ڪنهن به ٻوليءَ کي شاهوڪار بنائڻ لاءِ ضروري آهي ته سڄي دنيا جو چونڊ ادب ۽ ٻين مختلف مضمونن جا ڪتاب ترجمو ڪري ان جي ٻوليءَ ۾ شامل ڪيا وڃن ته جيئن ان ٻوليءَ جي اندروني جوڙجڪ ۽ فڪري دائري کي وسيع ڪري سگهجي. جڏهن ٻين ٻولين مان ڪتاب ڪنهن به مقامي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿين ٿا ته اها ٻولي لغت ۽ لفظن جي ذخيري ۾ اضافي جي ڪري امير ٿي پوي ٿي. هر ٻوليءَ جي پنهنجي محدود لغت هوندي آهي، پر جڏهن ان ٻوليءَ ۾ جديد سائنس، فلسفي، نفسيات، معاشيات يا ادب جا ڪتاب ترجمو ٿي اچن ٿا ته نوان لفظ گهڙجن ٿا ۽ ٻولي پنهنجي مزاج مطابق انهن کي هڪ نئون رنگ ڏئي پنهنجو ڪري ٿي. هر ٻوليءَ جو پنهنجو اسلوب هوندو آهي ۽ ترجمو ٿيل ادب يا ٻين موضوعن جا ڪتاب ادب پڙهندڙن جي سوچڻ جو انداز بدلائي ڇڏيندا آهن. ٻاهرين ٻولين مان ڪتابن جو ترجمو بلڪل ائين آهي جيئن هڪ بند ڪمري لاءِ دري، جيڪا ٻاهرين تازي هوا ۽ روشني کڻي اچي ٿي. ترجمو ٿيل ڪتاب ٻن تهذيبن جي وچ ۾ هڪ پُل جو ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ عالمي شعور ۽ ڄاڻ جي مٽاسٽا ٿئي ٿي. انهن ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ اهي ذهن جن وٽ لکڻ جي سگهه قدرتي موجود آهي، انهن ڪتابن پڙهڻ کانپوءِ نون موضوعن تي لکي سگهن ٿا، انهن کي نوان رستا ملن ٿا ۽ انهن جي لکڻيءَ ۾ جدت جو اظهار نظر اچي ٿو. ڇو ته ادب انسان جي روح جو آواز هوندو آهي، پر ٻاهرين ادب کي نه پڙهڻ جي ڪري صرف مقامي ادب توهان جي روح جو آواز نٿو بڻجي سگهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سڄي دنيا جي اندر ڇا پيو لکيو وڃي، ڪهڙن ڪهڙن موضوعن تي لکيو پيو وڃي، ان جي مٽاسٽا ٿيڻ ضروري آهي. هن وقت سنڌي ٻولي جي خوشقسمتي اها آهي جو نوجوان طبقو پڙهڻ جي لاءِ آتو آهي، نوان ليکڪ لکي رهيا آهن ۽ ادب ۾ هڪ نئون روح ڦوڪجي رهيو آهي، پر گڏوگڏ اسان کي ويزن جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، اسان کي ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڪنهن شيءِ جي ڪمي آهي، جنهن سبب اسان کي ڪو دڳ نه ملي رهيو آهي. اسان جي سنڌ حڪومت هڪ ادارو سنڌي ادبي بورڊ جي نالي سان ٺاهيو، پر بدقسمتيءَ سان اهو ادارو هن وقت پنهنجي اصل مقصد کي ڇڏي ڪٿي گم ٿيل نظر اچي ٿو. هي ادارو به هر ٻئي اداري وانگر سياسي مصلحتن جي ور چڙهي ويل آهي ۽ ڪيترن ئي سالن کان هڪ سياسي خاندان جي “گادي” بڻيل آهي. هن اداري جو ڪم تحقيق ڪرڻ ۽ ٻين ٻولين مان مختلف مضمونن جا سٺا سٺا چونڊ ڪتاب ترجمو ڪرائي سنڌي ادب کي ڏيڻا هئا، پر هي ادارو ٻين سڀني ادارن وانگر ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي ۽ خبر ناهي ته هن جو بجيٽ ڪيئن استعمال ٿي رهيو آهي، ڪٿي استعمال ٿي رهيو آهي، ان جو ڪوبه حساب ڪتاب عوام کي خبر ناهي. جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌي ٻوليءَ کي ٿي رهيو آهي. اڄوڪي دور ۾ جيڪو ڊجيٽلائيزيشن جو دور آهي، هن دور انهن جديد طور طريقن کي اختيار ناهي ڪيو، نون لکندڙن جي ڪابه حوصلا افزائي نه ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري چئي سگهجي ٿو ته اسان جو هي ادارو پنهنجي ٻوليءَ جي يا سنڌي ادب جي ڪابه تاريخي خدمت ناهي ڪري رهيو، جنهن کي بنياد بڻائي اسان جي ٻولي اڳتي هلي پنهنجو پاڻ کي دنيا جي ٻين ٻولين سان ڀيٽي سگهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته ادبي بورڊ کي دنيا جي وڏن فلاسافرن، سائنسدانن، اديبن ۽ معيشت جي موضوعن تي لکيل ڪتابن جو ترجمو ڪرائي پنهنجي لائبريري ۾ شامل ڪرڻ گهرجي. سڀ کان وڌيڪ ڪم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي دور ۾ ٿيو. ان وقت ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو مقصد اهو هو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سينا بسينا هلندڙ علم کي محفوظ ڪجي، پر هن وقت