پر سوال اهو آهي ته آخر ڇو؟ نيتن ياهو جو ايران جي حڪومتي معاملن ۾ وڃي ڇا ۽ ڇو؟ يا هاڻي ان ڳالھه کان ڪير انڪار ڪندو ته سي آءِ اي، موساد ۽ را رجيم چينج جي معاملن ۾ دخل اندازيون ڪندا رهن ٿا ۽ انهن کي تمام گهڻي دلچسپي آهي ته دنيا ۾ جيڪي به حڪومتون آهن اهي انهن جي اشاري تي هلن. ايران ۾ رجيم چينج جي چڪر ۾ اسرائيل ايران جي سائنسدان کي به نه ڇڏيو، جيڪي ايران جا ٿنڪ ٽينڪ هئا، اهي آمريڪا، اسرائيل ۽ گڏوگڏ مغربي دنيا جي لاءِ به ڏچو ثابت ٿي پئي سگهيا. واحد ايران ملڪ ئي آهي، جيڪو پراڪسي وارز ۾ آمريڪا، اسرائيل ۽ ڀارت سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺو آهي. ايران ته کلم کلا حزب الله، حماس، حوثي (انصارالله) ۽ انهن سڀني گروهن جي مدد ڪندو رهي ٿو، جيڪي هن جي استعمال جا آهن ان ڪري ته سعودي به آمريڪا جي آشيرواد تحت پنهنجي گروهن جي پٺڀرائي ڪندو رهي ٿو، جنهن ۾ طالبان جا سڀ گروھ اچي وڃن ٿا.
رجيم چينج جي ڳالھه جيڪڏهن پاڪستان واري معامري ۾ هجي ها ته مڃي به سگهجي ها، پر ايران ان ڳالهھ ۾ انتهائي سخت آهي، جو هو ڪنهن جي به نٿو مڃي سگهي. نيتن ياهو آمريڪا جي هشي تي اهو چئي ڏنو ته اهو مڊل ايسٽ ۾ اقتداري تبديليون آڻيندا، ڇو ته وچ ايشيائي عرب ملڪ اسرائيل کي پسند ناهن ۽ آمريڪا آقا انهن جي ڪنهن به بلاڪ جي حق ۾ ناهي، توڻي جو ايران ڀلي روس، چين، مليشيا ۽ ترڪي سان بلاڪ ۾ هڪ هجي، اهي سڀ آمريڪا مخالف هجن، پر آمريڪا ۽ اسرائيل کي اهي ملڪ وڻن ٿا جيڪي طالبان جي ڇانوري ۾ هلن ۽ هرو ڀرو پراڪسي جنگين جو حصو هجن، آمريڪا جي ها ۾ ها ملائين ۽ انهن جي هٿيارن جي کپت تيز ڪن ته جيئن آمريڪا جي 700 ملين ڊالرن وارو هٿيارن جو ڪاروبار هلندو رهي، آمريڪا دنيا جو وڏو هٿيارن جو ايڪسپورٽر ثابت ٿئي ۽ اها ڳالھه ڪندو به هجي پوءِ ڪيئن مڃون ته آمريڪا ٽيا ڪڙيون ڪندو يا ڪري به سگهي ٿو، هو ته چورن کي چئي ٿو ته چوري ڪيو ۽ ڀاڳين کي چئي ٿو ته هوشيار خبردار ٿِجو، جو چور توهان جي گهر چوري ڪرڻ ٿا اچن.
