بلاگ

ڪلاسيڪل ڪردار حاجي شاھ محمد شر

مٿي تي سنڌي ٽوپي، سفيد ڪڙتو، ڪيس ڪيل ڪاريء چاپئين ڏاڙھي، لٺي جي سفيد گوڏ نيٽ جو لڪڻ ھٿ ۾، ڳالهائڻ جو انداز ڳرو ۽ روبدار ٺيٺ اترادي لهجو.
امان الله ھي مل ڪاڏي پيو ويندو آن. واحد بخش ڪاٿئون پيو اچين. صبح جو فجر نماز پڙھي پهريائين ٻنيء جو چڪر هڻندو ھو، واپس اچي گهر وڃڻ بجاء اوطاق تي ويهندو ھو،منجنهد جي ماني به اوطاق تي کائيندو ھو.ھاري ناري مهمان مڙو سڀني کي منهن ڏئي رات جي ماني اوطاق تي کائي پوء گهر ويندو هو. ھي آھي،اسان جو چاچو حاجي شاه محمد شر. ڪوٽ غلام محمد کان ساماري ڪنري روڊ ۽ ٿرپارڪر شگر مل کان پهريان اھو بس اسٽاپ ئي سڏبو آھي ،”حاجي شاه محمد شر جو واٽر”. بس انهي کان لهندي اتر طرف اهو ڳوٺ ڪجھ فرلانگن تي آھي جيڪو سڏجي ڳوٺ “حاجي شاھ محمد شر”.
انهي کان ٿورڙو اڳتي ھلبو ته اڳيان جيڪو اسان جو ڳوٺ سڏبو آھي، سو آھي ” مائي جو ڳوٺ” جيڪو ڪاغذن ۾ حاجي عرس ڪالرو جي نالي سان آھي،ثبوت طور منهنجي شناختي ڪارڊ ۾ جيڪا مستقل ائڊريس لکيل آھي سا آھي، ڳوٺ حاجي عرس ڪالرو،تعلقه ڪوٽ غلام محمد. ٿورڙو اڳيان هلبو ته ڪالرن جو وڏو ڳوٺ آھي اهو سڏجي گمن ڪالرو جو ڳوٺ، جنهن ۾ ھئينر به ڳوٺ جو وڏڙو محمد علي ڪالرو آھي. جنهن مان سندس وڏو پٽ جعفر ڪالرو ڪراچي ۾ وڪالت ڪري ،۽ ٻيو نمبر پٽ شير علي ٻني ٻارو سنڀالي. اھي ٽيئي ڳوٺ اتي قديمن کان آباد آھن.
حاجي شاه محمد شر جي ڳوٺ جو منظر ڪجھ هن طرح هو،گهاٽن انبن جي وڻن جي وچ ۾ وھندڙ واٽر وٽ پڪي اوطاق ، پڪي مسجد ٻه ڪچيون ڪوٺيون ،جن مان هڪڙو ڪمرو پرائمري اسڪول طور استعمال ٿيندو ھو ۽ هڪڙو ڪمرو مسجد جي حافظ لاء مخصوص ھوندو ھو.اسڪول ۾ انهي وقت به چالهيارو کن ٻار هوندا ھئا ، ڪڏهن ائين ڪون ٿيندو هو ته سواء موڪل واري ڏينهن اسڪول بند ٿيو هجي،صبح اٺين وڳي کان ٻه بجي تائين رڳو ويهن منٽن جي ساهي کان سواء اسڪول مسلسل هلندو رهندو هو. اسڪول جي لڳو لڳ حاجي شاه محمد شر پاڻ اوطاق تي ھڪيو تڪيو ويٺو هوندو هو، ڄڻ اهو به سندس ڊيوٽي ۾ هوندو هو ته اسڪول جو ٽائيم موڪل ٿيڻ تائين پورو ڪري،اوطاق تي آيل مهمان مڙي ڪمدار ڪڙي ھاري ناري تپيدار ،داروغي کان وٺي سڀ ڪم ڪار لاھي رات جي مانيء اوطاق تي کائي پوء گهر ويندو هو . اهو سندس روز جي معمولات ۾ شامل هوندو هو. جنهن ڏينهن اتفاق سان اسڪول ۾ استاد نه آيو ته ٻئي ڏينهن استاد کان پڇاڻو به ٿيندو هو، استاد برڪت خير ته هيو ڪلھ ڪاڏي ويا هئا.
استاد ڄڻ سندس اڳيان جوابده هوندو هو ۽ کيس اسڪول نه اچڻ جو معقول سبب ٻڌائڻو پوندو هو.انهي جو مطلب اهو سمجهڻ گهرجي ته ڳوٺ جو مالڪ پنهنجي اسڪول بابت فڪرمند هوندو هو.۽ ساڳي طرح هن وقت به بند پيل اسڪولن جي جيڪا واويلا آهي ،جيڪڏهن ڳوٺ وارا ۽ ڳوٺ جا مالڪ اسڪولن جي واهر ڪن ته کوڙ سارا اسڪول بند نه هجن. منهنجو ڀاء ابراهيم ڪنڀر ، غلام رسول ڪنڀر جيڪي ٻئي ھينئر اسلام آباد ۾ صحافتي شعبي ۾ پنهنجيون خدمتون خوش اسلوبي ۽ ديانتداري سان پيا ڏين.منهنجو ڀاڻيجو شڪيل ڪنڀر به نيشنل بئنڪ ۾ ذميدار آفيسر آهي.اڪبر شر،سڪندر شر به شايد سندن ڪلاس ميٽ رهيا آهن. ٻيا به اسان جي ڳوٺ جا ڪيترا ٻار انهي اسڪول مان پڙھي وڃي ھاء اسڪول ڪوٽ غلام محمد تائين پهتا.

