خاصنئون

آغا سراج دراني جا 50 ڪروڙن جا خفيه اثاثا مليا آهن: نيب

آغا سراج دراني جي گرفتاري بعد نيب جو تحقيقات بابت بيان اچي ويو آهي نيب جو چوڻ آهي ته آغا سراج دراني کان 9 دفعا سوال ڪيا ويا آهن. کانئس 150 سوال پڇيا ويا آهن جن ۾ هن جي ظاهر ڪيل 11 ڪروڙن کان علاوه خفيه 50 ڪروڙن جي اثاثن بابت به پڇيو ويو آهي، جنهن کان علاوه ڪراچي، سکر، شڪارپور ۾ موجود جائيداد تي ٽيڪس ادا نه ڪرڻ بابت به سوال ڪيا ويا آهن. ٻئي پاسي آغا سراج دراني انهن سڀني سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته انهن سوالن جا جواب هن جو وڪيل ڏيندو ۽ هن پنهنجي وڪيل سان ملاقات ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. نيب مطابق آغا سراج دراني کي سندس گهر مان آيل کاڌو پڻ ڏنو ويو آهي ۽ ٻن  ڏينهن ۾ ٽي دفعا کيس ڊاڪٽرن کان معائنو به ڪرائي چڪا آهن. ٻئي طرف سراج دراني جي ڌيءَ جي بينڪ اڪائونٽ مان هڪ ڪاروباري شخص گلزار احمد جي اڪائونٽ ۾ ڪروڙن جي ٽرانزيڪشن جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي. جنهن بعد نيب جي سفارش تي گلزار احمد جا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪرڻ لاءِ سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي سفارش ڪرڻ کان علاوه سندس نالو ايف آءِ اي لسٽ ۾ به داخل ڪيو ويو آهي. نيب جو چوڻ آهي ته گلزار احمد جي دبئي مان واپسي تي ان کي گرفتار ڪيو ويندو .ٻئي طرف آغا سراج دراني جي گهر وارن سان ڪابه بدسلوڪي نه ڪئي وئي آهي. ان حوالي سان لڳايل الزام غلط آهن. سندس گهر مان جيڪو به سامان هٿ آيو آهي ان جو سِيزر ميمو آغا سراج دراني جي گهر وارن آڏو ئي تيار ڪيو ويو آهي. جنهن تي سراج دراني جي ڌيءَ صحيح به ڪئي آهي. ان حوالي سان ڪابه زبردستي نه ڪئي وئي آهي. نيب مطابق آغا سراج دراني جي گهر مان جائيداد، گاڏين ۽ گهرن جا دستاويز هٿ آيا آهن جيڪي عدالت ۾ پيش ڪيا ويندا.