سفر ناموسفرنامونئون

برطانيه جي ڀونءِ ۾… (سفر نامو-قسط ڇهين)

ماضيِءَ جي مزار ۾

اڄ جمعي جو ڏينهن آهي، هِن وقت صبح جا تقريبن ڏهه ٿيا آهن. فليٽ مان ناشتو پاڻي ڪري هيٺ لهي آيو آهيان، رومفرڊ جي رستن تي. جيتوڻيڪ هي مئي جو مهينو آهي، پر هِتي ان ۾ پاڻ واري ڊسمبر جي اوائلي ڏينهن جهڙي هلڪي سياري جي خنڪي محسوس ٿئي ٿي. پاڻ وٽ ته انهن ڏينهن ۾ ڇِتي اُس ۽ مٿان وري رستن تي اُڏامندڙ ڌوڙ منهن مهانڊو ئي بدلايو ڇڏي. بس فليٽ جي ويجهو ئي رومفرڊ مارڪيٽ آهي، جنهن جي وشال ڪار پارڪنگ ايريا جي سامهون ئي تاريخي ۽ قديم سينٽ ايڊورڊ دي ڪنفيسر چرچ(St. Edward the Confessor Church) آهي، جيڪا پري پري کان نظر اچي ٿي. پاڻ انگلينڊ آيا ئي آهيون تاريخي ۽ تفريحي جڳهيون ڏسڻ، سو جي پاڙي ۾ ئي اهڙي ڪا پراڻي ۽ تاريخي عمارت ڏسڻ لاءِ ملي وڃي ته پوءِ لطيف سائين جي بيت “وڃين ڇو وڻڪار هت نه ڳولين هوت کي” جي پوئيواري ڪندي پاڻ هلون ٿا رومفرڊ ۾ واقع سينٽ ايڊورڊ چرچ ڏسڻ.

پري کان نظر ايندڙ هِن پٿر جي ٺهيل پراڻي چرچ جو ٽاور 162 فوٽ اوچو آهي ۽ اُن ۾ مٿي هڪ شاهي گهڙيال لڳل آهي، جيڪو هر پندرنهن منٽن تي گهنڊ(Bell)  وڄائي ٿو، جنهن جي گونج پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. پراڻي دور ۾ اِهي گهڙيال ٽائيم جي آگاهي ڏيندا هئا ۽ ماڻهن کي ان مان عبادت جي وقت جو پتو پوندو هو. جيتوڻيڪ هِن دور ۾ گهڙي ۽ موبائل عام ٿيڻ کانپوءِ ان جي اهميت بلڪل نه رهي آهي، پر پوءِ به ماضي جون روايتون يا مذهبي رسمون جيڪي سماج جو حصو بڻجي وڃن ٿيون، انھن جو تسلسل اُھو دور گذرڻ جي باوجود، پوءِ به ماڻهن ۾ لڪير جي فقير جيان جاري رهي ٿو. نه صرف ايترو، پر اُهي روايتون ادب ۽ شاعري ۾ علامت طور به استعمال ٿينديون رهن ٿيون. جِتي چرچ ۽ مندرن جا گهنڊ پرميشور جي پوڄارين کي ڇڪي عبادتگاهن ڏانهن وٺي وڃن ٿا ته اُتي وري اهي گهنڊ گهڙيالا عاشقن کي پنهنجي پريميڪائن سان ملڻ جو وسيلو به بڻجن ٿا. پاڻ هاڻي ٻه ٽي وکون ڀري چرچ کي ڏنل چوديواري جي گيٽ ۾ داخل ٿي ويا آهيون، اُن جي اڳيان موجود ڪشادي اڱڻ ۾. چرچ جي اڱڻ ۾ چرچ ۾ عبادت، مذهبي ۽ سماجي پروگرامن جي ٽائيم ٽيبل واري وڏي سائن بورڊ سان گڏ ٿوري ٿوري وقفي تي ويهڻ لاءِ پراڻيون بينچون به پيل آهن. ان ئي اڱڻ ۾ ڪجهه پراڻيون جابلو پٿر جون پڪيون قبرون به آهن. انهن بينچن تي ويهي جي توهان ماضي جي دور سان ملڻ چاهيو ۽ اُن جي پسمنظر ۾ پنهنجو شجرو ڄاڻڻ چاهيو ته ڀلا ھِن کان بهتر ٻيو پرسڪون ماحول ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ اڱڻ ۾ قبرن ۽ آسپاس جي قديمي وڻن کي گهڙي پل لاءِ پسي هاڻي آئون داخل ٿيو آهيان. چرچ جي وڏي ٻه تاڪي شاهي گيٽ کان چرچ جي اندر اهڙا شاهي گيٽ پاڻ وٽ عام طور تي پراڻن جيلن ۽ قلعن ۾ به لڳل هوندا آهن. سينٽ ايڊورڊ چرچ گهمڻ کان اڳ اچو ته اُن جي تاريخ تي سرسري نظر وجهون.