سياري جي ڏينهن ۾ کٽون پڌر ۾ تڙڪي تي پيون هونديون هيون مسجد جو حافظ ۽ چاچي شاه محمد جي ڪچهري لڳي پئي هوندي هئي. چاچو حاجي شاه محمد پنهنجي نسوار جي دٻلي جنهن جي پاسن کان رنگ برنگي پٿر جڙيل هوندا هئا ۽ وچ ۾ گول آئينو هوندو هو، پيو انهي آئيني ۾ پنهنجين مڇين کي وٽ ڏيندو هو ۽ چاپئين ڏاڙهي تي هٿ پيو ڦيريندو هو. چاچي جي ڳوٺ ۾ نڪو چوري نڪا چڪاري امن ئي امن، مجال آھي جو چاچو حاجي شاه محمد ڪنهن لوفر لنب کي آسي پاسي برداشت ڪري.اسان پنهنجي سانڀر ۾ ڪڏهن به ڪو پوليس وارو انهن مڙني ڳوٺن ۾ ڪون ڏٺو ۽ نه ئي وري ڪڏهن ڪنهن ٻڪري جي چوري ٻڌيسين. چاچي شاه محمد شر کي اسان ڪڏهن به شهر ۾ ڪون ڏٺوسين.جي شھر وڃڻو به آھي ته خير محمد شر يا محمد عالم شر جيڪي سندس ڀائيٽا هوندا ھئا انهن کي گهرائيندو هو. ڇوڪر ڦٽڦٽي ته ڪاھي اچ شهران سيرب ته ڪرائي اچان.موٽر سائيڪل تي سڌو اچبو هو محمود تپيدار جي ڊيري تي، حجم پهچندو سيرب ڪرائبي.محمود تپيدار سان حالي حوالي ٿبو.جمعي ٻٻر ،مبين ھاليپوٽي ۽ حاجي رمضان ڪالرو کي نياپا ڪبا ،ڪچهريون ٿينديون وري شام جو واپس ڳوٺ.

