مهراڻ يونيورسٽي جو شاگرد پوائنٽ جي ٽڪر ۾ فوت

حيدرآباد، قاسم آباد ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي اليڪٽريڪل انجنيئرنگ شعبي جو شاگرد ۽ قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد جي اڳواڻ سيد عالم شاهه جو پوٽو شايان شاهه پٽ علي مير شاهه، مهراڻ يونيورسٽي جي پوائنٽ بس نمبر 26 ۾ نمبر پليٽ EB-0105 مان  منجهند جي وقت يونيورسٽي مان واپسي تي نسيم نگر چوڪ وٽ بس مان لهي اڳيان وڃي رهيو هو ته ساڳي پوائنٽ کيس زوردار ٽڪر هنيو، مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب 22 ورهين جو نوجوان موقعي تي بيهوش ٿي ويو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال پهچايو ويو ۽ پنهنجي قيمتي جان وڃائي ويٺو. ڊاڪٽرن پوليس کي ٻڌايو ته شاگرد گهڻو رت وهڻ سبب فوت ٿي ويو آهي، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي