بِگ بينگ ڌماڪو 13.7 ارب سال اڳ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ اربين سالن تائين مادي ۽ توانائي واچوڙن جي وڪڙن وانگر ورَ کائيندي برقي قوتن جي اثر هيٺ گڏ مڏ ٿيندي ڪهڪشائن، ستارن ۽ سيارن (جن ۾ اسان جي پتڪڙي ڌرتي به شامل آهي) جي صورت ورتي. اسان جي ڪهڪشان، جنهن کي کير ڌارا (Milky-way) سڏيو وڃي ٿو، ۾ 100 کان 400 ارب ستارا يا تارا موجود آهن، جن جي ڪن به ٻن تارن وچ ۾ اندازن سراسري طور 30 ٽرلين (30 هزار ارب) ميلن جو مفاصلو آهي. هن ڪائنات ۾ اٽڪل 100 بلين (1 ڪروڙ) اهڙيون ٻيون ڪهڪشائون موجود آهن، ان مان توهان هن جي وسعت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا.
اڄ کان 4.5 ارب سال اول اسان جي ڌرتي يا زمين وجود ۾ آئي. ان جي وجود ۾ اچڻ جي ڪجهه ڪروڙ سالن کانپوءِ هڪ وڏو آسماني جسم (ڌرتيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ پِتڪڙو سَيارو) ان تي اچي ڪِريو، نتيجي ۾ چڱو خاصو مادو ڌرتيءَ منجهان ڌڌڙ جي صورت ۾ مٿي اٿيو، جنهن اسان جي ڌرتيءَ جي قدرتي اُپگرهه “چنڊ“ (Natural Satellite: Moon) جي صورت ورتي.
زمين کي ڪروڙين سال ٿڌي ٿيڻ ۾ لڳي ويا. ان دوران ٿي سگهي ٿو ته اربين “شهابِ ثاقب“ ڌرتيءَ تي برف جي صورت ۾ پاڻ سان گڏ پاڻي کڻي آيا هجن، جيڪو گرمي جي ڪري جلد ئي بخارن ۾ تبديل ٿي اڏامي پئي ويو. جيئن ڌرتيءَ جي مٿئين کل (Crust) ڪجهه قدر ٺري ته اهي بخار برسات جي صورت ۾ زمين تي لکين سال وسندا ۽ ٻاڦ بڻجندا رهيا. تان جو هڪ وقت اهڙو آيو جڏهن شهابِ ثاقبن توڙي ٻرندڙ جبلن مان اڏاميل آبي بخارن زمين تي برسات جي صورت ۾ وسڻ کانپوءِ زمين جي مٿاڇري تي لاهين ۽ کاهين ۾ گڏ ٿي سمنڊن جي صورت اختيار ڪري ورتي.
تقريبن 3.5 ارب سال اڳ زمين تي زندگي جو ظهور هڪ گهرڙي وارن جاندارن جي صورت ۾ سمنڊن ۽ پاڻيءَ ۾ ٿيو، جيڪي پيچيده نامياتي ماليڪيولن منجهان آهستي آهستي جڙي راس ٿيا. ان کان چند مِلين سال (هڪ ڪروڙ سالن کان گهٽ عرصي) کانپوءِ ننڍن سمنڊن ۾ موجود بيڪٽيريا (Bacteria) جاندارن ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، پاڻي ۽ سج جي روشني کي استعمال ڪري پنهنجو کاڌو (گلوڪوز) ٺاهيو ۽ ان سان گڏ آڪسيجن گيس پڻ ٺاهي خارج ڪئي جيڪا ماحول جو حصو بڻجي وئي. ان آڪسيجن جي ڪري ئي هڪ گهرڙي واران جاندارن منجهان گهڻ گهرڙن وارا جاندار ارتقا پذير ٿيا، جن مان اڳتي هلي مختلف جاندار وجود ۾ آيا. ٻئي پاسي هڪ گهرڙي وارن جاندارن جِي پيدا ۽ خارج ڪيل آڪسيجن زمين جي گولي جي چوڌاري هڪ اهڙو ماحول جوڙيو، جنهن سج جي تابڪار شعاعن، جيڪي زندگي کي ختم ڪندڙ هئا، کي ڌرتي کان محفوظ بڻايو ۽ مخصوص اوچائي تي ڌرتيءَ جي چوڌاري نيري رنگ جي اوزون گيس (Ozone, O3) جو حفاظتي تهه جوڙيو.