لنڊن جي رومفرڊ علائقي ۾ واقع هي چرچ ڪافي پراڻي آھي. رومفرڊ جي سڀ کان وڏي ۽ ڄاتل سڃاتل هي عبادتگاهه 1177 ۾ ٺاهي وئي، تڏهن ان کي چيپل(Chapel)  ڪوٺيو ويندو هو. ان چيپل ۾ هڪ وڏو سرن جو ٽاور به ٺهيل هو ۽ اُن ۾ عبادت جي ٽائيم جي ڄاڻ ڏيڻ لاءِ هڪ وڏو گهنڊ به لڳل هو، جنهن ۾ ننڍيون ننڍيون گهنڊڻيون به لڳل هيون. اها عمارت ڪاٺ ۽ مقامي پٿر مان ٺهيل هئي. وقت سان گڏ عمارت جي زبون حالي سبب ان جي جاءِ تي 1410 ۾ نئون چرچ تيار ڪيو ويو ۽ اُن کي انگلينڊ جي بادشاهه ايڊورڊ (1066-1042) سان منسوب ڪري اُن جي نالي پويان سينٽ ايڊورڊ دي ڪنفيسر چرچ جو نالو ڏنو ويو. هِن بادشاهه جي دور ۾ انگلينڊ ۾ امن امان قائم رهيو. هِن ئي بادشاهه لنڊن جي مشهور ۽ وڏي تاريخي چرچ ويسٽمنسٽر ائبي(Westminster Abbey)  جو بنياد رکيو ۽ کيس دفن به اُن ۾ ئي ڪيو ويو. بادشاهه ايڊورڊ پنهنجي مال ملڪيت ۽ طاقت غريبن، يتيمن ۽ عبادتگاهن جي خدمت تي خرچ ڪئي. هُو مذهبي ريتن رسمن جو پابند هو ۽ ايماندار ۽ امن پسند حڪمران هو. هُن پنهنجي دور ۾ جنگين بجاءِ امن ۽ صلح کي ترجيح ڏني ۽ ڪيتري وقت کان انگلينڊ ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه کي بند ڪرايو. هُن کي پنهنجي زال راڻي ايڊٿ آف وسيڪس(Queen Edith of Wessex) مان اولاد ڪونه ٿيو، پر هُن محض وارث پيدا ڪرڻ خاطر ٻي شادي ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. اهوئي سبب ھو جو سندس وفات کانپوءِ تخت نشيني تي ڪافي وقت تائين جهيڙا هلندا رهيا ۽ اڳتي هلي اها اقتداري ڇڪتاڻ نارمن فاتح وليم(William the Conqueror)  جي بادشاهه ٿيڻ کانپوءِ اختتام تي پهتي. 1070 ۾ يعني ايڊورڊ جي وفات (1066) جي ڇهن سالن کانپوءِ کيس چرچ ۽ عوام پاران ڪنفيسر(Confessor)  جو خطاب ڏنو ويو. هي چرچ جو تمام وڏو اعزاز (لقب) آهي جيڪو ڪنهن شخص کي بنا شهادت ماڻڻ جي ان جي نيڪي، پرهيزگاري، مذهبي زندگي ۽ ملڪ ۾ امن ۽ انصاف قائم ڪرڻ جي سلي ۾ ڏنو ويندو آهي. 1161 ۾ يعني ايڊورڊ جي وفات کان لڳ ڀڳ 95 سال پوءِ هن کي پوپ اليگزينڊر سوم طرفان سينٽ(Saint)  جو خطاب ڏنو ويو، ان کانپوءِ هن کي رياستي طور ولي(Saint)  تسليم ڪري مذهبي علامت بڻايو ويو ۽ سندس وفات واري جاءِ ويسٽمنسٽر ائبي انگلينڊ جي هڪ مقدس جڳهه بڻجي وئي. انگلينڊ جي ھن انصاف پسند بادشاھ کي اھو اعزاز حاصل آھي ته انگلينڊ جي واڳ سنڀاليندڙ ھر نئون بادشاھ ھن جي مزار اڳيان باشاھت جو قسم کڻندو آھي. اھا روايت بادشاھ وليم دي ڪانڪرر جي رسم تاجپوشي (1066) کان شروع ٿي ۽ اڄ تائين جاري رھندي ٿي اچي. نئون ٿيندڙ بادشاھ تاجپوشي وقت سون جو ٺھيل سينٽ ايڊورڊ جي نالي