توڻي جو سياست ۾ ڪون الجهندو هو پر مير علي بخش خان ٽالپر سان نيازمندي جي ڪري سڄي زندگي ميرن سان نڀائيندو آيو.مير علي بخش سان دوستي جي ڪري ، مير منور خان ٽالپر به سندس گهڻي عزت ڪندو هو ۽ چاچا حاجي صاحب ڪري سڏيندو هوس. انهي وقت سياسي طور تي رئيس خير محمد خان ڀرڳڙي مسلم ليگ جي سياست ۾ سرگرم ھيا ۽ مير علي بخش ٽالپر صاحب وارا پ پ جي سياست ۾ هئا .۽ هڪ ٻئي جا سياسي حريف رهيا.رئيس خير محمد خان ڀرڳڙي به اسان جي تر جي انتهائي اشراف ۽ نيڪ مرد طور مشھور شخصيت رهي آھي.مير علي بخش خان ٽالپر جڏهن به چاچا حاجي شاھ محمد جي اوطاق تي ايندا هئا ته جمعو خان ٻٻر،محمود تپيدار،مبين ھاليپوٽو،حاجي رمضان ڪالرو کي نياپا ڪري گهرايو ويندو هو.جي بابا سائين ڳوٺ آيل هوندو هو ته سندس موجودگي کي انهي ڪچهري ۾ يقيني بڻايو ويندو هو.۽ انهن ئي اوطاقن تي مير علي بخش مرحوم ۽ بابا سائين جون علمي ۽ فڪري ڪچهريون ٿينديون هيون.
بابا جن هڪ ڀيرو پڇيو حاجي ماني سدائين اوطاق تي ئي کائيندا آهيو.وراڻيائين استاد اسان جو رئيساڻو تڏو اوطاقي لڏو. اوڙو پاڙو مهمان مڙو هاري ناري ملان ماستر سڀ اوطاق تي، جي ماني گهر کائبي ته ھر ڪو چوندو ته رئيس گهر سڻڀي ماني ٿو کائي سو جيڪا دال ماني گهران اچي سڀني سان گڏجي کاوان. حاجي شاھ محمد جي حياتي ۾ سندس ڀائيٽا ڀاڻيجا سندس اولاد سڀ، باادب هوشيار باش رهندا هئا.حاجي صاحب جي هوندي مجال آهي جو ڪير وڏي آواز ۾ ڳالهائي اصل ۾ ھن جي زندگي اهڙي گذري هئي جو مٿس ڪو آڱر به کڻي ڪون سگهيو. سندس ڪردار مثالي هو. ۽ تر ۾ وڏي ساک پت وارو شخص رهيو.
سندس ڀائيٽو خير محمد شر جنهن کي بابا سائين جي تجويز تي زرعي يونيورسٽي ۾ داخل ڪرايائين ،جنهن يونيورسٽي مان گريجويشن ڪئي.پنگريو شگر مل ۾ نوڪري مليس.ڪجھ سال نوڪري ڪيائين پوء الائي ڇا ٿيس نوڪري اڌ ۾ ڇڏي اچي ڳوٺ وسايائين ۽ سماجي طور پنهنجو پاڻ کي دنيا جي ڪار ونهوار کان هڪ پاسي ڪري گمنامين جي گفائن ۾ گم ٿي ويو.
جنهن ڏينهن مون سندس موت جي خبر ٻڌي ته وڏي ارمان سان بس اهو ئي چئي سگهيس ته خير محمد شر گذاري ته تڏهن ويو هو جڏهن هن سماجي رابطا ختم ڪيا هئا.باقي اڄ طبعي طور سندس تدفين ٿي آهي.
مون ھميشه پنهنجين لکڻين ۾ سماجي سائنس تي زور انهي ڪري به ڏنو آھي ته سماجيات جي پرک رکندڙ ماڻهو هن سوسائيٽي ۾ سدائين زنده رهندو آيو آهي. جنهن جو مثال انهي کان بهتر نٿو ڏئي سگهجي ته حاجي شاھ محمد شر تعليمي لحاظ کان ڪو پنج درجا پڙهيل هو پر سماجي ڄاڻ ۽ سماجي تعلقات جي حوالي سان اسان جي تر جو داناء ۽ ڏاھو ماڻهو هو. ساڳي طرح خير محمد شر جيڪو سندس ڀائيٽو به هو يونيورسٽي مان ڊگري وٺي آيو هو پر سماجي هنر کان اڻ واقف هئڻ جي ڪري ھو حياتي ۾ به پنهنجو پاڻ کي سماجي لڳ لاڳاپن کان ڌار ڪري گمنامي ۾ گذاري ويو.