گهڻ گهرڙن وارن جاندارن منجهان ڪجهه ڪروڙ سالن جي “ارتقا” ۽ “موزون خاصيتن جي فطري چونڊ” جي اصولن هيٺ جيت، مڇي، ڀونءِ آبي (Amphibians)، کير پياريندڙ ۽ هوا ۾ اڏامندڙ جانور پيدا ٿي ويا. ارضيات جا ماهر سائنسي ثبوتن جي آڌار تي ان خيال تي اتفاق ڪن ٿا ته ڌرتيءَ تي گهٽ ۾ گهٽ پنج اهڙا واقعا ٿي گذريا آهن، جن جي ڪري ان تي پيدا ٿيل زندگي يا ته مڪمل تباهه ٿي وئي هئي يا وري زنده مخلوقات جا انيڪ قسم گهڻي حد تائين تباهه ٿي ناياب ٿي ويا هئا. ارضياتي ماهرن مطابق زندگي کي ختم ڪندڙ يا انيڪ مخلوقات جي قسمن جي ناياب ٿيڻ جي انهن پنج واقعن جا امڪاني سبب شهابِ ثاقب، سج جي مٿاڇري تان اٿندڙ تابڪار طوفان ۽ ٻرندڙ جبلن جو ڦاٽڻ ٿي سگهن ٿا، جن جي ڪري اوچتِي گرمي، اوچتي سردي، سامونڊي سطح توڙي ايراضيءَ ۾ ڦير ڦار آئي هوندي يا وري انهن توڙي ٻين سببن جي ڪري وبائون آيون هونديون جيڪي زندگيءَ جي خاتمي يا مخلوق جي نايابي جو سبب بڻيون هونديون. زندگيءَ جي تباهي ۽ نايابي جي مٿين پنجن واقعن مان ٻه بنهه اهم ۽ وڏا آهن:
دي پرمين ماس ايڪسٽِنڪشن (The Permian Mass Extinction): هي واقعو 250 ملين (25 ڪروڙ) سال اڳ ظاهر ٿيو، جنهن ۾ ماحولياتي آڪسيجن گيس گهٽ ٿيڻ جي ڪري ڌرتي تي موجود تقريبن ٪96 مخلوق يا جانورن جا نسل ميسارجي ويا.
ڪي-ٽِي ايڪسٽِنڪشن (K-T. Extinction): هي واقعو تقريبن 150 مِلين (15 ڪروڙ) سال اڳ ظاهر ٿيو، جنهن ۾ ڌرتيءَ تي گهمندڙ وڏا جانور جهڙوڪ ڊائنوسار ۽ ٽرائنوسار دٻجي ختم ٿي ويا.
هن ڌرتيءَ تي تقريبن 6000 کان 7000 سال اڳ پهرئين انساني تهذيب جنم ورتو. انهن فطري واقعن کي ڏسندي اهو گمان غالب آهي ته مستقبل ۾ انساني توڙي ٻي زندگي پڻ اهڙي ريت يا انساني مداخلت (تيزيءَ سان ظاهر ٿيندڙ ماحولياتي تبديلين يا جنگين) سبب مٿئين عرصي جيتري وٿي کانپوءِ يا اڳ ختم ٿي وڃي!
انسان جو ظهور ۽ ڌرتيءَ جي کوج: ڌرتيءَ تي گوريلن ۽ بندرن جهڙي مخلوق جو ظهور ٿُلهي ليکي اٽڪل 20 کان 30 ملين (2 کان 3 ڪروڙ) سال اڳ اوڀر آفريڪا جي جهنگن ۾ ٿيو. ضرور ماحولياتي تبديلي انهن جي رهائش ۽ کاڌ خوراڪ ۾ خلل وڌو هوندو، جو اهي سوانا Savannah ڏکڻ آمريڪا جو چراگاهي علائقو، جتي گهڻو تڻو گرم ۽ گهميل موسم هوندي هئي ۽ سال جي هڪ مند ۾ مِينهن پوندا هئا، ڏانهن لڏپلاڻ تي مجبور ٿيا. هتي اهي گوريلا ۽ بندر آهستي آهستي ٻن پيرن تي بيهڻ سکيا ته جيئن اهي ٻين جانورن تي پري تائين اک رکي سگهن ۽ انهن جي اوچتي حملي کان بچي سگهن. اهڙي ريت اهي ٻن ٽنگن تي بيهڻ ۽ هلڻ سکيا.
ٻن ٽنگن تي بيهڻ ۽ هلڻ سان هنن جون اڳيون ٽنگون آزاد ٿي ويون جيڪي اهي کاڌي ۽ ٻارن کڻڻ لاءِ استعمال ڪرڻ لڳا. 2.5 ملين (25 لک) سال اڳ اهڙي قسم جي مخلوق “هومو هيبِيلِس“ (Homo-Habilis) يعني “هٿن واري ماڻهو” جو ظهور ٿيو، جنهن کي اڄ جي دور جي “سياڻي انسان“ (Homo Sapiens) جو باني مڃيو وڃي ٿو.
ڌرتيءَ تي ملندڙ انساني پنڊپهڻ فوسلز جي باريڪ بيني سان مطالعي ۽ درجابندي مطابق هومو هيبِيلِس ۽ اڄوڪي هومو سيپينس جي وچ ۾ هن مخلوق جون هي جنسون مختلف وقتن تي ارتقائي سفر طئي ڪندي گذريون آهن: هومو اِرگيسٽر، هومو اِريڪٽَس ۽ هومو هيڊيلبرجينسس جنهن کي هومو نِيَندَرٿَلينسِس (Homo Neanderthalensis) يا مختصرن نِيَندَرٿَل (Neanderthal) سڏين ٿا. انساني پنڊ پهڻي فوسلز ٻڌائين ٿا ته تقريبن 1 ملين (10 لک) سال اول هومو اِريڪٽس اوڀر آفريڪا مان لڏپلاڻ کان پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙجي چڪا هئا، پر بعد ۾ انهن جو نسل باقي نه رهي سگهيو. هن سلسلي ۾ انساني ارتقا جا ٻه اهم نظريا وضاحت ڪن ٿا:
گهڻ علاقائي ارتقائي نظريو: هي نظريو چوي ٿو ته هن وقت تائين جي ارتقا کانپوءِ مختلف علائقن ۾ جتي هو رهندا هئا مختلف قسمن جي انسانن جي ارتقا ٿي.
ٻي وڏي لڏپلاڻ جو ارتقائي نظريو: هي نظريو ٻڌائي ٿو ته انسانن جي هڪ نسل “هومو سيپينس” 60،000 کان 80،000 سال اول اوڀر آفريڪا مان ساڳين رستن تان لڏپلاڻ ڪئي هئي ۽ بعد ۾ انهن هر جاءِ ۽ هر علائقي ۾ مٿين چئن انساني نسلن (جنسن) کي ماري ڇڏيو.
نِيندرٿل ماڻهو صلاح ثواب سان ملي جلي شڪار ڪندا هئا. اهي باهه ۽ اوزارن جو استعمال ڪندا هئا. هڪ ٻئي سان ڳالهائيندا به هئا ۽ پنهنجي مري ويلن کي دفن پڻ ڪندا هئا. رڌ پچاءُ ماڻهو جي ارتقا ۽ ترقي ۾ ڪافي مدد ڪئي آهي. ڪجهه اختلافن کي پاسيرو رکندي جيڪڏهن ثبوتن جي آڌار تي ڳالهه ڪجي ته تقريبن 30،000 سال قبلِ مسيح (هن وقت کان 32000 سال اول) سڀ نيندرٿلز ڌرتيءَ تان غائب ٿي ويا، ڇو ته ان کان بعد واري ڪنهن به نِيَندرٿل جو فوسل اڃان تائين نه مليو آهي.
انسانن (هومو سيپينس) لڳ ڀڳ 50,000 سال اڳ، ماحولياتي تبديلي يا زميني کوج يا ٻئي ڪنهن سبب جي ڪري، آسٽريليا ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي هئي؛ جڏهن ته 15،000 سال اڳ اهي الاسڪا (Alaska, Bering Strait) ۾ داخل ٿيا، ان وقت اهو خشڪ علائقو هو يا وري برف سان ڍڪيل هو. ان کان چند هزار سال بعد اهي ڏکڻ آمريڪا جي ڏکڻ واري چوٽيءَ تي رسيا. ان کانپوءِ آمريڪا ۾ انساني زندگي جو سفر بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ ٻِي دنيا کان ڪٽيل طور جاري رهيو، تان جو 1492ع ۾ يورپ مان آيل انگريز انهن تي قابض بڻجي حڪومت ڪرڻ لڳا ۽ آمريڪا کي پنهنجي ڪالوني طور هلائڻ لڳا. ياد رهي ته هنن کان اڳ وِائيڪنگس سن 1000ع ۾ آمريڪا جو مختصر چڪر لڳايو هو.