منسوب ٿيل سينٽ ايڊورڊ تاج(St Edward’s Crown)  پائيندو آھي ۽ آرڪ بشپ آف ڪئنٽربري (پادري) جي اڳواڻي ۾ سينٽ ايڊورڊ جي مزار ڏانھن منھن ڪري قسم(Oath)  کڻندو آھي ته هُو خدا جي ڏنل طاقت، انصاف ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪندو. تاجپوشي جي رسم کانپوءِ اھو سونو تاج واپس ويسٽمنسٽر ائبي ۾ سينٽ ايڊورڊ جي مقبري (Shrine) وٽ محفوظ ڪيو وڃي ٿو. برطانيه جي موجودہ بادشاھ چارلسIII  جي 2023 ۾ رسم تاجپوشي ۽ قسم کڻڻ جي تقريب به صدين کان ھلندڙ روايت جي پوئيواري ڪندي سينٽ ايڊورڊ جي مزار اڳيان ٿي ھئي.

5 جنوري 1066 ۾ سينٽ ايڊورڊ دي ڪنفيسر جي وفات ٿي هئي ۽ هن کي 6 جنوري تي ويسٽمنسٽر ائبي ۾ دفن ڪيو ويو هو. 13 آڪٽوبر 1163 ۾ ان کي ويسٽمنسٽر ائبي ۾ ئي هڪ عاليشان مقبرو(shrine)  تعمير ڪرائي سندس جسد خاڪي کي وڏي مان شان سان اُن ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ اڄ تائين اتي انگلينڊ جي هن ولي(Saint)  قرار ڏنل بادشاهه لاءِ هر سال 13 آڪٽوبر تي مذهبي رسمون ۽ ٻيون تقريبون ٿينديون آهن ۽ ماڻهو هن جي مزار جي اڳيان ميڻ بتيون ٻاري، گل چاڙهي عقيدت جو اظھار ڪندا آهن. رڳو اسان واري ملڪن ۾ ڪاني ڪرامتن جا ڌڻي پير ڪونه آهن، پر هِن ملڪ ۾ به ان بادشاهه يعني سينٽ ايڊورڊ دي ڪنفيسر لاءِ کوڙ سارا ڪرامتي قصا مشهور آهن. چون ٿا ته هِن درويش بادشاهه کي اولاد نه ٿيڻ جو هڪڙو اهو به ڪارڻ هو ته هُن کي روحانيت سان ناتو جوڙڻ سبب دنياوي حوس ۾ ڪا به دلچسپي ڪونه ھئي ۽ هُو پنهنجي زال سان به اندر و اندر ازدواجي رشتن کان لاتعلق ٿي چڪو هو. ڪي ماڻهو هُن جي مزار تي اچڻ سان سکائون پوريون ٿيڻ جون ڪهاڻيون به ٻڌائين ٿا، جن ۾ مال ملڪيت ۾ برڪت، گهرو زندگي جي پريشان ڪندڙ مسئلن مان ڇوٽڪارو ۽ مرض ۾ شفا وغيرہ شامل آهي. اهڙو ذڪر 12 صدي ۾ لکيل ڪتابVita Edwardi Regis life of Edward the king جنهن ۾ سندس زندگي ۽ شفا وارا معجزا بيان ڪيا ويا آهن، ۾ موجود آهن ۽ ان کان علاوه ويسٽمنسٽر ائبي جي رڪارڊ ۾ پڻ زائرين کي مليل شفائن ۽ دعائن جي فيض جون ڪهاڻيون محفوظ آهن. ظاهر آهي ماڻهو چاهي پنهنجي ملڪ جا هجن يا انگلينڊ جا، جيستائين سائنس انسان جي نفسياتي مسئلن، بيمارين ۽ ٻين کوڙ سارن فطرتي رازن تان پردو نٿي کڻي، تيستائين اهي جهالت ۽ وهمن وسوسن جا دڪان هلندا رهندا، پر پاڻ وارن ۽ انگلينڊ جي ماڻهن جي وچ ۾ فرق اهو آهي ته اُتي درگاهي دڪان بند ٿي چڪا آهن ۽ ماڻهو ڦرجن ڪونه ٿا، جڏهن ته پاڻ وٽ درگاهي پير، مريدن جو مال کائي جيئن پوءِ تيئن سڄندا وتن. بهرحال اڄ نه ته سڀاڻي اهو پيٽ ضرور ڦاٽندو ۽ ٺڳي جو ٺاهه نيٺ اچي پٽ پوندو.