ايران جي رجيم چينج مان آمريڪا ۽ اسرائيل کي وڌيڪ فائدو ٿيندو، ڇو جو جيڪي انقلاب ايران ۾ جاري آهن، اهي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا، پر ائين ٿيڻو ناهي، ان ڪري ته اهو ديواني جو خواب آهي، جو ايران جي اندر ڪنهن به قسم جو مذهبي انقلاب يا اٿل پٿل به ڪري سگهجي. ايرانين 2008 کان وٺي گاھ کاڌو پر هٿيار ڦٽا نه ڪين ۽ آڻِ نه مڃين. آمريڪا هنن تي پابنديون هنيون ايستائين جو انهن ملڪن تي به پابندي هڻي ڇڏي هئي، جيڪي ملڪ ايران سان ڪنهن به قسم جو ڪاروبار ڪندا يا جي تيل به ايران کان وٺندا ته انهن ملڪن تي پابندي لڳندي. ايران جا ايٽمي هٿيار دنيا جي لاءِ خطري جي گهنٽي هجن نه هجن، پر هاڻي اها ڳالھه سمجھه ۾ اچي ٿي ته ايران جي جوهري طاقت اسرائيل ۽ آمريڪا جي لاءِ ضرور آهي ته اهي پنهنجو پنهنجو خير گهرن. ان ڪري جو ايران وٽ قومي ۽ مذهبي ضمير به آهي ته ٽيڪنالاجي به، ان ڪري آمريڪا کي ڏينهن رات خطرو آهي ته اهڙو ملڪ جنهن ۾ ايجنسيون به پير نٿيون رکي سگهن يا گذريل اليڪشن ۾ به مخالف ٻوٽو نه ٻاري سگهيا. ان ڪري آمريڪا جي ننڊ ڦٽل آهي ته ايران ۾ پاڪستان جهڙي جمهوريت اچي، جنهن کي آڱرين تي نچائي سگهجي ۽ اهڙي ايٽمي طاقت بڻائي ڇڏجي جو اهو سمورو ڏينهن پنهنجي هٿيارن جي نگهباني ۾ گذاري ڇڏين. اسان ته چين جا تعبيدار آهيون (۽ رهنداسين) ۽ سرڪاري گارڊ به، جن اسان کي ڪٿان جو ڪٿي پڄائي ڇڏيو ۽ سڀاڻي الائي جي ڇا مان ڇا ڪندا!! جو سي پيڪ ۾ اسان سڀ ڪجھه انهن کي لکي ڏنو آهي ۽ اسان جو سڀ ڪجھه انهن جو آهي. ان ڪري چين جي ان ڳالھه کي شايد ڪير سمجهي ته “هڪ ملڪ، هڪ مذهب ۽ هڪ ڪلچر”.
ايران واحد ملڪ آهي، جنهن جا جرنل ۽ ڪرنل عوام کان پهرين شهيد ڪيا پيا وڃن نه ته جنگي حالتن ۾ هيٺين ليول جا سپاهي جان جو نذرانو پيش ڪندا آهن، پر ايران جا معاملا مختلف آهن. اها ڳالھه به آهي ته آمريڪا سميت سڀ مغربي ملڪ ايران جي طاقت يا مسلم ملڪن جي بلاڪ کان خوفزده آهن، اهي چاهين ٿا ته اسلامي ملڪ ائين ئي دٻيل رهن ۽ ايٽمي طاقت هوندي به بي يارو مددگار هجن ۽ اسرائيل ملڪي حيثيت نه هجڻ جي باوجود به ڪوبه ملڪ هن کي ملڪ مڃي ئي نٿو، پر پوءِ اهي سڀ اوزار پيو هلائي جيڪي ايٽمي طاقتن وٽ هوندا آهن ته پوءِ ايٽمي طاقت هجڻ کان بهتر آهي ته ملڪ معاشي طاقت بڻجن ۽ اسرائيل وانگي آمريڪي ڪانگريس کان هٿيار وٺي ٻين ملڪ تي حملو ڪندا رهن. عام حالتن ۾ عام ماڻهن وٽ جڏهن ڪلاشنڪوف جو لائسنس هجي يا توپ جو لائسنس هجي تڏهن اهي پاڻ سان گڏ کڻي گهمي سگهن ٿا ته پوءِ هڪ اهڙو ملڪ جنهن جي زميني حقيقت يا حيثيت ئي ناهي ته دنيا ان کي جوهري هٿيار يا مهلڪ هٿيار استعمال ڪرڻ ڇو ٿي ڏئي؟ يا ائين سڀ ملڪ جنگي سامان وٺن ۽ بيلسٽڪ ميزائيلن سان گڏ ري ايڪٽر به وٺن، اهي ته ان ڳالھه جا متحمل به هجن جو اهي “اي آءِ” استعمال ڪري سگهن يا جيئن اسرائيل هٿيار استمال پيو ڪري ۽ انهن جي اها ڳالھه يونائيٽيڊ نيشنز جي سيڪيورٽي ڪائونسل کي ڀلي ڀت خبر آهي ته اهي “اي آءِ” جا هٿيار يا ٽيڪنالاجي استعمال نٿي ڪري سگهجي، ان ڪري ته سپاهي ڪنهن به مقابلي ۾ آيل سپاهي سان وڙهي، جيڪو جنگ جو ديرينا اصول به آهي ته سپاهي پراڻي زماني وانگي هڪٻئي سان آمهون سامهون وڙهي هڪ فوج کي ميدان مان ڀڄائي ڪڍن يا انهن جا سڀ سپاهي سوگها ڪن ته ڪا ڳالھه به مڃجي، پر هاڻي وارا جنگ جا اصول بيڪار آهن ته ڪوبه ملڪ زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بم گولا تيار ڪري ته ڪري سگهي ٿو، پوءِ ان جي مرضي آهي ته مخالف ۽ دشمن ملڪ جي عام شهرين تي ڦٽي ڪري، ڦاڙي انهن کي ماري ته ماري سگهي ٿو، جيڪو اصول روا نه هجڻ گهرجي، جنگي اصولن ۾ اهو به آهي ته جنگي قيدي ڀلي بڻايو، پر ڪنهن به ٻار ٻُڍي، ڪمزور، جنگ ۾ شامل نه ٿيندڙ تي حملو يا هلان نه ڪيو، پر هاڻي جنگ اهڙي ٿي وئي آهي جو هر ماڻهو پناھ ٿو گهري جو ڪڏهن به ڪنهن جو به ڊرون ڪِري عام خلق کي ماري سگهي ٿو. هاڻي ته هر ملڪ خطري ۾ آهي ۽ ٻيو ته راڊار به جام ڪري ٿا ڇڏين، جو دشمن ملڪ کان ايندڙ بم گولو گوگل ۽ راڊار کي به انڌو ڪري ٿو ڇڏي، جو خبر ئي نٿي پئي ته ايران تي بم ڪنهن مهل ڪرندو، گولو ڪنهن کي نشانو بڻائيندو ۽ ميزائيل ڪنهن جي فليٽ کي اڏائي ڇڏيندو؟! ان ڪري ته چار هزار ڪلو ميٽر پري اسرائيل مان ايندڙ ميزائيل صحيح نشاني تي لڳي ٿو وڃي ۽ پنهنجو ڪم پورو ڪري ٿو وڃي. ڳالهھ اها به ناهي ته اسرائيل جو نقصان نٿو ٿئي، پر اهي ميڊيا جي آڏو نٿا آڻين جو انهن جي عزت نفس مجروح ٿيندي ۽ دنيا انهن کي ٽوڪيندي ۽ ٿُڪ بُجو ڪندي ته اهي اهڙي جديد ٽيڪنالاجي جي هوندي به پنهنجو دفاع نه ڪري سگهيا.
چين ۽ روس ايران جي پٺڀرائي ۾ بيٺل ته آهن، پر اهي ان ڳالھه ۾ واضح طور تي سامهون به اچن، ان ڪري ته دنيا جنگين جي متحمل ناهي رهي، هاڻي بم گولا ٺاهڻ جي ڪير طاقت رکي به ڪنهن تي ڪيرائي نٿو سگهي، جو جنگين جي تباهي ڏکي آهي ۽ سالن جا سال لڳي ٿا وڃن، جو ماڻهو جنگي تباهين مان نڪري نٿا سگهن ۽ ملڪ معاشي ۽ سماجي براين ۾ ڦاسي ٿا پون، سا ڳالھه آمريڪا ۽ اسرائيل کي به سوچڻ گهرجي. هاڻي ته ڳالهھ سڌي ٿي بيٺي آهي ته آمريڪا جي امن پسند هجي ها ته اسرئيل کي هٿيار ڇو ڏئي ها؟ جيڪڏهن هٿيار ڏئي به ٿو ته معنيٰ آمريڪا چاهي ٿو ته ”ڀُر ڀُر ڇيڻا جهنگ مچاءِ“ معنيٰ جهنگ ٻريل رهي ۽ باھ ٻرندي رهي ۽ جنگ هلندي رهي ۽ آمريڪا جي هٿيارن جو دڪان به هلندو رهي. پوءِ ٽرمپ سعودي ۾ وڃي اها ڊپلوميسي به نه ڪري ها، ان ڪري جو هاڻي فلسطين ۽ عرب ملڪن سميت اسلامي ملڪن کي به هن جي همدردي جي ضرورت ناهي رهي ۽ نه ئي هن ”لپ سروس“ ڪنهن ڪم جي رهي آهي. مسئلو رڳو اهو آهي ته دنيا ۾ امن کي پائيدار بڻايو وڃي. ڀلا جيڪڏهن يورپي ملڪن کي جوهري هٿيارن جي ضرورت آهي ته ساڳي ضرورت مسلمان ملڪن کي به آهي ته هاڻي جيڪي به سرنديءَ وارا مسلم ملڪ آهن، اهي به جوهري طاقت بڻجن، ڇو ته اسرائيل جي جنون جي حد ناهي رهي، هو هاڻي ڪنهن به ڪمزور مسلم ملڪ تي پنهنجي ملڪ مان ويهي آمريڪا جي اشاري تي حملو ڪري سگهي ٿو، ان ڪري وقت جي ضرورت آهي ته اسلامي ملڪ هڪ بلاڪ جي شڪل ۾ اچن.