لاڏائو شڪارين ۽ کاڌو گڏ ڪندڙن کان زراعت تائين:
انسان ابتدا ۾ خانه بدوشي واري زندگي گذاريندا هئا، شڪار ڪرڻ تي ڀاڙيندا هئا ۽ کاڌو گڏ ڪندا هئا. اهي سڀني قسمن جي جانورن کي شڪار ڪري کائيندا هئا ۽ هر اها شيءِ کائيندا هئا جيڪا انهن جي هٿ لڳندي هئي ۽ جنهن کي هضم ڪري سگهندا هئا، مثال طور: ٻوٽا (پن، گوئنچ، پاڙون)، ٻج ۽ سڪل ميوا، ٻيرَ ۽ تازا ميوا وغيره. اهي زرخيز علائقا ڳولهڻ سکيا ۽ هر سال انهن ڏانهن واپس ورڻ پڻ سکيا.
تقريبن 10،000 سال اڳ، اهو محسوس ٿئي ٿو ته، انسانن زراعت سکي يعني اهي زمين کيڙڻ، ٻوٽا ۽ فصل پوکڻ ۽ لڻڻ سکيا. هن تجربي انهن کي “پٿر جي نئين دور“ (Neolithic Age) ۾ داخل ڪيو، جتي انهن ڳوٺَ آباد ڪيا ۽ ڌنڌا ايجاد ڪيا. هن دور ۾ ماڻهن جي وچ ۾ وڌندڙ ڳالهه ٻولهه ۽ ٻوليءَ جي ايجاد جي ڪري اجنبي ماڻهن جو هڪ ٻئي سان رابطو ۽ تعاون وڌيو ۽ گهڻن ماڻهن جي تعاون جي ڪري وڌيڪ انساني آباديون ٺهيون. هن دور ۾ کاڌي جي پيداوار ۽ ان کي ذخيرو ڪرڻ جي نتيجي ۾ کاڌو نه پيدا ڪندڙ (ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ) شعبن ۾ مهارتون ۽ لاڳاپيل ماهر پيدا ٿيا، جهڙوڪ ڪاريگر (هاري، لوهار، واڍا، ڪوري، رازا)، مذهبي اڳواڻ، ڪامورا، فوجي ۽ سياسي اڳواڻ وغيره.
ڪپهه ۽ ڌاڳي جي اپت ماڻهن کي جانورن جي چمڙيءَ مان ٺاهيل پوشاڪ کان نجات ڏياري. ٻوٽن ۽ جانورن کي پالتو بڻائڻ وسيلي هنن کي کاڌي حاصل ڪرڻ ۽ ڪم ۾ مدد ملي. مٿين انيڪ فائدن سان گڏ، ظاهر آهي ته ڪجهه نقصان ۽ مصيبتون به هنن جي ڪنڌ ۾ پيون. مثال طور: پنهنجي پيشاب ۽ ڪاڪوس يا ٻئي گند ڪچري جي ويجهو رهڻ ۽ زندگي گذارڻ جي ڪري ڪيترين ئي بيمارين ۽ وبائن منهن ڪڍيو. انهن بيمارين ۾ ماتا، زڪام، ٽِي- بي، مليريا، خسره (لاکڙو)، پليگ (بليڪ ڊيٿ)، ڪالرا (پاڻي وارا دست) ۽ ايڊز (AIDS) وغيره شامل هيون. ياد رهي ته 14 هين صدي ۾ پليگ (بليڪ ڊيٿ) جي ڪري ڪولمبس واري وقت ۾ مقامي آمريڪي آبادي تباهه ٿي وئي هئي ۽ 1918ع ۾ فقط وبائي زڪام (انفلوئينزا) جي ڪري 20 ملين (ٻه ڪروڙ) ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا هئا.
حوالو:
Christopher Lascelles(2015). A Short History of the World. Bloomsbury Publishing, India. Chpt. 1. Pre History, Pp. 1-8.