو هفتي ۽ مهيني ۾ ٿينديون آهن درگاهه تي ٿيندڙ رسمون هيٺ ڏجن ٿيون:
ڀيرون يا نغارا وڄائڻ، ڏيئي ٻارڻ جي رسم، درگاهه جو مچ، چــرون ڏيڻ، مصري کارائڻ، درگاهه جو ماهه پهرو، جتيون نه پائڻ، ٻلن جي خدمت، فقر وٺڻ، منگلاڻي ديگ جو لهڻ، جڪ وڍجڻ، تغاري کڻڻ، پٿر وڍڻ ۽ پٿر وڇائڻ، اڇي جي رسم: جيئن ئي درگاهه جي مرمت جو ڪم ختم ٿيندو آهي ته 23 ڦڳڻ تي درگاهه کي غسل ڏياريو ويندو آهي جنهن کي اڇي جي رسم چئبو آهي، هن رسم لاءِ 23 ڦڳڻ جي رات عورتن لاءِ مخصوص هوندي آهي، اهي عورتون جيڪي شهر ۽ آسپاس کان اينديون آهن سي سموري رات درگاهه تي ڳيچ ڳائي مرادون پننديون، دلا ۽ مٽيون ڀرينديون آهن، جيڪو پاڻي ٻئي ڏينهن درگاهه جي غسل لاءِ ڪم ايندو آهي. 23 جي ڏينهن اڇي جي رسم شروع ٿيندي آهي مريد ۽ فقير پاڻي هودين ۾ هاريندا آهن جن ۾ کير ۽ چن ڀريل هوندو آهي، جنهن کانپوءِ کير ۽ چن مليل پاڻي دلن ۾ ڀري سجاده نشين جي اڳواڻيءَ ۾ مقبري تي موجود رازن کي ڏيندا آهن، ايئن رازا اهو پاڻي درگاهه جي مقبري کان هارڻ شروع ڪندا آهن، درزين ۽ سونارن جو ڪم، ڀيريون نڪرڻ، پڙ ڌوئڻ، ٻيڙين جو نڪرڻ، مطلب هر درگاهه تي الڳ الڳ ريتون ۽ رسمون آهن.
هن بزرگ جي مزار جي دروازي تي لڳل چادر تي هن طرح نالو لکيل هو (شهنشاهه جاتي وارا بادشاهه، ڀيڄ ڀياڻي گهوٽ، جيئي مرشد ڀياڻي گهوٽ جيلاني قادري)، درگاهه جو رنگ سفيد هو ۽ ڀر ۾ جيڪي به ٻيا مزار هئا سي به سفيد رنگ جا هئا. قبرن جو رنگ به چونائي هو، مزار جي چوڦير وڏو قبرستان آهي جنهن کي چوڌاري ديوار آهي ته جيئن جديد دور جا قبضا خور مسلمان قبرن کي ميساري قبضو ڪري گهر ۽ دڪان نه ٺاهي سگهن ۽ اڪثر قبرن تي اجرڪ پيل نظر آيا. سائين مگرڀين جي مزار جي دروازي جي سامهون هڪ پٿر پيل هو جنهن بابت اتان جي فقيرن جو چوڻ هو ته اهو پٿر مديني منجهان حضرت غوث پاڪ رح جن اڇلايو هو ۽ سائين مگرڀين کي چيو ته تنهنجي آخري آرام گاهه اتي آهي جتي هي پٿر ڪرندو، ايئن هي بزرگ هتي آيو، هن پٿر تي جيڪي نشان آهن سي حضرت غوث پاڪ جي آڱرين جا نشان آهن، ٻين مزارن ۽ درگاهن وانگر هتي به بيمار ماڻهن جا ڪافي ٽولا ترسيل هئا. اهڙيءَ ريت بيٺي پير دعا گهري، چوڌاري جو سراسري جائزو وٺي واپسي ڪئي سين ڇو ته اسان کي بدين وڃڻو هو جتي سنگت انتظار ۾ هئي.
