پاڪستان جو ايٽمي پروگرام آمريڪا لاءِ خطرو قرار
آمريڪا جي پرڏيهي سيڪريٽري مائيڪ پومپيو چيو آهي ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام آمريڪا جي لاءِ پنجن وڏن خطرن مان هڪ آهي. ڪالهه هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڳالهائيندي مائيڪ پومپيو چيو ته پاڪستان جو ايٽمي پروگرام محفوظ هٿن ۾ آهي، جنهن بابت عالمي ادارا به پنهنجي رپورٽ ڏيئي چڪا آهن. تنهن هوندي به ان جو غلط هٿن ۾ وڃڻ جو خدشو موجود آهي.

