اڄ مشال خان قتل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو ويندو
پاڪستان جي صوبي خيبر پختونخواهه جي ضلعي هري پور ۾ انسداد دهشتگردي جي عدالت جو جج مشال خان قتل ڪيس جو فيصلو اڄ ٻڌائيندو، جنهن لاءِ انتظاميه سخت حفاظتي انتظامات ڪيا آهن. خبرن مطابق فيصلو اڄ منجهند جو ٻڌايو ويندو، جهن وقت ملزمن جا والدين ۽ ويجها رشتيدار به پهچندا. هن مقدمي جي سماعت دوران 50 جي لڳ ڀڳ گواهن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا هئا، امن امان جي صورتحال کي ڏسندي هن ڪيس جي سماعت هري پور جي جيل اندر ٺاهيل عدالت ۾ ٿي رهي آهي. مشال خان جي قتل ۾ ملوث 57 ملزمن جا وڪيل عدالت ۾ موجود هوندا جڏهن ته مشال خان جو پيءُ هن وقت لنڊن ۾ موجود هئڻ ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهندو. وڪيلن جو چوڻ آهي ته هن ڪيس ۾ نامزد 3 کان 4 ملزم اڃان گرفتار نه ٿيا آهن. صوابي سان تعلق رکندڙ مشال خان کي مردان جي عبدالولي خان يونيورسٽي ۾ مڇريل گروهه گستاخانه بيان ڏيڻ تي تشدد ڪري قتل ڪيو هو، هي واقعو اپريل 2017 تي پيش آيو هو. جنهن بعد سوشل ميڊيا تي هن واقعي جا مختلف وڊيو جاري ٿيا هئا. پوليس، سوشل ميڊيا تي موجود وڊيو ڪلپن کانپوءِ حرڪت ۾ آئي هئي. هن قتل جي الزام ۾ 57 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن مان اڪثر جو تعلق عبدالولي خان يونيورسٽي سان هو جنهن ۾ يونيورسٽي جا ملازم به شامل هئا. مشال خان صحافت جي شعبي ۾ پڙهندو هو.

