بلاگنئون

جاويد اختر جو عقيدي کان الحاد تائين سفر

1994ع جو زمانو ھو جڏھن انڊين فلم “اي لو اسٽوري 1942” آئي  ۽ ان جي ھڪ گاني “اڪ لڙڪي ڪو ديکا تو ايسا لگا” جي ڌوم مچي وئي. ان وقت سنڌ ۾ ڪيسٽ  ڪلچر عروج تي ھو  ۽ اھو گانو سنڌ ۾ به  ڏاڍو مشھور ٿيو، جنهن جي طرز تي ڪافي سنڌي فنڪارن به سنڌي ڪلام ٺاھيا جنهن ۾ شمن علي ميرالي جو ڪلام  “ھڪ رات مون خواب ۾ آھي ڏٺو” پڻ مشھور ٿيو ھو.

اڪ لڙڪي ڪو ديکا گانو انڊين سدا بھار سنگر ڪمار سانو ڳايو ھو ۽ شاعر هو جاويد اختر جي. ھن گاني جا ٻول لکڻ تي جاويد اختر کي بيسٽ شاعر جو فلم فيئر ايوارڊ مليو ۽ ان سان گڏ اھو گانو ڳائيندڙ ڪمار سانو کي بيسٽ پلي بيڪ سنگر ۽ گاني جي موسيقي ترتيب ڏيندڙ آر ڊي برمن کي  بيسٽ ميوزڪ ڊائريڪٽر جو ايوارڊ  پڻ ڏنو ويو ھو.

اڪ لڙڪي ڪو ديکا گاني جا ٻول لکندڙ  هندستاني فلمي دنيا جو مشهور نغما نگار، اسڪرپٽ رائيٽر ۽ شاعر جاويد اختر 17 جنوري 1945ع ۾ گواليار جي ڪملا اسپتال ۾ جنم ورتو ۽ مسلمان سماج جي روايت مطابق  جڏهن به ڪنهن مسلمان گهر ۾ ٻار ڄمندو آهي ته سندس ڪن ۾ اذان ڏني ويندي آهي، جيئن زندگيءَ جي پهرين ساهه سان ئي عقيدي جي صدا به ان ۾ شامل ٿي وڃي، پر ھن ٻار جي ڪن ۾ روايتي اذان ڏيڻ بدران ڪارل مارڪس جي ڪتاب “ڪميونسٽ مينيفيسٽو” جا لفظ پڙهيا ويا. جنهن بابت جاويد  اختر پاڻ ھڪ انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو  ته، “سندس ڄمڻ تي سندس والد، نامور شاعر جان نثار اختر، جي دوستن کيس چيو ته تون دين کان باغي ھڪ ملحد سوچ رکندڙ انسان آهين، پوءِ ٻار جي ڪن ۾ ڇا پڙهندين؟ تڏهن  ان وقت ڪنهن جي هٿ ۾ مارڪس جو ڪتاب هو ۽ جان نثار اختر پنهنجي پٽ جي ڪن ۾ پڙهيو: “دنيا جا مزدورو، گڏ ٿي وڃو، توهان وٽ وڃائڻ لاءِ غلاميءَ جي زنجيرن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي.”

جاويد اختر جي زندگي جو اهو منظر ڄڻ سندس سڄي زندگيءَ جو استعارو بڻجي ويو. روايتن کان بغاوت، فڪر سان وابستگي،  سوال ڪرڻ جو جذبو ۽ لفظن سان رشتو اهي سڀئي پهلو ڄڻ ڄمڻ کان اڳ ئي سندس نصيب ۾ لکجي چڪا هئا.

جاويد اختر جو اصل نالو به هڪ نظم مان نڪتو. جڏهن سندس والدين جي شادي ٿي ته جان نثار اختر هڪ نظم لکي هئي جنهن جو مصرعو هو:

“لمحه لمحه ڪسي جادو ڪا فسانه هوگا”

انهيءَ “جادو” مان متاثر ٿي، سندس گھرواري صلاح ڏني ته ڇو نه ٻار جو نالو “جادو” رکيو وڃي. پوءِ ان تي عمل ڪندي ٻار جو نالو جادو ئي رکيو ويو! اهڙيءَ طرح جاويد، جيڪو پوءِ ادب ۽ فلمي دنيا ۾ هڪ روشن نالو بڻيو، شروعاتي ڏينهن ۾ “جادو” سڏبو هو ۽ سچ پچ هن جي زندگيءَ جو هر لمحُو ڄڻ ڪنهن جادوئي ڪهاڻيءَ وانگر اڳتي وڌندو رهيو.

