خاص

هزاره ايڪسپريس حادثو: پٽڙي تي ڪاٺ جو جوڙ ڇو لڳل هو؟ ريلوي وضاحت جاري ڪري ڇڏي

نوابشاهه ويجهو هزاره ايڪسپريس کي حادثي جي حوالي سان ريل گاڏي جي پٽڙي ۾ ڪاٺ جي جوڙ تي بحث ۽ تنقيد زور و شور سان جاري آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ريلوي حڪام ٽيڪنڪي حوالي سان وضاحت ڪئي آهي. ريلوي حڪام طرفان جاري وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ريل جي پٽڙي اليڪٽريفائيڊ هوندي آهي، ان جي اليڪٽريفڪيشن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آئسوليشن گهربل هوندي آهي، اليڪٽريڪل جا ماڻهو ان باري ۾ بهتر سمجهي سگهن ٿا. انسوليشن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهڙي ڌات جي ڪا شئي گهربل هوندي آهي جنهن مان ڪرنٽ نه گذري سگهي.