1410 ۾ ٺهيل هي سينٽ ايڊورڊ دي ڪنفيسر چرچ وقت گذرڻ سان گڏ جيئن پوءِ تيئن، پراڻي ۽ خسته حال ٿيندي وئي ۽ تقريبن 1849 ڌاري ان چرچ کي ڊاهي ساڳي جاءِ تي 14 جولاءِ 1849 ۾ ان جو نئون بنياد رکيو ويو ۽ 19 سيپٽمبر 1850 تي اها ٺهي راس ٿي. هِن چرچ کي انگلينڊ ۾ 14 صدي ۾ رائج گوٿڪ(Gothic)  تعميري انداز ۾ تيار ڪيو ويو ۽ ان جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ جان جانسن(John Jhonson)  جي ڪيل آهي. هِن چرچ جي اڏاوت ۾ ڳاڙهي، ڪاري ۽ ڀوري رنگ جو چمڪدار مقامي پٿر(Flint)  استعمال ڪيو ويو آهي. هن چرچ ۾ ديوارن جي وچ ۾ ماربل جا وڏا جارا (خانا) ٺهيل آهن جن جا ڇڄا(Corbels)  ٻاهر نڪتل آهن ۽ انهن ۾ ماربل ۽ پٿر جا مجسما رکيل آهن، جيڪي چرچ جي خوبصورتي کي چار چنڊ لڳائين ٿا. چرچ جي وڪٽورين دور جي اوڪ جي ڪاٺي جي ڇت ۽ ديوارن ۾ لڳل رنگين شيشن جي گرل ٿيل درين سبب، چرچ ۾ ڪافي روشني رهي ٿي ۽ هوا جو گذر به بهتر رهي ٿو. چرچ جي دروازن جا فريم ۽ آرڪيڊ جا پلر باٿ اسٽون(Bath Stone)  جا ٺهيل آهن، جيڪي موسمياتي اثر سبب ڪاراٽجي ويا آهن، پر باقي عمارت ۾ استعمال ٿيل فلنٽ اسٽون(Flint Stone)  موسمياتي اثرن کان محفوظ هئڻ ڪري ان جي خوبصورتي جيئن جو تيئن برقرار آھي. هِن چرچ ۾ سڀ کان پهرين وڏو گهڙيال 1759 ۾ لڳايو ويو. 50-1849 ڌاري نئين چرچ جي عمارت ٺهڻ ڪري ان گهڙيال کي هٽائي اُن جي جاءِ تي اُن جي 162 فوٽ ڊگهي ٽاور تي نئون گهڙيال لڳايو ويو، جيڪو هر پندرنهن منٽن تي گهنڊ(Bell)  وڄائي ٿو. 1909 ۾ بجلي اچڻ کانپوءِ ان گهڙيال کي بجلي تي ڪيو ويو. چرچ جي ڪمري نما بند مهاڙي ۾ ٻنهي ديوارن تي وڏين درين جھڙن جارن تي پٿر جا مجسما ٺهيل آهن. پاڻ وٽ مسجدن ۾ هونئن ئي مجسما ڪونه هوندا آهن، پر مندرن ۾ به فقط ديوتائن ۽ ديوين جا مجسما يا مورتيون لڳل هونديون آهن، پر هِتي ڪليسائن ۾ حضرت يسوع مسيح ۽ بيبي مريم جي مجسمن/مورتين کانسواءِ پادرين، بادشاهن، سائنسدانن ۽ ٻين علمي ماهرن جا مجسما/مورتيون به لڳل هونديون آهن. سينٽ ايڊورڊ چرچ ۾ هونئن ته ڪافي مجسما لڳل آهن، پر انهن ۾ ڪجهه جو تفصيل هن ريت آهي. (1) سر اينٿوني ڪوڪ(Sir Anthony Cooke)  سر اينٿوني ڪوڪ (1576-1501) هڪ تعليمي ماهر ۽ مڃيل مذھبي رهنما ٿي گذريو