مريخ تي پاڻي دريافت
اٽلي جي سائنسدانن مريخ جي سطح تي پاڻي جي دريافت ڪري ورتي آهي. مريخ تي پاڻي ڄميل صورت ۾ موجود آهي اها هڪ برفاني ڍنڍ آهي، جيڪا 20 ڪلو ميٽر ڊگهي آهي ۽ اها سطح جي اندر ڏيڍ ڪلو ميٽر جي اونهائي ۾ موجود آهي. ماهرن چيو آهي ته اهو پاڻي جو ذخيرو ائين ئي آهي جيئن زمين جي قطبن تي زمين اندر لڪل هوندو آهي. هن نئين دريافت بعد معلوم ٿيو آهي ته مريخ تي زندگي جا نوان آثار ملي سگهندا. هنن ماهرن جو چوڻ آهي ته هن مهل تائين صرف مريخ تي پاڻي جا آثار مليا آهن پر ان جي کوٽائي نٿي ڪري سگهجي. ماهرن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ مريخ تي ويندڙ خلائي ماهرن کي ان پاڻي کي حاصل ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪرڻي پوندي. پاڻي جي تلاش يورو اسپيس ايجنسي پاران جي مارس ايڪسپريس پروب نالي مشن جي انگن اکرن ذريعي ممڪن ٿي سگهي آهي. تحقيق ڪندڙن خلائي جهاز جي جديد ريڊار کي استعمال ڪندي زمين اندر موجود آواز جي لهرن ۽ آواز کي رڪارڊ ڪري موڪليو. جنهن مان ماهر ان نتيجي تي پهتا ته ان جاءِ تي پاڻي موجود آهي.