جيسيتائين حاجي شاه محمد حيات هو، سکيا ستابا ٻنيون ٻارا آباد. بابا جن کي پنهنجي متعلق کلندي کلندي ٻڌائيندو هو ته استاد اسان جا وڏڙا اصل ۾ خيرپور جا هئا پوء اتان کان پاڻ ۾ جهيڙا جهٽا ڪري هتي پهتا.هي ٻنيون ٻارا تڏهن کڻتن تي سستا ملي ويا، پاڻي جا سسٽم ڪونه هئا.هرلن تي ڪجھ ٽڪرا آباد ڪندا هئا. واه نڪتا ته پاڻي ٿي پيا سو زمينون آباد ٿي پيون ،هاڻي شڪر آهي بس پنهنجي لسي ماني کايو رب جا شڪر ادا ڪريو ويٺا آهيون. اسان به پنهنجن ٻارن جي پڙهاين جي ڪري ڳوٺ ڇڏي اچي شهر وسايوسين.بابا مڙئي پيو حال احوال ڪري ايندو هو. پوء ڪڏهن جکراڏي ۾ چاچي حاجي رمضان ڪالرو وٽان ڀيرو ڀڃي ايندو هو، ڪڏهن گمن جي ڳوٺان ته وري چاچي شاه محمد شر سان ڪچهري ڪري موٽي ايندو هو.
اسان جڏهن آباد شهر ڇڏي اچي حيدرآباد وسائي.ڳوٺ سان رابطو غمي خوشي جو ئي رهيو.ھاڻي انهن ڳوٺن مان وڏڙن ۾ چاچو محمد علي ڪالرو ۽ سائين ماستر حاجي خاصخيلي وڃي رهيا آهن باقي سڀني راهه رباني ورتي.
ھڪڙي ڏينهن ٻڌوسين ته حاجي شاه محمد گذاري ويو. بابا ڏک ۾ وٺجي ويو.چئي يار حاجي شاه محمد جهڙا ماڻهو ڪٿي.پوء الائي ڪهڙو واء وريو جو حاجي شاه محمد جي جهان ڇڏڻ سان سندس ڳوٺ ڏينهون ڏينهن اجڙندو ويو.انبن جا گهاٽا ڇانورا ڪون رهيا.اوطاق ويران ٿي وئي.ڪجھ ٻنيون ٻارا وڪامجي ويا.ڪجھ ٻنيون ٻين ماڻهن اچي آباد ڪيون.باقي وڏن مان عالم خان شر رهيو آهي.جيڪو پنهنجو گذر سفر ڪري پيو. سندس اولاد مان ٻه پٽ امان الله ۽ واحد بخش آهن .پر ھاڻ ان ڳوٺ ۾ نه اها رونق رهي آهي نه ئي ڪا خوشبوء ٿي اچي.اڄ مون کي ھي سڀ ڪجھ لکندي ڀٽائي جو بيت پيو ياد اچي.
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛
آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ؛
جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.

چاچا حاجي شاه محمد شر توهان جتي به هجو پرسڪون هجو ۽ آرامي هجو،بابا سائين سان توهان جي هجت به هئي محبت به ھئي بابا سائين به توهان کان ٿورڙو اڳتي حاجي طاهر جي مقام ۾ آرامي آهي.

 

 

خالد پرويز

 

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي  ۾  ليفٽ جي  شاگرد  سياست  ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر  به  رهيو  آهي، سنڌي  ڪالمن  کانسواءِ اردو  جا بلاگ  پڻ  لکندو  آھي. سندس  لکڻ جو  محور، اقليتون، عورتون  ۽ ٻار  آهن. پاڻ  حيدرآباد ۾  رهندا آهن.