بلاگنئون

انسان ۽ مشين رابطي سان بدلجندڙ انسان جي سڃاڻپ

انساني تهذيب جي تاريخ دراصل ايجادن جي تاريخ آهي. انسان، هڪ حيرت انگيز تخليقي وجود طور، هميشه پنهنجو ماحول تبديل ڪندو آيو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ خود به تبديل ٿيندو رهيو آهي. جڏهن انسان باهه ايجاد ڪئي ته هو جانورن کان ڌار ٿيو. جڏهن هن ٻولي سکي ته هو سماج بنائڻ لڳو. جڏهن هن مشينون ايجاد ڪيون ته هو صنعتڪار بڻيو ۽ هاڻ جڏهنArtificial Intelligence (مصنوعي ذهانت) سان تعلق وڌائي رهيو آهي ته سندس سڃاڻپ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي. انسانيات(Anthropology)  جو اصل ڪم ئي اهو آهي ته انسان کي “انسان” بڻائيندڙ عنصرن کي سمجهي. هن وقت جو سڀ کان اهم سوال آهي.

ڇا انسان هجڻ جو مطلب تبديل ٿي چڪو آهي؟ انسان جي سڃاڻپ هميشه صرف جسم، نالي يا نسب تي نه رهي آهي، بلڪه سماج، ثقافت، تهذيب، زبان، ۽ روزمره جي عملن سان جڙيل رهي آهي. جڏهن انسان سڌيءَ ريت مشينن سان ڳالهائي ٿو يا AI  تي دارومدار رکي ٿو ته سڃاڻپ جا معيار به بدلجي وڃن ٿا.

Virtual assistant جهڙوڪ: Alexa، Siri، ChatGPT  سان ڳالهائي ٿو.  روبوٽ جي مدد سان جسم جي عضون کي ٻيهر حاصل ڪري ٿو. پنهنجي سماجي حيثيت آن لائين پليٽ فارمز ذريعي ٺاهي ٿو. احساسن، يادگيرين ۽ جذباتن کي ڊجيٽل فارميٽ ۾ محفوظ ڪري ٿو.

اهو سڀ ظاهر ڪري ٿو ته انسان جي سڃاڻپ هاڻي صرف “فطري” نه رهي آهي، پر “مصنوعي” شعور ۽ مشين سان ڳنڍجي چڪي آهي.

انسانيات جي هڪ نئين شاخ، Cyborg Anthropology، ان ڳالهه جو جائزو وٺي رهي آهي ته ڪيئن انسان جزوي يا مڪمل طور تي مشين سان ڳنڍجي رهيو آهي. هڪ شخص جيڪو دل جي مصنوعي والو، ڪن جو implant يا آن لائين assistant  تي تڪيو ڪري ٿو، اهو صرف انسان ناهي، پر cyborg  پڻ آهي يعني انسان ۽ مشين جو ميلاپ، سماجي رابطن جي تبديلي WhatsApp، Facebook، Metaverse  انسان جي ملاقاتن کي جسماني کان ڊجيٽل ڪري ڇڏيو آهي.

فيصلن ۾AI  جي مداخلت،Netflix  ياYouTube جيڪي وڊيو ڏيکارين ٿا، اهي به اسان جي پسندن کي پاڻمرادو ڄاڻن ٿا اسان جو ذوق خود اسان کان اڳي طئي ٿي وڃي ٿو. جسماني احساس جو متبادل، هينئر روبوٽ انسانن جا جذبا سمجهي سگهن ٿا تهAI apps  انساني لهجي، غصي يا مايوسي کي “سڃاڻي” سگهن ٿا. جيڪڏهن مشينون سوچين ٿيون ته انسان جي ذهن کي ڪهڙي حيثيت حاصل آهي؟ ڇا AI  جي ترقي انسان جي آزادي لاءِ خطرو آهي؟ ڇا جسم سان گڏ سڃاڻپ جو مفهوم به data-driven  بڻجي ويو آهي؟ اهي سڀ سوال انسانيات کي وري نئين سر انسان هجڻ جي تعريف ڏسڻ تي مجبور ڪن ٿا.Anthropology  اسان کي اها سمجھه ڏئي ٿي ته سڃاڻپ رڳو بائيلوجي نه، پر ثقافت، رشتن ۽ شعور جو نتيجو آهي. جڏهن انسانAI  سان گڏجي ٿو ته اهو فقط مشين نه، پر هڪ نئون انساني روپ آهي، جنهن کي سمجهڻ لاءِ جديد انسانيات ضروري آهي. Artificial Intelligence انسان کي صرف سهولت نه پئي ڏئي، بلڪه نئين انسانيت جو تصور پيش ڪري رهي آهي. Cyborg انسان،Virtual وجود ۽Algorithm  تي هلي رهيو آهي. اهي سڀ شعور انسان جي روايتي سڃاڻپ کي نئون موڙ ڏئي رهيا آهن. انسانيات جي ذميواري آهي ته هو ان تبديلي جو نازڪ جائزو وٺي ته جيئن انسان مشين سان گڏ رهندي به پنهنجي “انساني روح” کي وڃائي نه ويهي.