جاويد جي گھريلو ماحول بابت ھن ھڪ واقعي مان ڪافي پروڙ پئي ٿي جنھن جو ذڪر ان جي  ماءُ صفيا  پنهنجي مڙس جان نثار اختر ڏانهن لکيل هڪ خط ۾  ڪيو آھي،

“جادو” جا حال بيان ڪرڻ جهڙا ناهن، اھي رڳو ڏسي سگهجن ٿا. ڳالهيون ته بي حساب ٺاهيندو رهي ٿو. جيڪڏهن پڇيو وڃي ته تنهنجو ڏاڏو ڪير آهي؟ ته چوي ٿو: ‘اسٽالن’، ۽ تنهنجو چاچو ڪير؟ ته چوي ٿو: ‘چاچا دالب’ (غالب).”

ٻار جي ان معصوم شرارت مان ان گهراڻي جي فڪري پسمنظر جي خبر پوي  ٿي، جتي سياست، شاعري ۽ بغاوت گڏجي هڪ ئي ڇت هيٺ ساهه کڻي رھيا ھئا! ۽ اھڙو ماحول جاويد جي فڪري تربيت جو بنياد بڻيو.

جاويد اختر شروعات ۾ سليم خان سان گڏجي “سليم- جاويد” جي جوڙي طور بالي ووڊ ۾ اسڪرپٽ رائٽنگ جو نئون باب کوليو. انهن جون مشهور فلمون اڄ به هندستاني سينيما جي تاريخ ۾ سنگ ميل سمجهيون وڃن ٿيون: جن ۾ شعلي، ديوار،  زنجير، ڊان ۽ سيتا اور گيتا  قابل ذڪر آھن.

انهن فلمن نه رڳو انڊين سينيما جي باڪس آفيس تي ڪاميابي حاصل ڪئي، پر هندستاني سماج جي نفسيات، غربت، بغاوت ۽ انصاف جي ڳولها کي به نئين انداز سان پيش ڪيو. بعد ۾ جاويد اختر نغما نگاري ڏانهن وڌيو ۽ اهڙا گيت لکيا، جيڪي ماڻهن جي دلين تي نقش ٿي ويا جھڙوڪ:

“اي وطن، وطن ميري آباد رهي تو”

“سنديسي آتي ھين”

“پنڇي نديا اور پون ڪي جھونڪي”

“ڪل هو نه هو”

“ڪڇ نا ڪھو ڪڇ ڀي نا ڪھو”

“ايسا لگتا ھي”

“تم ڪو ديکا تو يي خيال آيا”

اھڙا گيت آھن جيڪي ھندستاني موسيقي جي دنيا ۾ امر ٿي چڪا آھن. فلمي دنيا کان هٽي ڪري، جاويد اختر هڪ سنجيده شاعر به آهي. سندس لفظن ۾ سادگي به آهي، فلسفو به ۽ جذبن جي نرمي به.

سندس شاعريءَ جا مجموعا “ترڪش” ۽ “لاوا” ادبي حلقن ۾ ڪافي ساراهيا ويا آھن. سندس ڪجهه مشهور شعر اڄ به پڙهندڙن جي زبان تي آهن جھڙوڪ :

“مين ڪب سي ڪتنا هون تنها تجهي پتا ڀي نهين

تيرا تو ڪوئي خدا هي، ميرا تو خدا ڀي نهين”

شاعري جو اهي سٽون سندس داخلي ڪيفيت، سوالن ۽ شڪ جي دنيا کي ظاهر ڪن ٿيون.

جاويد اختر پاڪستان جي عظيم قوال نصرت فتح علي خان سان گڏ به ڪم ڪيو. انهن گڏجي 1996 ۾ ھڪ البم “سنگم” جي نالي سان رليز ڪيو ھو جنهن انڊيا ۽ پاڪستان ۾ تمام گھڻي شھرت حاصل ڪئي هئي ۽ ان جا ڪجهه  گيت آفرين آفرين،  آپ سي ملڪر ھم، جسم جيسي يا مين اور ميري آوارگي اڄ به اوترائي مشهور آھن.

جاويد اختر جي شروعاتي دور جي زندگيءَ تي نظر وجھجي ٿي ته ان ۾ مذھب جي خلاف ايتري شدت يا باغي سوچ نظر نٿي اچي يا جيڪڏهن هئي به ته اھا پوشيده هئي، پر موجوده ڪجهه  سالن کان وٺي  جاويد اختر  کلي عام مذھب جي خلاف ڳالھائڻ شروع ڪيو ۽   پاڻ کي فخر سان ملحد چوائڻ لڳو. هو کليل لفظن ۾ چوي ٿو ته  خدا، وحي، جنت ۽ دوزخ جي روايتي تصور تي يقين نٿو رکي. سندن چوڻ آهي ته هو عقل، سائنس ۽ دليل جو قائل آھي ۽ انهيَ بنياد تي انسانيت کي پنهنجي فڪر جو بنياد سمجهي ٿو.  اڪثر ماڻهو اھو سوال به اٿارين ٿا ته هو مذھبي مسلمان گهراڻي مان ملحد ڪيئن بڻيو؟

پر ان جو جواب شايد سندس ابتدائي ماحول ۾ لڪل آهي! سندس پرورش هڪ اهڙي گهر ۾ ٿي جتي مذهبي عقيدي کان وڌيڪ ترقي پسند سوچ کي اهميت ڏني ويندي  هئي. سندس والد هڪ ترقي پسند شاعر هو، جيڪو ھڪ آزاد سوچ رکندڙ انسان ھو سندن گهراڻو ھميشه مذھب کان وڌيڪ علمي ۽ ادبي تحريڪن سان سلهاڙيل رهيو. اهوئي سبب آهي جو جاويد اختر مذهب کي روايتي انداز ۾ قبول ڪرڻ بدران سوال ڪرڻ جو رستو اختيار ڪيو.

ڪجهه سالن اندر جاويد اختر پاڪستان جي باري ۾ به ڪجهه ڌار طريقي سان سوچي ٿو ۽ ھو وقت بوقت پاڪستان بابت سخت بيان به ڏيندو رھي ٿو، خاص طور تي دهشتگردي ۽ سرحدي ڇڪتاڻ جي حوالي سان. انهن بيانن سبب پاڪستان ۾ ڪيترن ئي حلقن مٿس تنقيد به ڪئي آهي. سندس مخالف چون ٿا ته هو هندستاني قومي بيانيي جي حمايت ڪري ڪٽر مودي حڪومت ۾ پنهنجي جاءِ ٺاھڻ جي چڪر ۾ آھي، جڏهن ته سندس حامي چون ٿا ته هو صرف دهشتگردي خلاف ڳالهائي ٿو نه ڪي عام پاڪستاني عوام خلاف!

بهرحال ڪو به فنڪار جڏهن سياسي اظهار ڪري ٿو ته سندس لفظ سرحدن ۾ قيد نٿا رهن ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو جاويد اختر جي شخصيت کي ھاڻي هڪ تڪراري رنگ به ملي چڪو آهي ۽ وقت بوقت مذھب جي خلاف ڳالھائڻ تي سندس ملڪ جي عوام خاص طور تي مسلمان طبقو سندس سخت مخالف آھي.

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جاويد اختر جو تعلق مولانا فضل حق خيرآبادي جهڙي مذهبي عالم جي خاندان سان آهي، جيڪو 1857ع جي جنگِ آزاديءَ ۾ اڳواڻ هو. انھيءَ ڪري هڪ پاسي مذهبي ورثو، ٻي پاسي ملحدي فڪر اهو تضاد ئي سندس شخصيت کي پيچيده بڻائي ٿو.

جاويد اختر جو سفر، “اذان بدران انقلابي نعري” کان شروع ٿي، لفظن جي جادو تائين پهتو. هو مسلمان گهراڻي ۾ پيدا ٿيو، پر بقول ان جي ته پنهنجي عقل ۽ تجربي کي بنياد بڻائي ملحد بڻجي ويو.

منهنجي خيال ۾ انساني زندگيءَ جو اصل سوال اهو ناهي ته انسان ڪهڙي مذهب ۾ پيدا ٿيو، پر اهو آهي ته هن پنهنجي شعور جي منزل ڪهڙي چونڊي. جاويد اختر جي ڪهاڻي، عقيدي کان انڪار تائين، روايت کان بغاوت تائين ۽ لفظن کان لافاني شهرت تائين هڪ اهڙو فڪري سفر آهي، جيڪو ننڍي کنڊ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو ۽ سندس ڪردار، سوچ ۽ عقيدي سان ماڻهن کي ڀلي ھزارين اختلاف ڇو نه ھجن، پر ان جي ادبي دنيا ۾ ڪيل ڪم کي ھميشه ساراهه جي نظر سان ڏٺو ويندو.