جِتي گَھڙِجي نِينهُن
لطيف جي شاعري گھڻ رخي (Multidimensional) آھي، جيڪا پاڻ سان سماجي برابري ۽ انسانيت پسندي جا گُڻ به رکي ٿي. لطيف جو ھڪ بيت آھي ته:
هَلو، هَلو! ڪاڪِ تَڙين، جتي گَھڙِجي نِينهُن؛
نه ڪا راتِ نه ڏِينهُن، سڀڪو پَسي پِرِينءَ کي.
اُئين ته ھي بيت لطيف جي رسالي جي سُر ”مومل راڻو“ مان ورتل آھي، جنھن جي ظاھري طور تي سمجھاڻي آھي ته سڀ عاشق مومل جي ڪاڪ محل جي تڙن تي ھلو، جتي عشق گهڙجي ٿو ۽ اُتي نه رات آهي نه ڏينهن جو قيد، هر ڪو پنھنجي محبوب يا جانب جو ديدار ٿو ڪري. ھي ٻن سٽن جو بيت پنھنجي اندر سمنڊ جيتري گھري معنيٰ ۽ مقصد ٿو رکي. ھن اھڙي پدرشاھي نظام ۾ جتي محبت کي ھڪ عظيم گناھ سمجھيو ٿو وڃي ۽ محبت ڪندڙن کي ”ڪارو ڪاري“ جو لقب ڏئي ماريو ٿو وڃي. جتي انسان کان وڌ سرمائي يعني دولت جو قدر ھجي ۽ انسان ٻن وقتن جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان ھجي ته پوءِ ان سماج ۾ نينھن يعني پيار محبت عشق ڪيئن گھڙبو؟ حقيقت به اھا ئي آھي ته ھن پراڻي دقيانوسي نظام ۾ سماج اندر صرف ۽ صرف انفراديت کي ھٿي ملي آھي. ھڪ فرد وٽ اھو سڀ ڪجھ آھي، جنھن سان ھو پنج ٻين ماڻھن جي ضرورت پوري ڪري سگھي ٿو، پر ھو ائين ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. لطيف به پنھنجي شاعري ۾ دقيانوسي ريتن ۽ رسمن کان بيزاري ظاھر ڪئي آھي، سندس شاعري ۾ وڏيرڪي نظام، پدرشاھي، اڻ برابري ۽ ٻين ڪيترن ئي فرسوده ڳالھين خلاف بغاوت جو درس ٿو ملي. لطيف جو مٿيون بيت به ڄڻ هن اھڙي ئي ڪيفيت ۾ لکيو ھجي، جنھن ۾ ھو ھڪ سماج کي اھڙي نظام ڏانھن وٺي وڃڻ لاءِ چئي رھيو ھجي جتي ڪا به عورت ڪاري نه ھجي، سماج اندر طبقاتي نظام ختم ھجي، سڀ انسان پاڻ ۾ برابر ھجن. ڪنھن کي ٻي تي فوقيت نه ھجي. سڀ انسان ھڪ ٻي جي ڪم اچن، ھڪ ٻي جي مدد ڪن سو به بنا ڪنھن لالچ ۽ لوڀ جي. اھي سڀ برابري جون ڳالھيون جڏھن اسين ٻڌندا آھيون ته اسان کي ھي سڀ ڳالھيون ڄڻ ناممڪن ۽ خيالي لڳنديون آھن، پر جڏھن اوھان انسان جي سماجي ارتقا تي نظر وجهندو ته ارتقا جو هڪ اهڙو دور به آهي، جڏهن زرعي ۽ متلاشي سماجن ۾ ماڻهو پاڻ ۾ گڏ رهندا هئا ۽ ضرورت وارين شين جا گڏيل طور تي مالڪ ھئا ۽ ايتري قدر جو انساني ضرورت وارين شين، مثال طور شڪار ڪرڻ لاءِ مخصوص ھٿيار، جنگلي ميوا وغيره سڀ اجتماعي طور تي استعمال ڪندا ھئا. پاڻ ۾ ڪم به ورھائي ڪندا ھئا، ان مان اھا ڳالھ ثابت ٿي ٿئي ته سماج ۾ انسان برابري واري نظرئي ۾ رھي سگھي ٿو ۽ اھا ڪا ناممڪن ڳالھ نه آھي. ساڳي ريت اسين اگر اڄ جي جديد دور ۾ پنھنجي روز جي معمول ۾ استعمال ٿيندڙ شين تي ٿوڙو غور ويچار ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته واقعي ۾ شين جي پيداوار اجتماعيت واري عمل سان وجود ۾ اچي ٿي، پر افسوس ته شين جي پيداوار مان حاصل ٿيندڙ رقم اجتماعيت ۾ ڪونه پئي تقسيم ٿئي. شيون ڪيئن اجتماعي محنت سان پيدا ٿين ٿيون ته ان جو آسان مثال آھي ته اسين جيڪي ڪپڙا پايون ٿا ته ھو اسان تائين مختلف مرحلن مان گذري پوءِ اسان وٽ اچن ٿا، انھن جو پھريون مرحلو ھاري وٽ ٿيندو آھي، جيڪو سڀ کان پھريان ڪپھ جي فصل لاءِ زمين ۾ ٻج ڇٽيندو آھي، ٻي مرحلي ۾ جڏھن ڪپھ ڦُٽي تيار ٿي ويندي آھي ته ان کي مختلف واپاري خريد ڪندا آھن، اتان اها پوءِ ڪپڙي جي ڪارخانن ۾ ويندي آھي، جتي ان جي صفائي ڪئي ويندي آھي ۽ پهرين ان مان ڌاڳو ٺاهيو ويندو آهي، آخري مرحلي ۾ ڪپڙو تيار ٿي مارڪيٽ ۾ ايندو آھي، جنھن کي اسين دڪانن مان خريد ڪندا آھيون ۽ پوءِ ڪپڙي کي پائڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ اسين درزي کي ڪپڙو ڏيندا آهيون ۽ ھو ان ڪپڙي کي ڊزائن ڪري ڪٽي، سبي وڳي ۾ تبديل ڪندو آھي ۽ پوءِ اسان ان کي پائڻ ۾ استعمال ڪندا آھيون. ان عام مثال مان اسين ان ڳالھ جو اندازو لڳائي سگھون ٿا ته سماج اندر شين جي پيداوار انفرادي قوت سان نه، پر اجتماعي قوت سان ممڪن ۽ ڪارائتي ثابت ٿيندي آھي.
اھڙو سماج جتي نِينهُن يعني عشق گھڙجي ھڪ ٻي سان محبت ھجي ته اھڙي قسم جو سماج ”سوشلزم“ جي نظرئي سان وجود ۾ اچي ٿو سگھي، ڇو ته ”سوشلزم“ ئي اھا ”سماجي سائنس“ آھي جنھن جي مدد سان پيداوار جي ذريعن ۽ انھي پيداوار مان آمدني جي ورهاست سڀني ۾ برابري جي بنيادن تي ٿيندي. اھڙو سماج ٺهندو جنھن ۾ انسان اندر دولت جي حوس آھستي آھستي ختم ٿيندي. اھا حوس ان ڪري ختم ٿيندي جو انسان جون سڀ ضرورتون آساني سان پوريون ٿينديون ۽ پوءِ ان ۾ وڌيڪ سرمايو گڏ ڪرڻ جي لالچ به نه رھندي، سرمائي گڏ ڪرڻ جي ئي لالچ ھوندي آھي جيڪا انسان کي غير انساني ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪندي آھي ۽ جنھن ڏينھن سرمائي جي لالچ ختم ٿيندي ان ڏينھن، ھڪ انسان جو ٻي انسان تي استحصال ختم ٿيندو. اچو ته پوءِ ڀٽائي جي بيت کي سمجھي، اڄ ئي اھڙي سماج جي اڏاوت لاءِ مسلسل جدوجھد ڪريون جتي نِينهُن گھڙجي ۽ ھڪ انسان جو مقصد صرف ۽ صرف ٻي انسان سان محبت ڪرڻ ھجي نه ڪي ان جو استحصال.
***