ڪهاڻي ، خواب هڪ حقيقت

لطيف گاد

ڪنهن به معاشري جي تهذيب يافته هجڻ جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته اتي جا رهاڪو فنونِ لطيفه ۾ ڪيتري دلچسپي رکن ٿا ۽ ان ۾ ڪيتري ترقي حاصل ڪري چڪا آهن، مختلف تهذيبن آرٽ ۽ ڊزائين ۾ تمام تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي پر افسوس جو اسان جي معاشري ۾ ان طرف ماڻهن جو ڌيان گهڻو نه ڇڪجي سگهيو آهي. جنهن سماج ۾ نازڪ جذبن کي رنگن ۽ تصويرن سان پيش ڪرڻ جو رواج هوندو اتي امن ۽ سڪون هوندو، اهڙو خواب شهيد بينظير ڀٽو جو به هو ته سنڌ اندر NCA نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور جي طرز تي هڪ ادارو قائم ڪيو وڃي. خوش قسمتيءَ سان ان پروجيڪٽ کي هلائڻ لاءِ سنڌ فائن آرٽس جي پروفيسر اي. آر ناگوري کي مقرر ڪيو ويو. اهڙي دور انديشيءَ سان ڪيل فيصلي جو ئي نتيجو آهي جو اڄ اهو ادارو خود مختيار طور تي ڪم ڪري رهيو آهي. هن وقت سينٽر آف ايڪسيلنس جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ڀائي خان شر ۽ بورڊ آف گورنرز جو سربراهه مهراڻ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر محمد اسلم عقيلي آهي.

هن اداري ۾ آرٽ ۽ ڊزائين سان لاڳاپيل پنج شعبا آهن جن ۾ فائن آرٽس، آرڪيٽيڪچر، ٽيڪسٽائل ڊزائين، ڪميونيڪيشن ڊزائين ۽ سرامڪس ڊزائين شامل آهن. تعليمي لحاظ کان ڊرافٽنگ اسٽوڊيو، مني ايچر اسٽوڊيو، مجسمه سازي اسٽوڊيو، پرنٽ فيبرڪ ليب، اسڪرين پرنٽنگ ليب ۽ فوٽوگرافڪ ليب موجود آهن جيڪي شاگردن کي مختلف شعبن ۾ مهارت ڏئي روزگار حاصل ڪرڻ لاءِ تيار ڪري رهيا آهن.

سينٽر آف ايڪسلينس آرٽ ۽ ڊزائين جي عمر ننڍي آهي پرڪاميابيون بيشمار آهن. ڪاميابين جي لحاظ کان هتان جا شاگرد، شاگردياڻيون ۽ استاد اڳيان اڳيان آهن. جنهن جو مثال فائن آرٽس سان تعلق رکندڙ علي عباس جعفري جنهن تازو اسپين ۾ ٿيل واٽر ڪلر جي عالمي مقابلي ۾ پهريون نمبر ماڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيو ۽ اهڙي ريت هو واٽر ڪلر ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪندڙ پهريون پاڪستاني بڻجي ويو. شاگردن 2011ع تي اسلام آباد ۾ آرٽ فيسٽيول ۾ به پهريون نمبر ماڻيو. جڏهن ته ان مقابلي ۾ ملڪ جي 67 ادارن شرڪت ڪئي هئي. ان کان علاوه ڪيترائي آرٽسٽ، آرڪيٽيڪٽ ۽ ڊزائينر ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي رهيا آهن.

اداري جي سربراهه ڊاڪٽر ڀائي خان شر ڳالهين دوران چيو ته والدين پنهنجي اولاد کي سندن خواهش جي ابتڙ ڪيريئر جي چونڊ لاءِ مجبور نه ڪن پر کين آزاد ڇڏين ته جيئن اهي پنهنجي پسند جي شعبي ۾ وڃي ماهر بڻجن. تنهنڪري نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي ته هو رنگن سان کيڏي پنهنجي اندر موجود آرٽسٽ کي ڳولهي لهن ۽ ڊزائين ۽ پينٽنگ ذريعي سماجي مسئلن ۽ تخليقي احساسن جي اپٽار ڪن.

Leave a Reply

Your email address will not be published.