جيڪي بورڊ انتظاميه ۽ اتي ويٺل سرواڻ آهن، انهن جي ته پنهنجي ئي قابليت تي سواليه نشان اٿاري سگهجي ٿو. اهو ادبي بورڊ جنهن مان ڪتاب ڇپجڻ هڪ اعزاز هوندو هو، ڇو ته اتي هڪ قابل ۽ سلجهيل ماڻهن جو هڪ ايڊيٽوريل بورڊ هوندو هو، جيڪو ڪنهن به ڪتاب جي مسودي جي پرک ڪري ان کي ڇاپيندو هو، هاڻي اهي سڀ شيون ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪيون آهن. جڏهن ايترا اهم ادارا پنهنجن آخري پساهن ۾ هوندا آهن ته قومون پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجو ادب پنهنجن هٿن مان وڃائينديون وينديون آهن. هن وقت اسان جي ٻوليءَ ۾ سٺن ناولن، ڪهاڻين جي ڪتابن، مصنوعي ذهانت جي موضوع تي لکيل ڪتابن، ان کان علاوه ڪلائيميٽ چينج، نفسيات، معاشيات ۽ ماليات، جديد فلسفي، تاريخ ۽ بشريات، ٻارن جي عالمي ادب ۽ سائنسي ڪتابن جي ترجمن جي سخت ضرورت آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن اداري کي نئين ۽ قابل انتظاميه سان گڏوگڏ نئون ويزن (Vision) ڏئي جنهن ۾ اهي سڀئي جديد سهولتون شامل هجن جيڪي ادب جي واڌاري جي لاءِ ڪم ڪري سگهن. آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ تيز رفتار معلومات جو سهارو حاصل ڪري سگهن ۽ هن اداري ۾ جيڪو ماڻهو سرواڻي ڪري ان جو علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ايتري هجي جو هن اداري کي پنهنجي مقصدن مطابق اڳتي وٺي وڃي سگهي. ڇو ته هن وقت هي ادارو بجيٽ جو هڪ وڏو حصو رڳو انتظامي خرچن تي خرچ ڪري رهيو آهي ۽ بجيٽ جو هڪ ٻيو حصو خبر ناهي ته ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي، جنهن مان گهٽ ۾ گهٽ ڪتاب ته ڇپجندي ۽ ترجمو ٿيندي نظر نٿا اچن. عوام کي هن اداري مان ڪيترن سالن کان ڪي نوان ۽ سٺا ڪتاب ترجمو ٿيندي يا انهن جو اشتهار ڪنهن به ويب سائيٽ تي نظر ناهي آيو. سنڌ گورنمينٽ کي گهرجي ته بورڊ جي اندر هڪ فعال باڊي کي لڳائي اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن ۾ ماهر اسڪالرن جي ڀرتي ڪئي وڃي، جيڪي سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ انگريزي ٻولي جا ماهر هجن، اداري اندر ڊجيٽل انقلاب ذريعي ان کي پبليڪيشن هائوس مان بدلائي ان کي “علم جو مرڪز” بڻايو وڃي ۽ نجي پبلشرن کان وڌيڪ سٺا ڪتاب ترجمو ڪري عوام کي سستي اگهن تي ڏنا وڃن. ڇو ته هن وقت هي ادارو سنڌي ادب جي خدمت ڪرڻ بجاءِ سنڌ مٿان هڪ اڇي هاٿيءَ وانگر بار بڻجي چڪو آهي. ادب جي خدمت ڪرڻ بجاءِ هي هڪ خاندان جي خدمت ڪرڻ ۾ رڌل نظر اچي ٿو. سنڌي قوم کي جنهن شيءِ جي سخت ضرورت آهي اها آهي پنهنجي ٻوليءَ ۾ نئون علم، جديد سائنسي ۽ عالمي فڪر جي معلومات جنهن سان سندن زندگيون تبديل ٿي سگهن ٿيون. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته هينئر پراڻن ڪتابن کي ڊجيٽل لائبريرين ۾ تبديل ڪري نوجوانن جي لاءِ ويب سائيٽون مهيا ڪري. اڄ جو نوجوان جيڪو بغير ڪنهن مقصد جي صرف سوشل ميڊيا جي غلط استعمال ۾ ڦاٿل آهي انهن کي مثبت دڳ لڳائجي ته جيئن هن قوم مان هڪ اهڙو نوجوانن جو گروهه پيدا ٿي سگهي، جيڪو اڳتي هلي ٽرانسليشن ادارن ۾ هڪ سٺو هيومن ريسورس بڻجي ڪم ڪري سگهي. جيڪڏهن وقت جي تبديلي سان گڏ اسان جا ادارا پنهنجو پاڻ کي تبديل نٿا ڪن ۽ انهن جا سربراهه وقت سان گڏ نوان رجحان ۽ نئون تصور (ويزن) نٿا کڻي اچن ته پوءِ اهڙن ادارن کي هلائڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي. ڇو ته اهي ادارا عوام جي ٽيڪس جي پئسن مان عوام جي مٿان هڪ بار بڻيل سٺا نٿا لڳن. اسان کي اڃان اها اميد آهي ته اسان پنهنجن ادارن کي بهتر ڪري سگهون ٿا، انهن جي اندر ويٺل سفارش ڪلچر تي يا سياسي بنيادن تي ويٺل ماڻهن کي اتان ڪڍي سگهجي ٿو، قابل ۽ ميرٽ تي ڀرتيون ڪري پنهنجن ادارن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو. ميرٽ جي اسان وٽ ڪابه کوٽ نه آهي صرف مضبوط ارادي جي ضرورت آهي.