خاص

جسٽس فائز عيسيٰ طرفان وزيراعظم تي آف شور ڪمپني ٺاهڻ جو الزام

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صدارتي ريفرنس تي سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائيندي وزيراعظم سميت ٻين سياستدانن تي آف شور ڪمپنين رکڻ جا الزام لڳايا آهن. جسٽس قاضي فائز چيو ته ڪيترن ئي نمايان شخصيتن آف شور ڪمپنين ذريعي پرڏيهي ملڪيتون لڪايون موجوده وزيراعظم به انهن ۾ شامل آهي. بي بي سي موجب جسٽس فائز داخل ڪيل جواب ۾ چيو آهي ته صدارتي ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل آهي. صدر، وزيراعظم، خاص مدد گار، قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل سميت غير قانوني جاسوسي واري عمل ۾ ملوث ماڻهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي. اهڙن سمورن ماڻهن خلاف فوجداري ڪيس قائم ڪيا وڃن، جن سپريم ڪورٽ جي جج ۽ سندس خاندان جي غير قانوني طريقي سان جاسوسي ڪئي ۽ ان بابت ذاتي ڄاڻ ظاهر ڪئي