آهي. هُو بادشاهه ھينري اٺين جي پٽ ايڊورڊ چوٿين جو اُستاد ھو جيڪو بعد ۾ بادشاھ به بڻيو. هُو سياست سان به وابسته رهيو ۽ حڪومتي حلقن ۾ وڏو اثر رسوخ رکندو هو. هُو پروٽيسٽنٽ هو ۽ هُن پوپ جي روم ۾ ڪيٿولڪ مرڪزيت جي مخالفت ڪندي چرچ آف انگلينڊ جي حمايت ڪئي. ھُو گڊيا پارڪ رومفرڊ جي علائقي ۾ رهندو هو ۽ هِن چرچ سان سهڪاري هئڻ ناتي کيس اِتي دفن ڪيو ويو. چرچ جي نئين عمارت (موجوده چرچ) ٺهڻ کانپوءِ سندس قبر کي (50-1849) ڌاري اِتي منتقل ڪيو ويو.

(2) سر جارج هاروي(Sir George Harvey) : (1605-1527) هڪ سماجي خدمتگذار هو ۽ هُن پنهنجي هڙان وڙان خيراتي گهر ۽ اسڪول قائم ڪيا ۽ هُو سينٽ ايڊورڊ اسڪول ٽرسٽ جو باني به هو. هُن چرچ جي مرمت ۽ نئين ٽاور جي تعمير ۾ به مالي مدد ڪئي ھئي.

(3) چرچ ۾ هڪ وڏو سنگ مرمر جو يادگار به ديوار تي لڳل آهي، جنهن تي پهرين عالمي جنگ ۾ انگلينڊ جي بحري ۽ هوائي فورس ۾ شامل مقامي شهيد فوجين جا نالا درج ٿيل آهن. هِن چرچ جو ھال تمام وڏو آهي جنهن ۾ عبادت ٿيندي آهي. ان ۾ پراڻي دور جون ڪرسيون پيل آهن ۽ ان جي منبر يعني مٿئين حصي تي پادري ۽ اُن جي ٽيم عبادت ڪرائڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن. اُن جي پويان وڏين شيشي جي درين تي حضرت يسوع مسيح، بيبي مريم ۽ ٻين پيشوائن جي رنگين تصويرن جي خوبصورت نقشڪاري ڪيل آھي ۽ اُن جي ھيٺان وڏي ڪاٺ جي دخل تي صليب ۽ ڦول پتين جو ڪاٺي ۾ نفيس ڪم ٿيل آھي. ٻي عظيم جنگ ۾ هِن چرچ کي به نقصان پهتو هو، جنهن کي مرمت ڪري چرچ کي اصل حالت ۾ آندو ويو. وقت سان گڏ هِن چرچ ۾ به تبديليون آنديون ويون آهن، جنهن ۾ هيٽنگ سسٽم، سائن بورڊس ۽ بڪ شيلف وغيره شامل آهن. 1952 ۾ هِن عمارت کي گريڊ ٽو(Grade II)  جي لسٽ ۾ آندو ويو آهي، جنهن مان مراد هِن عمارت جي فني عمارت سازي ۽ تاريخي اهميت کي ظاهر ڪرڻ آهي. هي چرچ رڳو عبادت لاءِ استعمال ڪونه ٿي ٿئي، پر ڪميونٽي، تجارتي ۽ ثقافتي سرگرمين جو به محور آهي، جنھن ۾ خاص طور تي ھِن چرچ جون صحت ۽ تعليمي ميدان ۾ خدمتون نمايان آھن. هِن چرچ جو جيڪو مقصد(Motive)  ان جي سائن بورڊ تي لکيل آهي، اهو آهي we aim to be a centre for the whole community هن چرچ ۾ نوجوانن لاءِ به خصوصي سرگرميون ٿين