رمضان المبارڪ جو بابرڪت مهينو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جن هن مهيني ۾ رب تعاليٰ جي حڪم مطابق روزا رکيا تن کي روزن جي بدلي انعام ۾ عيد جي خوشي ملي. حقيقت ۾ هيءَ عيد خالص روزائتن جي لاءِ آهي. عيد خوشيءَ جو ڏينهن آهي، ڇو ته ان ڏينهن هر انسان پنهنجي مالڪ اڳيان شڪر ادا ڪري ٿو ته ان کي خالق توفيق عطا فرمائي ته ان جي حڪم تي روزا رکيا ۽ پنهنجي نجات جو سامان ورتو. هونئن به مولا عليٰ عليه السلام جو فرمان آهي ته “توهان لاءِ هر اهو ڏينهن عيد جو آهي جڏهن توهان خدا جي فرمانبرداري ڪريو ٿا” پوءِ پاڻ کان پڇو ته هن رمضان المبارڪ ۾ توهان خدا جي حڪم مطابق خالص عبادت بجا آندي يا ماڻهن کي ڏيکاءُ لاءِ رڳو بکون ۽ اڃون ڪاٽيون. جيڪڏهن توهان الله سائين جي رضا خاطر حقوق الله ۽ حقوق العباد پورا ڪيا آهن ته عيد توهان لاءِ آهي ۽ اهو عمل سڄو سال جاري رهي، جيئن توهان رمضان المبارڪ ۾ غريبن مسڪينن جي بک اڃ ۽ انگ جو احساس ڪيو تيئن اهو عمل برقرار رهي. خالق توهان جو امتحان وٺڻ لاءِ هن رمضان المبارڪ کي نافذ ڪيو ته جيئن توهان کي ٻين جي تڪليفن جو احساس ٿئي ٻين جي بک ۽ اڃ توهان عملي طور محسوس ڪري سگهو. 14 ڪلاڪ روزو رکڻ ۽ 10 منٽ ۾ پيٽ ڀرڻ ان ڳالهه جو بهترين مثال آهي ته دنيا جون لذتون ڪيتريون عارضي آهن ۽ هيءَ زندگي ڪيتري مختصر آهي.
بزرگن ته ان عمل کي قيامت واري ڏينهن سان تشبيهه ڏني آهي جيڪي هن دنيا ۾ عمل ڪري ڪامياب ٿيندا انهن لاءِ خوشيءَ جو ڏينهن هوندو ۽ انهن کي انعام ۾ جنت ملندي. عيد جو ڏينهن وڏين خوشين وارو ڏينهن هوندو آهي، وڏا، نوجوان، عورتون توڙي ننڍا ٻار سڀ جا سڀ نوان ڪپڙا پائي عيد جو ڏينهن ملهائيندا آهن ۽ هڪٻئي کي عيد جون واڌايون ڏيندا آهن. خاندان توڙي دوست احبابن کي عيد جون خوشيون ملهائڻ لاءِ ۽ گڏ ٿيڻ لاءِ سڏ ڏنا ويندا آهن، نت نوان کاڌا ۽ طعام مٺايون سڀ گڏجي کائي پي عيد ملهائيندا آهيون. اهو ساڳيو فلسفو ٻي دنيا جو آهي، هيءَ دنيا عمل جي آهي ۽ هوءَ دنيا حساب جي آهي، ان ڪري بهتر آهي ته عيد جي خوشين ۾ انهن ماڻهن ۽ پاڙيسرين جو به خاص خيال رکيو وڃي، جيڪي توهان ۾ اميدون رکيو ويٺا آهن، انهن کي به پاڻ سان گڏ عيد جي خوشين ۾ شريڪ ڪرڻ کپي نه ڪي ايئن جو سواءِ مالدار ماڻهن ۽ پنهنجن ويجهن مٽن مائٽن جي باقي مسڪينن کي وساري ڇڏجي. اسان جي سنڌ سونهاري حڪمرانن جي رويي سبب ڏينهون ڏينهن عيد جي خوشين کان محروم ٿيندي پئي وڃي. غريب ڏينهون ڏينهن غريب ۽ امير ڏينهون ڏينهن امير ٿيندو پيو وڃي. غريبن جي حقن جي لتاڙ حڪمرانن جي روش بڻجي ويندي پئي وڃي. غريب جي عزت مجروح ٿيندي به اسان سندس رونشو ڏسي رهيا آهيون، اسان جون عورتون سپورٽ پروگرام جي نالي تي ذلت ۽ خواري کڻي گهر کان دربدر آهن ائين اسان جا مرد انهن دربدريءَ وارن پروگرامن پٺيان ڊوڙي ڊوڙي ڪمائڻ جي سگهه کان محروم ٿيندا پيا وڃن. سرڪار جي ان اڍنگي پاليسيءَ سبب سنڌ جو ڏتڙيل طبقو هاڻي ڪمائڻ کان به ويهي ويو آهي.