جاتيءَ منجهان ڪيلا، چڪون، ڪولڊ ڊرنڪ ۽ پاڻيءَ جي بوتل خريد ڪري کور واهه ويندڙ رستي تي نڪري باقي بچيل هڪ ماني سجاول منجهان ورتل پڪوڙن سان کائي اڳتي روانا ٿياسين. جاتيءَ کان کور واهه تائين جو رستو به صفا سڃو ۽ ڀيانڪ هو صفا ايئن ڄڻ روپا ماڙي وارو علائقو هجي، ڪٿي ڪٿي ڪو فصل هو نه ته باقي ماکيارو تائين نه وڻ نه وڻڪار، سچ ته ان ويل مون کي زاهد راڄي جا چيل لفظ ياد اچي رهيا هئا ته چاچا ان رستي سان نه اچجو ڇو ته هتي به هاڻي اتر سنڌ وارو ڪم مطلب ڦرلٽ عام آهي، پر نصيب ڀلا هئا جو کور واهه تائين اهڙو واقعو پيش نه آيو ها بس ماکيارو منجھ بريڪ ڏئي پاڻيءَ جي بوتل ورتي سين. ڇو ته گرم هوا سبب زبان خشڪ ٿي رهي هئي، اهڙيءَ طرح کور واهه کان بدين طرف ويندڙ مين روڊ تي چڙهي وڃي گولاڙچيءَ ۾ ساهي پٽي سين. گولاڙچي کان اتر طرف راهوڪي ۾ شهيد فاضل راهو جو مزار آهي جتي 04.12.2021 ڇنڇر تي ويو هئس. گولاڙچي هڪ سهڻو ۽ ڪاروباري شهر آهي، هن موسم ۾ سورج مکي جو واپار عروج تي هو. ڇو ته سورج مکي منجهان ڪوڪنگ آئل تيار ٿئي ٿو، هتان کان بدين 25 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي آهي. بدين پهچي بينظير چوڪ جي ڀرسان هڪ بيڪريءَ تان ٻارن لاءِ شيءِ ۽ ڪولڊ ڊرنڪ خريد ڪئي سين. ڇو ته ايئن هٿين خالي وڃڻ سٺو عمل ڪونهي ڪو، اڳيان لاڙ ميوزيم جيڪو مولوي حاجي احمد ملاح سان منسوب ٿيل آهي سان گڏ روينيو ڪالوني وٽ زاهد انتظار ۾ هو ته چاچا ۽ چاچي اڃان ڇو ڪونه پهتا ته ايتري ۾ اسان کي ايندو ڏسي دروازو کوليائين ۽ ايئن مون بائيڪ اندر بيهاري سوئچ آف ڪيو. ڇو ته ڪراچي کان بدين تائين جو مختلف شهرن ۽ رستن جو سفر ڪندي هوءَ به مون وانگر ٿڪجي پئي هئي، واقعي ڊگهو سفر ٿڪائي ٿو وجهي.
منهنجي گهرواري گهر اندر وئي ۽ مان ٻاهر اوطاق ۾ اسلم، آفتاب ۽ زاهد وارن سان ويهي اوڀاريون لهواريون ڪرڻ لڳس. هن خاندان سان منهنجو ڪافي پراڻو رشتو آهي. ياد ٿو پوي ته جڏهن 1992ع منجھSRP هيڊ ڪوارٽر حيدرآباد سنڌ جي طرفان اسان جي پلاٽن کي سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڊيوٽي خاطر روانو ڪيو ويو ۽ اتي ئي جيل اندر رهائش ڏني وئي انهن ڏينهن ۾ آئون سپاهي هئس سو جيل جي خراب حالتن جي ڪري جيل جي ٻاهران نوڪري ڪندا هئاسين انهن ئي ڏينهن منجھ بدين کان نئون ڀرتي ٿي آيل وائرليس آپريٽر محمد صديق راڄي سان ملاقات ٿي وئي اهڙيءَ ريت ان عليڪ سليڪ هڪ سٺي دوستي کي جنم ڏنو بس ڪجھ ئي مهينن ۾ وري صديق جي به بدلي ٿي وئي ته اسان به 1993ع ۾ ڪمانڊو ڪورس لاءِ ڪراچي هليا وياسين، پر پوءِ به خط و ڪتابت جاري رهندي هئي ۽ جڏهن به موڪل ملندي هئي ته صديق سان ملڻ خاطر هلي ويندو هئس پوءِ ڪڏهن سندس ڳوٺ ته وري ڪڏهن نوڪريءَ واري هنڌ.