ٿيون. هِن چرچ سان لاڳاپيل ٻيون عمارتون پئرش هال (1909)، اسڪول ۽ چئرٽي هائوس به آهن. پئرش هال ۾ اڪثر موسيقي جا پروگرام، خيراتي فنڊ سان لاڳاپيل گڏجاڻيون، مقامي گڏجاڻيون ۽ نوجوانن لاءِ ورڪشاپ ٿيندا آهن. چرچ هائوس عام طور تي پادري ۽ ان جي اسٽاف جي رهائش گاهه طور ڪم ايندو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اُن ۾ ڪائونسل جون گڏجاڻيون به ٿينديون آهن. سينٽ ايڊورڊ چرچ آف انگلينڊ اڪيڊمي (اسڪول) رومفرڊ به هِن چرچ جي زير انتظام آهي. هِن چرچ جي پادري جنهن کي ريڪٽر(Rector)  يا وڪار(Vicar)  چيو ويندو آهي، اُن کي پگهار نيشنل چرچ آف انگلينڊ مان ملندي آهي ۽ اُن جي مقرري بشپ (ڪميونٽي پئٽرن) ٽرسٽ جي مشوري سان ڪندو آهي. هِن چرچ جي نوٽيس بورڊ تي هِن چرچ جي انتظام هيٺ ٿيندڙ پروگرامن جا شيڊيول ڏسي آئون ته حيرت ۾ پئجي وڃان ٿو ته هي چرچ عبادتگاهه هوندي به ايڏا گھڻا سماجي ۽ رفاحي ڪم ڪري ٿي؟ ڀلي ڪو دهريو هِن جديد دور ۾ عبادتن کي مدي خارج ٺهرائي ۽ بي معنيٰ ڪوٺي، پر ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته يورپ هاڻي پراڻي جهالت جي دور مان جند ڇڏائي چڪو آهي ۽ ڌرم جي نالي ۾ فرقيواريت ۽ جھيڙن جھٽن مان آجو ٿي چڪو آھي. هاڻي اُتي ڌرم صرف انسان ۽ پرميشور جي وچ ۾ نجي معاملي جي حد تائين رھجي ويو آهي. منهنجي خيال ۾ جڏهن اهو ڪنهن پکي پکڻ، جيت جڻي ۽ آدم ذات کي نقصان به نٿو رسائي ته اُن تي اعتراض به نه هئڻ گهرجي ۽ ٻي ڳالهه جيڪا مون کي هتي نظر آئي ته، هِتي مون کي عبادت گهٽ ۽ اُن ۾ روايتي ۽ ثقافتي عنصر زياده نظر آيو ۽ ان کان به وڏي ڳالهه ته هاڻي چرچ عبادتن کان به وڌيڪ سماجي، ثقافتي ۽ رفاحي سرگرمين تي زياده ڌيان ڏئي ٿي. هِتي جا چرچ هاڻي پاڻ وارن پوڄا گهرن وانگيان ناهن جيڪي پنڊتن جي اُبتين سبتين ڪمائين جو ذريعو بڻيل آهن. اُهي ڪوبه رفاحي ادارو ڪونه هلائيندا، باقي پوڄا گهرن جو سڀ مال هڙپ ڪندي اوگرائي به نه ڏيندا. اڃان به جي پاڻ وٽ درگاهن کي ڳاڻيٽي ۾ آڻجي ته انهن جي گادي نشين پيرن، مريدن کي جاهل رکڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ انهن مرشدن جي مريدن جي حق حلال جي روزي مان ڪمائي، چڱن ڀلن ڌاڙيلن، ڪامورن ۽ سياستدانن کان به گهڻي آهي.