جيڪڏهن سرڪار کي بيواهن يتيمن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻي آهي ته عزت ڀرئي طريقي سان ڪرڻ گهرجي سڌريل ۽ عزتدار ملڪن ۾ اهڙن متاثر ماڻهن کي سرڪار کان گهر ويٺي وظيفو ملي ٿو جنهن مان هو پنهنجو گذر سفر ڪن ٿا. اسان وٽ سرڪار طرفان ذلت سان چند رپيا ڏيئي احسان مندي جتائي وڃي ٿي ۽ ان بنياد تي قوم کان ووٽ ورتو ٿو وڃي جيڪو افسوسناڪ عمل آهي. ملڪي حالتون اهڙيون بڻايون ويون آهن جو جنهن کي جيترو گهڻو ملي ٿو اهو شڪر ڪرڻ بجاءِ وڌيڪ گهرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو اهڙي صورتحال ۾ عيد ملهائڻ ماتم برابر ٿيو وڃي هر سال ٿيندڙ عيد کي رڳو عيد ڪري ملهائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسين خوشين کي رڳو پنهنجي گهر تائين محدود نه ڪريون بلڪه انهن جو دائرو ٻين تائين وڌايون ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو خوشين ۾ شامل ٿي سگهن. عيد جهڙي موقعي تي اسين اهو وساري ويهندا آهيون ته اسان جي ڀرپاسي ۾ ڪئين اهڙا ڪٽنب به هوندا آهن، جيڪي سچ پچ مستحق هوندا آهن، اهي نه رڳو مالي مدد جا مستحق هوندا آهن، پر اهي خوشين ۾ شامل ٿيڻ جا مستحق آهن، جن کي اسان نظر انداز ڪري ڇڏيندا آهيون، جنهن جي نتيجي ۾ اهي خوشين کي اهڙي ريت ملهائي نه سگهندا آهن، جيئن ڪي سرنديءَ وارا ماڻهو ملهائيندا آهن. تنهنڪري اسان کي ان پاسي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. عيد جي ڏينهن کي هڪ ڏينهن تائين محدود نه ڪريو، بلڪه جيڪڏهن ڪو غريب ۽ مسڪين پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ جي سگهه نٿو رکي ته سندس مدد ڪري سندس اولاد جا تعليمي اخراجات پنهنجي ذمي کڻو. جيڪڏهن ڪو بيمار آهي ته کيس دوائون وٺي علاج معالج ڪرايو.
جيڪڏهن وٽس کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي ته سندس کاڌي پيتي جو انتظام ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن غريب جي نياڻيءَ کي ڏاج جي ضرورت آهي ته اسلامي طريقي سان ڏاج ڏيئي سندس گهر آباد ڪرائجي. اسين سمجهون ٿا ته عيد جو ڏهاڙو جتي اسان کي خوشيون بخشي ٿو، اتي اسان کي ذميواريءَ جو احساس به ڏياري ٿو ته اسان تي جيڪي ذميواريون رکيل آهن، انهن کي بهتر نموني نڀائڻ ۾ وسان نه گهٽايون ۽ ان کان به وڌيڪ ذميوارين نڀائڻ جي سگهه رکون ائين ڪرڻ سان اسان عيد جون حقيقي خوشيون ماڻي سک ۽ شانتي سان زندگي گذاري سگهون ٿا.