خاص

Manzoor Thahim ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

همسري جي ڇهين سالگره جي موقعي تي همسري جي سڄي ٽيم ۽ اسان جي ڪامريڊ ساٿي زاهده ابڙو کي مبارڪ ڏيندس ته جنهن جوش ۽ جذبي سان جنهن همت ۽ حوصلي سان هن همسريءَ کي جاري رکيو آهي اهو جذبي کانسواءِ ممڪن ناهي. ڇو ته مئگزين پبلش ڪرڻ ۽ ان کي تسلسل سان شايع ڪرڻ اهي ٻه الڳ الڳ شيون آهن. ٻنهي پاسن کي ڏسجي ته اهي ٻئي پاسا ڏکيا آهن، پر ڪنهن شيءِ کي تسلسل سان جاري رکڻ ۾ تمام گهڻو ذهني پورهيو گهرجي ٿو تڏهن اهي ڪم جاري رهن ٿا. مان خود همسريءَ جو حصو رهي چڪو آهيان ۽ اڄ به ان کي پنهنجو حصو سمجهان ٿو. ڪجهه عرصي تائين آئون، اشوٿاما ۽ ڪامريڊ زاهده ابڙو اسان ڪجهه ماڻهن کان پينل انٽرويو ورتا هئا تڏهن اهو محسوس ڪيم ته ڪوبه مئگزين جڏهن نڪري ٿو ته اهو پنهنجي ماڻهن سان ۽ ڌرتيءَ سان ڪيتري قدر ڳنڍيل آهي ۽ ان جو تعلق ڪيترو گهرو آهي، ڇا مسئلن تي ان جي نظر آهي پوءِ اهي سماجي هجن يا سياسي، ادبي هجن يا ٻيا مسئلا هجن. اسان کي احساس ٿيو ته همسري هميشه انهن مسئلن سان جڙيل رهيو آهي ۽ اسان ان جو حصو بڻجي ويا هئاسين. همسريءَ جو اهو ڪردار اسان کي اڳ کان به وڌيڪ نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ جو اسان اڳ وانگر همسريءَ جو عملي طور تي حصو ناهيون، پر اسين چئي سگهون ٿا ته هن مئگزين جي اهميت ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ اڳتي هلي اميد آهي ته ان ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيندو. منهنجي خيال ۾ مئگزين، اخبارون، ناول، ڪهاڻيون اهي سڀ اسان جا اوزار آهن. ڇو ته سماجي ارتقا هڪ ته قدرتي طور ٿيندي آهي ۽ ان جو ٻيو حصو رٿابندي سان ٿيندو آهي. جيئن يورپ کي رٿابنديءَ سان ارتقائي مرحلي مان گذاري صنعتڪاري ڪئي وئي ته سماج کي تيز ترقي وٺرائجي جنهن ۾ اتي هڪ وچون طبقو پيدا ٿيو ۽ انهن جي تنظيم ڪاري پيدا ٿي ۽ سماج اڳتي وڌيو. سڄي دنيا ۾ اهڙي رٿابندي ڪئي ويندي آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي ملڪ اڄ ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن، اسان جي سماج اندر ٿيو ڇا آهي جو ٻئي شيون تباهيءَ جو شڪار ٿيون آهن. اسان وٽ قدرتي ارتقا به ڀوڳيو آهي ته وري جيڪا ارتقا رٿابنديءَ تحت ٿيڻ گهرجندي هئي، جيئن صنعتڪاري، وڏيرا شاهي جو خاتمو، زرعي سڌارا، وڏيرا شاهي جيڪا ڪالونيل دور جي نشاني آهي اها ختم ٿيڻ گهرجندي هئي، پر ختم نه ٿي سگهي. نتيجي طور سماجي ارتقا يا ته رڪجي وئي يا تمام سست رفتاريءَ جو شڪار آهي. مئگزين يا اخبارون يا جيڪو به لکيو ٿو وڃي ان جو مقصد اهو آهي ته عوام دشمن رياستن اسان جي ارتقا کي رد ڪيو آهي اسان جي شعور ۽ سجاڳي کي وڌڻ نه ڏنو آهي هي اخبارون، مئگزين اهي چاهين ٿيون ته اسان سماج جي اندر سجاڳي پيدا ڪري ارتقا کي تيز ڪريون. همسري به ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ۽ ان ڪم ۾ ڀاڱيوار آهي. آخر ۾ چوندس ته هر مئگزين پنهنجو فڪر کي کڻي اڳتي وڌندو آهي. اميد ته همسري به پنهنجي فڪر کي اڃان وڌيڪ واضح ڪندو، همت ۽ جرئت سان پنهنجو موقف کڻي اڳتي وڌندو.