سينٽ ايڊورڊ چرچ ۾ جيئن ته جمعي جو ڏينهن هئڻ ڪري منجهند جي هڪ وڳي واري عبادت جو ٽائيم ٿيڻ وارو هو، انهيءَ ڪري چرچ ۾ ماڻهن جي اچڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو. آئون به هڪڙي ڪرسي تي عبادت ڏسڻ لاءِ ويهي رهيس. چرچن(Churches)  ۾ به هاڻي اڳئين زمانن جي مقابلي ۾ ايڏي رش ڪونه ٿي ٿئي. ڪافي زمانو اڳ يعني 1970 جي ڏھاڪي ۾ جڏهن حيدرآباد جي سري گهاٽ ۾ واقع چرچ ۾ وڃڻ ٿيندو هو ته اُتي ڪافي ميڙو متل هوندو هو. مندرن ۾ به ننڍي هوندي جيڪا رش ڏسڻ ۾ ايندي هئي سا هاڻي نظر ڪونه ٿي اچي. لڳي ٿو ته هن دور ۾ ماڻھن کي پنڊتن جي اصل ڪرتوتن جو پتو پئجي چڪو آھي يا شايد سائنس جي ڦهليل ڄاڻ سبب ماڻھو حقيقتن کي ڄاڻندي دهريا وڌيڪ ٿيندا وڃن ٿا!؟ بهرحال اهو بندي ۽ ڀڳوان جي وچ ۾ معاملو آهي. پاڻ ڇو ان ۾ ٽپي پئون؟ عبادت لاءِ آيل سڀني ماڻهن شيلف تي رکيل ڪتابچا کنيا جن ۾ عبادت جو مواد موجود هو. سو پاڻ به اُھو عبادتي ڪتابچو کڻي اچي سيٽ سنڀالي. اڳي ماڻهن کي عبادت جو بيانيو(Version)  لفظ به لفظ ياد هوندو هو، پر هِن دور ۾ ماڻهن کان اُهو ڪٿي ٿو رٽيو ٿئي. ٿوري ئي دير ۾ ريڪٽر (پادري) پنهنجي ٽيم جنهن ۾ نن (عورتون) به شامل هيون، منبر تي ظاهر ٿيو. نائب ريڪٽر پاڻ برزبان پڙهندو ويو ۽ هيٺ ويٺل پوڄاري به ڪتابچي مان ڏسي ان کي وڏي آواز ۾ ورجائيندا ويا. عبادت ۾ ڪيڏي مهل ويهي ته ڪيڏي مهل بيهي دور ڪرڻو ٿي پيو. آخر ۾ ريڪٽر جو خطبو ٿيو ۽ پوءِ هڪ نن شراب جو پيالو ۽ پتاشي جي سائيز جي ننڍڙي ڊبل روٽي(Wafer)  جو ڀريل جار کنيو ۽ اُن پهرين پادري کي اها پرساد(Wafer)  ڏني ۽ شراب جو ڍُڪ (سِپ) ڀرايو ۽ پوءِ هيٺ ويٺل عبادت گذارن کي جار مان پرساد ۽ پيالي مان شراب جو ڍڪ ڀرائيندي وئي. ھِتي عبادت گاهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن شراب جي جاءِ تي انگورن جو رس به استعمال ٿيندو آهي. عيسائي عقيدي موجب ان پرساد(Wafer)  مان مراد حضرت عيسيٰ جي بدن ۽ شراب اُن جي رت جي علامت طور ورتي (سمجهي) ويندي آهي. عبادت کانپوءِ ڪڏهن ڪڏهن چرچ جي هال جي اندر يا چرچ کان ٻاهر اڱڻ ۾ به سماجي ميل جول وڌائڻ لاءِ بسڪيٽ يا ڪيڪ ۽ چانهه يا ڪافي پارٽي جو پڻ انتظام ڪيو ويندو آهي. عبادت ۽ پرساد جي رسم ختم ٿيڻ کانپوءِ ريڪٽر منبر تان هيٺ لهي اچي سڀني سان واري واري سان هٿ ملايو ۽ پوءِ اچي چرچ جي مين گيٽ تي بيٺو. ماڻهو چرچ ۾ عبادت کان اڳ ۾ يا عبادت کانپوءِ منبر جي پاسي ۾ رکيل ٽيبل تي ميڻ بتيون ٻارڻ کي عبادت جو حصو سمجهندا آهن. اڳي ته اصلي ميڻ بتيون هونديون هيون ۽ هاڻي ان جاءِ تي ننڍين دٻين ۾ پگهاريل ميڻ واريون ميڻ بتيون استعمال ٿين ٿيون. مون به قطار ۾ بيهه پنهنجي واري اچڻ تي ميڻ بتي ٻاري. انساني سماج جي اها ڪيڏي نه بدنصيبي آهي جو ماڻهو صدين کان جوت جلائيندا اچن ٿا، پر نه ته انهن جي اندر جي اوندهه مٽجڻ جو نالو ٿي وٺي ۽ نه ئي وري ٻاهر جو انڌڪار انهن جي عذابن کي ختم ٿيڻ ٿو ڏي، پر پوءِ به ماڻهو روشن آئيندي جي تصور جي آس رکندي جوت جلائيندا اچن ٿا. انهن دکي انسانن کي ڪير سمجهائي ته انڌڪار جي مٽائڻ جو حل ٻيو ڪنهن وٽ به نه، پر انهن وٽ خود موجود آهي. اھي پاڻ جڏهن سندرو ٻڌي اٿندا ته يقينن اوندهه انڌڪار کي مات ڏئي خوشين ۽ خوشحالي جو روشن سج اڀاري وٺندا.

هاڻي آئون گيٽ تي بيٺل ريڪٽر (پادري) سان هٿ ملائي چرچ جي ٻاهران اڱڻ ۾ اچي پراڻي پٿر جي ٺهيل بينچ تي ويٺس. گيٽ تي بيهي سڀني عبادت ڪندڙن کي ريڪٽر طرفان رخصت ڪرڻ جي روايت به چرچ جي عبادت جو حصو آهي. ريڪٽر پاران ماڻهن کي احترامن جهڪي تعظيم (عزت) ڏيڻ جي روايت مون کي دل سان وڻي.

چرچ جي ٻاهران ننڍڙي چوديواري ڏنل اڱڻ ۾ منهنجي آسپاس ڪيئي پراڻيون قبرون موجود آهن، جن جي پٿر کي وقت جي موسمي اثرن گهرو ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. هِن اڱڻ ۾ موجود قبرن ۾ موجود انسانن جي به ڪڏهن ڪا دنيا هئي جنهن ۾ اُهي ساهه کڻندا هئا ۽ ٻي دنيا هِن اڱڻ جي چوديواري جي ٻاهر آهي جنهن ۾ اڄ به زندگي حسب معمول روان دوان آهي. ڪڏهن آئون به ان مٽي جي مڻن هيٺان پوريو پيو هوندس ۽ ٻاهر جي دنيا جو تسلسل جيئن جو تيئن جاري رهندو، پر پوءِ به اهو ته طئي آهي ته اڄ جي انسان جي دنيا جي بنياد جو ڍانچو ۽ ان جي تخيل جو تسلسل ان پراڻي (ماضي) جي دنيا کان ٻاهر آهي ئي ڪونه. ڀلي اڄ اهي انسان مٽي ۾ ستا پيا آھن ۽ هِن دنيا ۾ موجود ناهن، پر پوءِ به هِن دنيا جي بيهڪ، جڙاءُ ۽ رواني ۾ اڄ به انهن جو نه صرف پورهيو، پر روح به شامل آهي. اسان جي نس ۾ ڊوڙندڙ رت ۾ انهن جي جينس ۽ ڊي اين اي کانسواءِ، اسان جي وجود جو ڪو تصور ئي ڪونهي. اهوئي انساني ارتقا جي عمل جو تسلسل آهي، جيڪو تباهين، بربادين، سوچن، فڪرن، سماجي تبديلين توڙي خوشحالي ۽ ترقين جي حوالي کان ماضي جي انسانن کان حال تائين جي انسانن جي وچ ۾ هڪ مالها جي ذريعي ڳنڍيل آهي. انهيءَ ڪري ماضي جي دنيا ۽ ماضي جي تاريخ به اسان جو ايترو ئي ورثو آهي جيترو حال ۾ اسان جو وجود.

…(ھلندڙ)…

***