خاص

اڌ صدي کانپوءِ لائبريري کي ڪتاب واپس ڪندڙ عورت جو نالو گنيز بڪ ۾ داخل

Half a century later, the woman who returned the book to the library

ڪتاب پڙهڻ جا شوقين ڪتاب  موٽائڻ ۾ نهايت ئي سست ظاهر ٿيندا آهن. ڪتاب سان محبت شيءِ ئي اهڙي آهي جنهن ۾ مبتلا ماڻهن کي ڪتاب واپس ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو محسوس ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته هو ڪتاب واپس ڪرڻ ئي وساري ڇڏيندا آهن. آمريڪي رياست ايلنوائي ۾ هڪ عورت ايملي ڪيٽي لوس سمز پنهنجي گهر ۾ ٻارن کي نظمن تي ٻڌل ڪتاب تي ڪيواني پبلڪ لائبريري جي  مهر لڳل ڏٺي ۽  ڪتاب کڻڻ جي تاريخ 19 اپريل 1966ع لکيل هئي. هن ڪتاب کي ايملي جي والده 2 سينٽ في ڏينهن جي حساب سان لائبريري کان حاصل ڪيو هو. اڌ صدي کانپوءِ جڏهن ڪتاب واپس ڪيو ويو ته 347 ڊالرن جو ڏنڊ به ادا ڪيو ويو. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته  ڪنهن به ڪتاب کي دير سان موٽائي ڏيڻ جو اهو سڀني کان وڏو ڏنڊ آهي. ڪتاب واپسي تي سڀني کان وڌيڪ ڏنڊ ادا ڪرڻ تي عورت جو نالو گنيز بڪ آف رڪارڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.