محمد صديق راڄو اصل ضلعي بدين جي سيراڻي شهر جي اولهندي منجھ ڳوٺ محمد رحيم راڄو جو رهواسي هو، سو جڏهن به هن جي ڳوٺ ويندو هئس ته اتان ملندڙ سڪ ۽ محبت جي ڪري ڪافي ڏينهن اتي ترسي پوندو هئس ان وقت آفتاب ۽ زاهد اڃان ننڍڙا هئا جيڪي هاڻي ماشاءَ الله ٻارن جا پيئر آهن. وقت جي رفتار سان اسان به پڪا پڪا ڪراچي هليا آياسين ان وقت اڃان موبائل جو جنم نه ٿيو هو ۽ مان به پوليس ڊپارٽمينٽ جا امتحان ڏيندو ۽ ڪورس ڪندو سب انسپيڪٽر ٿي ويو هئس، سو وقت ڪٿي ٿو بيهي هڪ دفعي ڪراچي منجھ بدين جو ڪو سپاهي مليو ان سان سلام دعا منجھ صديق جو ذڪر نڪتو ۽ ان ئي ذڪر ۾ صديق جو نمبر به ملي ويو انهن ڏينهن ۾ صديق ڊي سي آفيس بدين منجھ نوڪري ڪندو هو ۽ آفتاب ۽ زاهد وارا جوان ٿي ويا هئا جن سان به هو منهنجو ذڪر ڪندو رهندو هو ايئن هڪ ڏينهن فون آئي ته چاچا (هو مون کي هاڻي به چاچا ئي چوندا آهن) بابا گذاري ويو ان ويل سچ ته ڄڻ دل تي قيامت لٿي هجي ته اهو ڪيئن ٿيو صديق کي نوڪري دوران دل جو جهٽڪو لڳو جنهن ۾ هو پرور کي پيارو ٿي ويو جنهن جي قبر جي ڪتبي تحت پيدائش ۽ وفات ڪجھ هن ريت آهي.
مرحوم محمد صديق راڄو ولد عالي راڄو
جنم: 1972ع وفات 01.03.2015ع بمطابق 10 جمادي الاول 1436 هجري وقت 10 وڳي صبح ڏينهن آچر
محمد صديق جا پٽ آفتاب احمد، زاهد حسين، اطهر صديق ۽ سفير صديق.
محمد صديق پٽن جي شادي کان اڳ ئي هن فاني جهان کي الوداع ڪري هليو ويو، پر وڏي ڌام ڌوم سان پٽن جي مڱڻي ڪرائي هئائين.
اهڙيءَ ريت ماني کائڻ بعد گهڻي دير تائين حال احوال هلندا رهيا، پر ٿڪاوٽ سبب ننڊ جا خمار اهڙا چڙهيا ڄڻ ته ڪو نشو ٿيل هجي جيئن سنڌي قوم نفاق جي نشي ۾ ورتل آهي، ايئن وري اک صبح جو کلي ته اسان واپسي جي تياري ڪئي، پر سڀني زور ڀريو ته اڄ نه وڃو سڀاڻي وڃجو، مگر کين چيوسين ته جي ساهه سلامت رهيا ته وري اچبو، موڪلائڻ مهل اسان کي هڪ ٽُڪ جي رلي ڏنائون ڇو ته منهنجي گهر واري پهريون ڀيرو هلي هئي ۽ اتي گهر ۾ بيٺل گدامڙيءَ جي وڻ مان گدامڙيءَ جي ٿيلهي ڀري ڏنائون. ايئن ناشتو ڪري سڀني کان کلي موڪلائي دعائون وٺي گولاڙچي، کور واهه، ٻڍو ٽالپر، جاتي موڙ کان اچي سجاول جي باءِ پاس تي ملاح چوڪ وٽان بائيڪ ۾ 1000 جو تيل وجهرائي وري اچي دولھ دريا خان پل وٽ بريڪ ڏئي پلي مڇيءَ جو اگھ معلوم ڪيو. مڇيءَ واري چيو ته وڏو داڻو 400 ۽ ننڍو داڻو 200 پر بيگم صاحبه راضي نه ٿي، ايئن اتان تازا ونگا خريد ڪري ۽ کائي (ٺٽي ۽ سجاول جا ونگا ڏاڍو مشهور آهن سو جڏهن به وڃو ته ياد سان ضرور کائجو) اڳتي گجي منجهان مڇيءَ جا 02 داڻا 400 ۾ ورتاسين، گجي ۾ فش فارمن سبب مڇي جام ٿيندي آهي. اهڙي ريت هلندا ساهيون کڻندا خير سان ٽپهريءَ ڌاري چڪرا ڳوٺ ڪراچي ۾ پنهنجي گهر رسياسين، پر هن ڀيري نمره ڳوٺ هئي ان ڪري ڀاڪر ۽ چميون نصيب نه ٿيون.
تاريخي حوالا مدد: انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا.
***