نئون

ساڙ نه ڪجو ڀائو، سال ۾ صرف ٻن ڏينهن جي ڪم جي پگهار 21 لک رپيا

هونئن ته دنيا ۾ اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي سڄو سال ڪم نه ڪندا آهن پر انهن کي ساليانه لکين رپيا ملندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي صلاح مشوري سان ڪاروباري ماڻهن کي ڪاروباري فائدا ڏياريندا آهن. انهن ماڻهن جي مهارت ئي انهن جو اثاثو هوندي آهي ۽ اها انهن کي ڪمائي ڪري ڏيندي آهي جيئن هڪ رٽائر جج هڪ سٺو قانوني صلاحڪار ٿي سگهي ٿو ان کي بغير ڪم ڪرڻ جي ڪائي ٿي سگهي ٿي وغيره وغيره. ان کان علاوه ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جن جي سيڙپڪاري سان انهن جي آمدني ٿيندي رهندي آهي. آمريڪا ۾ هڪ اهڙو شخص به آهي جنهن کي هڪ اوچي پول تي سال ۾ ٻه دفعا بلب تبديل ڪرڻ جي ڪم خاطر سال ۾ پاڪستاني ويهه لکن جي برابر پگهار ملندي آهي. ڪيون اسڪمڊٽ آمريڪي نزياتي اداري نيشنل براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ ٽاور اليڪٽريسن طور ڪم ڪندو آهي. هن جي ڪم ۾ سال ۾ ٻه دفعا ٽاور جا بلب بدلائڻ هوندو آهي. ڪيون جو ان کان علاوه ڪوبه ڪم نه هوندو آهي. ان جي بدلي ۾ ڪيون کي ويهه هزار ڊالر ملندا آهن. جيڪي پاڪستاني رپين مطابق 21 لک کان وڌيڪ رقم آهي.